ڏوئِي
سنڌي سڀِيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر
الطاف جوکيو
باهه تي رکيل ديڳڙيءَ/ ڪُنِيءَ ۾ کاڌي کي گهمائڻ ۽ پوءِ
ان مان پڪل ٻوڙ کي ڪڍڻ وارِي وَٿُ (شيءِ) جو نالو ’ڏوئِي‘ آهي. ڪيبچيءَ/ ڪيوِليءَ/
چمچي جو به ڪم ساڳيو آهي، پر هن کي ڪيبچي يا چمچو به نه چئبو. بس هيءَ ڏوئي
آهي، جيڪا سراسر ڪاٺ مان ٺھي ٿي. هيءُ
لفظ، ونڊڻ ورهائڻ جي مراد ۾ پڻ ڪم ايندو آهي.
عام طور ڪنھن شيءَ کي سڌو وات پھچائڻ جو ڪم ڪندڙ کي
’چمچو‘ چئجي ٿو، ليڪن اسان جي گهر ۾ ’چمچو‘ ڪنھن ڌات جي ٺھيل ڏوئِيءَ کي چيو ويندو
آهي ۽ ’چَمچِي‘ وري ننڍڙي وَٿُ کي چيو ويندو آهي. پراڻي وقت ۾ اهڙو چَمچِيءَ وارو ڪم
’سپِي‘ جي کوپي کان ورتو ويندو هئو. حڪيمن وٽ به دوا جي ماترا لاءِ سپِيءَ جو لفظ ڪم
آڻيندا هئا. ان بعد اها وٿُ ڌات مان ٺھڻ لڳي. آسودا ماڻهو، اهڙيون چمچيُون وري سون
چانديءَ مان ٺھرائيندا هئا. هاڻي ته اهڙيون عام ٿي ويون آهن، جو هر قسم جي ڌات،
پلاسٽڪ وغيره مان ٺھي گهرن تائين پھچن ٿيون.
ڏوئيءَ جي گهرج تڏهن کان آئي هوندي، جڏهن کان انسان جيئڻ
۽ کائڻ پيئڻ لاءِ رڌ پچاءُ سکيو هوندو. رڌ پچاءَ ۾ هيءَ اهم وَٿ آهي. دنيا جي سڀني
ملڪن ۾ ڏوئيءَ جي بيھڪ ڪاٺ سان ئي ٿي هوندي. ممڪن آهي ته ڪا پٿر جي به ڪٿي جوڙي
ويئي هجي. سنڌ ۾ ڏوئِي اوائلي سَنڊرُ (ٿانءُ يا اوزار) آهي، جنھن جو لاڳاپو ماڻهن
جي رڌ پچاءَ ۽ کائڻ پيئڻ سان رهيو آهي. ٻين هنڌن ته اَوَس هوندي، پر سنڌ ۾ هن جي ڪنھن
سڃاڻپ ڪرائي، اهڙو سوال توڻي جواب ڏيڻ وٺڻ ئي بي تُڪو آهي. بس اهوئي چئبو ته هيءَ ڊکڻ
ٺاهي. ها، البت اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته ڊکڻ ڪيئن ٺاهي!
ڊکڻ ڏيڍ فوٽ ڊگهي ۽ ٽي انچ ويڪري اهڙي ڪاٺي کڻندو، جنھن
جي هڪ پاسي منھن ٺاهڻو هوندس، ته ٻئي پاسي ڳنُ بيھارڻو اٿس. گهڻي ڀاڱي اهڙي ڪاٺي کڻندو،
جنھن جو هڪ پاسو ويڪرو هجي ۽ ٻيو پاسو سوڙهو هجي. يعني اهڙي ڪاٺي ڪونه وڃائيندو،
جنھن جا ويڪر ۾ ٻئي منھن برابر هجن. لائيندس جَنڊِيءَ تي، ان لاءِ جنڊِيءَ جي ٻنهي
پاسن جون نوڪون ڪاٺيءَ ۾ ڀيچي، جنڊِي هلائيندو. اڳي ته جنڊي هٿ تي هلائبي هئي، جنڊيءَ
جي چڪريءَ ۾ ڏور ٻڌل هوندي هئي، ان کي کاٻي هٿ وسيلي هڪ لٺ سان هلائيندو ويندو ۽
هوڏانھن نوڪن ۾ ڀيچيل ڪاٺي ڦرندي، جيئن ڪاٺي ڦرندي، ٽن انچن کان سَوايو ڇڏي، ان ۾
جنڊيءَ جي رنبِي هڪ مقرر جڳھه تي رکندو ته اضافي ڪاٺ جو حصو، ڪٽجندو ويندو ۽ گهربل
شڪل وٺندو ويندو. تان جو ڪاٺيءَ جي سنهي پاسي هڪ فوٽ کن گول ڳن بيھاريندو، ڇيڙي
کان گولو به رکندس، ته جيئن ڳن وارو پاسو چٽو ٿي بيھي. جڏهن ڳن ٺھي راس ٿيندو ته
جنڊيءَ مان ڪڍي وٺندس ۽ منھن واري پاسي کي واهولي ۽ رنبيءَ سان ويندو گول ڪٽيندو ۽
ڏوئيءَ جو گهٻُ وري اڌ گول رنبيءَ سان ويندو رهڙيندو. آخر ۾ ريگمال وغيره گهمائي
لسائي ڏيندس. گسائي گهڙي، نيٺ وڃي چوڏهن انچ بيھاريندس. هاڻي ڏوئي ڏسڻ جھڙي ٿي
ويئي. ڪي ته وري ان کي چمڪائڻ لاءِ مختلف قسمن جو تيل به ڪم آڻيندا آهن.
گهر ۾ ڏوئيءَ جا ٽي اهم قسم ته ڏٺا، باقي ڪشموري ڏوئي هڪ
دوست وٽ ڏٺي، ممڪن آهي ته ان کان سواءِ به ڪي نمونا هجن. وري علائقن آهر، الڳ الڳ ڀير،
اها سنڌي سڀيتا جي سونھن آهي. عام گول ڦڻ واري ڏوئي، ته جتي ڪٿي ٿيندي آهي. ٻي: ڏوئِلو/
ٽِڪورِي/ کاڏيارِي ڏوئي، ٽين ڏوئِڙو، گيھه يا کٽاڻ وغيره ڪڍڻ لاءِ ۽ چوٿون نمونو ڏٺو،
جنھن کي ’ڪشموري ڏوئي‘ ڪوٺيندا آهن. عام ڏوئيءَ جي ڦڻ ته بلڪل گول ئي رکي ويندي
آهي، رڳو ڳَنَ وٽان ان جي گولائي مليل ٿئي ٿي، ان جو ڳنُ فوٽ کن رکجي ٿو. باقي ٽِڪورِي/
کاڏيارِي ڏوئيءَ جي ڦَڻ، مُنھَن ۾ ٿوري ويڪري، ۽ ڳنَ وٽان ان جي کاڏي ٽِڪُنڊي ۽ ٻُڪ
ٿورو اونهو رکيو ويندو آهي ۽ ڳنُ، گول هجڻ بدران، چپترو هوندو اٿس. هيءُ ڏوئِلو/ ٽِڪورِي/
کاڏياري ڏوئيءَ جو نمونو، ساهتي پرڳڻي جو سڏبو آهي. اها ڏوئي وڏن ديڳڙن ۾ ڪم ايندي
آهي، ان لاءِ اُن جو ڳن به ٻه فوٽن کان سوايو هوندو آهي. ٽِڪورِي ڏوئِي وري گهر ۾ ڪڻڪ
جي ڏاري جو مٺو ڀتُ وغيره ٺاهبو هئو ته ان ۾ ڪم ايندي هئي. مون کي ياد آهي ته هفتي
يا ٻئي هفتي امڙ ڪڻڪ جي ڏاري جو ڳڙ سان مٺو ڀتُ چاڙهيندي هئي، پوءِ مون کي چوندي
هئي ته ٻاهر بيھي رڳو ٻارن کي ٻڌاءِ ته پاڻهي اچي ويندا. پوءِ ٻارن جا ڊَلَ اچي گڏ
ٿيندا، اهڙا به جيڪي ڏيڍ سال جا مس پنڌ ڪرڻ سکيا هجن. ٻارن جي اچڻ سان اسان کي به
رونشو لڳندو هئو، پوءِ ڪنھن کي لانڍَ ۾ بيھارڻ لاءِ دڙڪو ڏنو، ڪنھن جي همراهي ڪئي،
مطلب ته ايئن لڳندو هئو، ڄڻ ته ڪو عيد جو ڏهاڙو هجي! پوءِ امڙ اهو ڏاري جو مٺو پٽڙو
ڀت، هرهڪ کي، بسم اللّـہ چوندي، هڪ هڪ ٽِڪورِي/ کاڏيارِي ڏوئيءَ جو ڀري ڏيندي هئي،
جيڪو ٿالهيءَ تي پکڙجي، گنج لڳندو هئو. اهو ساڳيو ڀت، ٿورو بچائي رکي ڇڏيندي هئي،
جڏهن ڄمندو هئو ته آڱر سان کائڻ جي سواد جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي، سبحان الله!
ٽين ڏوئي، عام ڏوئيءَ وانگر، ماڳھين ننڍڙي ٿيندي آهي. ان
جو ڦر/ منھن مس ٻه يا ڏيڍ انچ ۽ ڳن اڌ فوٽ کان سوايو رکيو ويندو آهي، جيڪا گهڻي
قدر، گيھه يا کٽاڻ وغيره ڪڍڻ ۾ ڪم ايندي آهي. چوٿِين وري ڪشموري نالي سان سڏبي
آهي، جنھن جو ڳن گهڻي ڀاڱي ڏيڍ فوٽ، ۽ ڦر ننڍو، ٻُڪُ تراکڙو به پورو سارو، جيڪا ڪڻڪ
جي ڏاري يا جوئر جي ڀت يا ڪڻڪ جي ڌامي وغيره جي ڀُڃڻ ۾ ڀلي لڳندي آهي. هن تي ڊکڻ
جو پورهيو ٿورو وڌيڪ هوندو آهي، ڳن به رنگين جنڊيءَ وارو، ڏسڻ وائسڻ ۾ سيبائتي!
ڏوئيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ٻَٻُر جو ڪاٺ ڪم آڻيندا آهن، باقي جيڪڏهن
ٽالهيءَ جي ڪاٺ مان ٺھي ته اصل وهه واهه! ان تي ڪاٺ ايترو ڪم ڪونه ٿو اچي، جيترو
پورهيو ڪرڻو پوي ٿو. ملهه به پورهيي جو هوندو آهي. آهي هڪ ننڍڙي ۽ سڙيل سُڪل وٿُ،
پر آهي وڏي ڪم جي! هاڻي جو ان جڳھه تي ڌات جا ٿانوَ نڪري پيا آهن ته اهڙيون ڏوئيون،
پنھنجي شڪل تبديل ڪري چمچن جي صورت ورتي اٿن؛ پر جيڪو مزو، سڪون ۽ ساهه صحت ڪاٺ
واري ڏوئيءَ ۾ آهي، سو چمچي ۾ ڪٿان! جيڪڏهن ٺڪر جي ڪُنِيءَ ۾ ڀاڄي، ٻوڙ يا ٻيو ڪجهه
هجي ۽ چمچو گهمايوس، ته چمچو ان ۾گهمائبو ته ڀلو، پر ڪُنِيءَ جي تَري ۾ رهنڊا ڏيئي،
اندر ليڪا ضرور ڪڍندس، بلڪ پيو کرچيندس. ڀلي ته ٺڪر جي ڪُنِيءَ ۾ ڪو داڳ ڪري ڏسو،
پوءِ ڏسو مزو ته ڪيئن نه ڪُنِيءَ جو اڇو منھن ٿو ڪري. وري جي ٽامي يا پتل جي ديڳڙي
کڻو ۽ ساڳيو داڳ ڪري، چمچو گهمائي ڏسو ته ضرور ان جي تَري کي به پيو رهڙيندو ۽ ان
جي اجائي ڪَسُ پيو لاهيندو. اهو ئي چمچو، ايئن ئي جست جي ديڳڙيءَ جا پيو ڪم
لاهيندو. اها ڳالهه مڃجي ٿي ته جسم کي لوهه، پتل، ٽامي ۽ جست جي پرماڻن جي به گهرج
پوي ٿي، ليڪن ايتري ڪونه ٿي پوي، جيتري چمچو کُرچي، ٻوڙ ڀاڄيءَ ۾ ملائي ٿو. اهي
پرماڻا ته کاڌن جي وٿُن مان به جسم کي ملي ويندا آهن. ڏوئيءَ جي ڀيٽ ۾ چمچو، سچي ڳالهه
ته سماج جي ماڻهن کي ڀلو به نه لڳو، تڏهن ته چاپلوس لاءِ چمچاگير جو لفظ يا وري
خود ’چمچو‘ به استعاري طور ڪم آڻيندا آهن، ڏوئيءَ لاءِ سماج ۾ اهڙي ورجيس ڪم نه
آئي آهي. البت ڀوڳن ۾ چئي وٺبو آهي ته هل ڙي، ڏوئيءَ مُنھان! اهو ان لاءِ ته ڏوئي
سڄو ڏينھن، سڻڀن کاڌن ۾ پئي آهي، ته به سدائين ڏٻري.
ڏوئيءَ جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي، منھن واري ڦَڻِ ٿوري کڻي ڳرندي،
باقي ڪُنِيءَ يا ديڳڙيءَ جا ترا ڪونه ڪڍندي، بلڪ اهڙي نموني تَري ۾ گهمندي، جو ڪو
چون چرا ئي نه ٿيندي. ڏوئي گهمائڻ سان اوڙي پاڙي کي به کڻڪ نه پوندي ته ڇا پيو ٿئي.
چمچو ڦرندو ته پيو گونجندو ۽ ڪَني سان لڳِي پيو جهانءِ ڪندو. ڏوئي ويچاري اهڙو گوڙ
ئي نه ڪندي. هاڻي ته ماڻهو، گهر ۾ ڏوئِي رکڻ کي ئي شان جي گهٽتائي سمجهيون ويٺا
آهن. ان هوندي به ڪافي گهرن ۾ اڄ به ڏوئِي ڪم آڻجي ٿي. زائفان ذات يا مرد ماڻهوءَ
مان به جنھن هڪ دفعو ڏوئي ڪم آندي، ته ان کان سواءِ سرندَس ئي ڪونه!
لوهه يا ڪا ٻي ڌاتِ اولارڻ بد سوڻي ليکي ويئي آهي، ليڪن ڪاٺ
اولاري سگهجي ٿو، ان حوالي سان ڏوئي اهڙو هٿَڻ به آهي، جو ٻار يا زائفان يا مرد کي
اولاري سگهجي ٿي. چند زائفن کي ڏوئي کڻي ٻارن
کي ڊوڙائيندي ڏٺو آهي. ڪي ويچارا مرد به اهڙي ڏوئيءَ جو سٽڪو کائي وٺندا آهن. باقي
ڏوئي اڇلائي هڻڻ ڪنھن کي ڏٺو ناهي.
ڏوئِي، ان انداز سان سادي سودي نموني ٺھندي رهي آهي، ليڪن
دور مٽجڻ ڪري، ڪافي نواڻ اچي چڪي آهي. هٿ کان وڌيڪ هاڻي مشينريءَ کان ڪم ورتو ٿو وڃي،
الڳ الڳ علائقن ۾ نيارا ۽ نرالا ڪاٺ جا نمونا آهن، ان سبب ڀلي ڪاٺ جي قسم مان به ڏوئيون
ٺھن ٿيون. اهڙيون پتڪڙيون ڏوئيون يا چمچيُون به ٺھن ٿيون، جن سان ننڍڙي ٻار کي کير
يا دوا به پيار سگهجي. مشينريءَ سان مختلف ڪاربن مان نڪري، اهڙي ته سونھن سوڀيا
پيدا ٿئي ٿي، جو ويھي ڏسجن. وري به سلام آهي انهن بنيادي ڊکڻن کي جن ان جي شڪل جو
بُڻ بڻياد رکيو، جنھن کان پوءِ اهو نمونو پيو ٿو هلي.
ساٺ سَوڻ ۾ به ڏوئيءَ جو استعمال ٿيندو رهيو آهي.
مِينھَن جو وسڪارو بيشڪ ڌڻي سڳوري جي مھر ماڙ آهي، خاص طور ٿر ۽ اڇڙي ٿر وارن جي
گهرج آهي، جيترو وسيو اوترو ٿورو. جيڪي خوشحال ۽ زرخيز علائقا آهن، انهن جي زمين ۾
پاڻي پيئڻ جي ايتري سگهه نه هوندي آهي، جو گهڻي مِينھن کي سَھي سگهي. ٻنيون ٻارا،
فصل ڦڙا، مال وٿاڻ سڀ گچڪو ٿي ويندا آهن. ان صورت ۾ مالوند ويچارا ٻاڏائيندا آهن
ته اي اسان جا پالڻھار، هاڻي هن مِينھَن کي بند ڪر! پر قدرت کي ته اهو ڪم ڪرڻو
هوندو آهي، جيڪو ٻانهي جي سمجهه کان ئي چڙهيل هجي. نيٺ، مرد يا زائفون گهر ۾ ئي ڏوئي
اونڌي ٽنگي ڇڏيندا آهن. ان لاءِ به اهو خيال هوندو اٿن، ته جيڪڏهن ساهه بند ڪري
اونڌي ڏوئي ٽنگجي ويئي ته مِينھن رڪجي ويندو. پوءِ آهي ته ڌڻي تعالى جي وَس،
مِينھَن کي روڪي يا روان رکي، پر ڪن هنڌن اهڙيون ڳالهيون به ٻڌيون ته جائي به،
مِينھُن رڪجي ٿو.
اها ته ٿي ابتي ڏوئي ٽنگڻ، پر ڪٿي وري سُبتي ڏوئي به ٽنگي
ويندي هئي. اهو ان لاءِ ته مِينھوڳيءَ ڪري، هن گهر ۾ دانگي يا ديڳڙي چاڙهڻ جي سگهه
ناهي، ان لاءِ چپ چپات ۾ جنھن کي واهر ڪرڻي آهي، سو ڪري وٺي. اهو انداز ايئن هئو،
جيئن کٽل واڻيو، ڏيوالو ڏيکارڻ لاءِ هَٽ تي يا گهر اڳيان ڏينھن جو، ڏيئا ٻاري
ويھندو هئو، ته جيئن لھڻي وارا تنگ نه ڪن ۽ جن کي ڪا همراهي ڪرڻي آهي، سي ان جي وٽِ
وراڻ ڪن. اها سبتي ڏوئي، دَر ٻاهران، وڻ تي، يا ڪنھن جي اک پوڻ واري هنڌ، لاچاريءَ
کان ٽنگبي هئي. پوءِ ٿيندو ايئن هئو، ته اوڙي پاڙي وارو حال سارو ٽيڪو ڪرائي ويندو
هئو. هاڻي ته ڀاءُ ڀاءُ کي بک تي ڏسندي به ڪھڪاءُ ڪونه ٿو کائي. جڏهن تعليم عام نه هئي، علم جو ايڏو چرچو به نه
هئو، ماڻهو ويچارا دين جي رڪنن تي به پورا نه هوندا هئا، بنھه سادا سودا، ليڪن
انهن ماڻهن ۾ اهڙي ڪَھَل سمايل هئي، جو گهر ويٺي غريب غربي، مسڪين لاچار ماڻهن جي
داڻي پاڻيءَ جي واهر ڪندا هئا. هاڻي علم، عقل ۽ فھم به جام آهي، ليڪن مَن ۾ ميرُ
اچي ويو آهي، دلي ڪَھَل جو ڪالُ پئجي ويو آهي. اڳيان ماڻهو اڪيلو کائيندي، اندر ئي
اندر ۾ کاڄندا هئا. هينئر سبتي ڏوئي ته ٺھيو، هيڏو سارو ڪپگيرُ ٽنگي ڇڏيو، مجال
آهي، جو ڪنھن جي سمجهه ڪم ڪري.
ڪافي ڳوٺن ۾ اڄ ۾ ڪي پرهيزگار مايون، چوريءَ جي پڌرائيءَ
لاءِ ڏوئيءَ تي ڦار وجهنديون آهن.
ايئن ڪونهي ته ڏوئيءَ کي رڳو مون ياد ڪيو آهي، ڪافي
شاعرن ان کي ڀلن لفظن ۾ ياد آهي. مولوي احمد ملاح جي هڪ نظم جون سٽرون آهن:
مالِڪ هِڪ جو مُلڪ سَڄو ئي، ڀانئج ڀائيوار نه ڪوئي،
کارائي پَر کائي نه سوئي، ڏاتر هَٿ ۾ ڏيھه جِي ڏوئي،
سَڀني پالي پالڻھار، ٻانهان، ٻئي دَر پاند مَ ڍار،
آگو تُنھنجو عالَم پار.
ان کان سواءِ سماجي ٻوليءَ ۾ به ان جو هڪ ڪارج آهي، چند
پروليون، اصطلاح ۽ پھاڪا پيش ڪجن ٿا:
پروليون:
• کائي کائي، پر نه ڍاپي. (ڀڃڻي:
ڏوئِي)
• کائي ٻوڙ پُلاءَ، پر سدائين ڏُٻرِي.
(ڀڃڻي: ڏوئِي)
• گهاٽي جهنگ ۾ ڏٺو نيزو، نيزي
مان ٿي نار تيار، ٽُپِي پئي ٿانوَ ۾، اڌ پُڇڙ ٻھار. (ڀڃڻي: ڏوئِي)
اصطلاح/
ورجيسون:
• ڏوئي ڍڪڻ گيھُه هئڻ (هر پاسي
فائدو هجڻ- سڀڪجهه حاصل ٿيڻ)
• جيئن ڀت ۾ ڏوئي (سک ئي سک هجڻ)
• ڏوڪڙ ڏوئي لڳڻ (تمام سستائي ٿيڻ)
• ڏوئڙي سان سرمو پائڻ (زندگي
گذارڻ جو ڍنگ نه هجڻ- ٺاهه ٺوهه جو افعال نه هجڻ)
• ڏوئيءَ سان ڏند ڀڃڻ (نفرت جو
اظھار ڪرڻ)
• ڏوئِي ڏيڻ (ڪا شيءِ نه ڇڏڻ)
پھاڪا
۽ چوڻيون:
• ڊکڻ گهرِ ڏوئي اڻلڀُ.
(پورهيت ۾ گهرو وٿُن کي سنڀالڻ جو افعال گهٽ هوندو آهي،
پوءِ ڪجهه غريبت سبب، ته ڪجهه وَٿُون ٺاهي، وڪڻڻ سبب)
• واڍي گهرِ، نه کٽ نه ڏوئي.
(پورهيت جي سستيءَ سبب، سندس ٺھيل وٿون گهر ۾ نه هونديون
يا وري هلڪي ڦلڪي شيءِ کي پيو گهر ۾ ڪم آڻيندو، ڍنگ واري ڪا شيءِ به پنھنجي لاءِ
نه هوندس)
• ڏاتر هٿ آهي، تنھنجي ڏوئِي.
(جيڪو ورهائڻ وارو آهي، ان کي به ڏيڻ وارو ڌڻي تعالى
آهي)
• جنھن جي هٿ ۾ ڏوئِي، دوزخ وڃي
سوئِي.
(ورهائڻ وارو جيڪڏهن نياءَ نه ڪندو، ته اهو دوزخي آهي)
• جنھن جي هٿ ۾ ڏوئِي، بک مري
سوئِي.
(ورهائڻ وارو جيڪڏهن ٻين جو خيال ڪندو، ته آخر ۾ بچي نه
بچي، ان جي پرواهه نه ڪندو)
• جنھن جي هٿ ۾ ڏوئِي، ڍَو هَڻي
سوئِي.
(ورهائڻ وارو جيڪڏهن هولِي هوندو، ته پھريائين پاڻ
کائيندو، يا لڪائي رکندو، پوءِ ٻين جي ڳَڻَ ڪندو)
• دل ديڳڙو، زبان ڏوئي، جيڪي
اندر ٻاهر سوئي.
(هر انسان کليل ڪتاب آهي، جيڪو اندر ۾ هوندو، سوئي زبان
مان پيو بکندو. من ڏونگهو، ڄڀ ڏوئي، هوندو جوئي نڪرندو سوئي)
• رَٻَ به محبت واري ڀَلي، جو
ميزبان سان گڏ، ڏوئي ۽ ڍڪڻ به پيا کِلن.
(مھمان به قرب جو بکيو)
• يا ڏوئِي ڍَڪڻ گيھه، يا کودو
ئي کوهه ۾.
(فائدو ٿيندو ته اڳوپو، جي نه ته صفا چٽُ)
• مارن وَٿُ، ڏونئرَن ڏوئِي.
(مسڪينن وٽان، سوکڙي طور ساديون شيون ملنديون آهن)
• بي هنر هٿ، گدائيءَ جي ڏوئِي.
(جنھن وٽ هنر يا ڪمائڻ جو اونو ناهي، اهو نيٺ پنڻ پنھنجو
پيشو بڻائيندو)
• ڏوئي کڻبي آهي، هٿن سڙڻ کان.
(ڏوئي وٺبي آهي، سھولت لاءِ، نه ڪي ڌَڪن کائڻ لاءِ)
• پَھَڻ جي ديڳڙيءَ لاءِ، لوهه جي ڏوئي ڪم آڻجي.
(ڏاڍي سان، ڏاڍو مڙس ٿي منھن ڏجي)
• ڏوئِي ڏِيمان جي هٿ ۾ آهي.
(ڏوئي ڪنجوسن جي هٿ ۾ آهي، هاڻي جيڪي مليو)
No comments:
Post a Comment