چُلهه جو مارنگ
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر
الطاف جوکيو
چُلهه جو تصور ته سڄي دنيا جي سڀيتائن ۾ رهيو آهي، پر سنڌي
سڀيتا جي چُلهه جو رنگ روپ ٿورو الڳ آهي. اسان وٽ چُلهه به ٺھي ٿي، ته وري ٽن
بونبن سان مارنگَ به ٿين ٿا، جن کي سيري پيري ديڳڙيءَ يا دانگيءَ/ ٿوٻيءَ/ تئي جي
ماپ سان پورو بيھاري، باهه تي ڪو کاڌو پچائي سگهجي.
رڌ پچاءَ لاءِ ڪنھن هنڌ تي مٽيءَ سان ٽي پاسا بند رکي، هڪ
پاسو کولي رکڻ، جتان ڪاٺيون وغيره رکي باهه ٻاري سگهجي ۽ مٿان ڪا ڪُنِي يا دانگي
وغيره رکي، کاڌو پچائجي ته ان هنڌ جوڙيل وٿُ کي ’چُلهِه‘ ٿو چئجي. چلهه جو تصور گهڻو
آڳاٽو آهي، جيڪو الڳ الڳ صورتن سان جيئرو رهندو پيو اچي. چلهِه سچ ته مارنگ جي سڌريل
صورت لڳي ٿي. آڳاٽي سمي ۾ ٽي هڪڙا پٿر يا ڀتر جا ٽڪرا ايئن رکبا هئا، جو ان تي ڪو ٿانءُ
رکي، کاڌو پچائي سگهجي. جيئن انساني زندگيءَ ۾ سڌارو ايندو ويو، تيئن شين يا وٿن ۾
به تبديلي ٿيندي رهي. پٿر يا ڀتر کان پوءِ سوڌي سنواري، گهڙي ٺاهي، ٽي هڪڙا بونبا ٺاهيا
ويا، جن کي ’مارنگَ‘ جو نالو ڏنو ويو. انهن مارنگن ۾ اها سھولت رهي ته ڪھڙي به ماپ
جو ٿانءُ رکڻ جي مھل ٿي پئي ويئي.
چُلهه ته ايئن ئي ٿئي ٿي، جيئن ٻين سماجن ۾ به جوڙي وڃي ٿي،
پر سيڙجي مارنگ ٺاهڻ جو ڀير ٻين سڀيتائن جي ڀيٽ ۾ نرالو رهيو آهي. عام طور ڪنھن به
هنڌ، ٽي سروٽا يا ٽي ڪچي يا پڪي سِرَ جا ٽوٽا رکي، وچ ۾ باهه ٻاري، ڪو کاڌو پچايو
ويندو آهي، ليڪن سنڌي سڀيتا ۾ اهڙن سروٽن يا سِرن جي ٽوٽن کي الڳ سان مٽيءَ جا
بونبا ٺاهي، سونھن خاطر چٽ يا اڪر جو ڪم ڪري، ڏاڍو مِٽيءَ جو ليئُه ڏيئي، ڪم آڻبو
ته اکيون ڏسي پيون ٺرنديون.
اڳي گهرن ۾ رڌڻا تمام وڏا هوندا هئا، جو سياري ۾ کٽون
وجهي به سمهي رهجي. اتي وچ تي اڍائي- ٽي فوٽ جي ماپ سان مِٽيءَ جو چَلهو ٺاهي، چوڌاري
اڌ فوٽ کن جو اُڀو ۽ ويڪرو ٻنوڙو ڏبو هئو، جنھن کي ’آڳِيٺي يا انگيٺي‘ ڪوٺبو آهي.
ان انگيٺيءَ ۾ ٻارڻ يا ڪاٺيون يا ڪو بُنڊ پيو هوندو هئو، جيڪو ڄڻ ته ڏينھن رات پيو
دکندو هئو. جيڪڏهن وسامي به ويندو هئو ته اوڙي پاڙي مان ٽانڊو هٿ ڪري، وري باهه
دُکائي وٺبو هئو. ان وچ ۾ ڪي چُلهه ٺاهي رکندا هئا ته ڪي وري مارنگ رکندا هئا.
چُلهه ان لاءِ نه رکندا هئا ته جيئن ڪو وڏو بنڊ وغيره ٻاري نه سگهبو. ان صورت ۾
مارنگ کان ڪم وٺندا هئا. مارنگ ڪم آڻڻ ۾ چُلهه کي وڏو ڪرڻ يا سوڙهو ڪرڻ جي سھولت
رهندي آهي.
گهرن يا اوطاقن ۾ انگيٺيءَ ۾ مارنگ رکي باهه تي ڪا شيءِ
رڌي پچائي سگهبي آهي؛ پر جيڪڏهن انهن کان سواءِ کليل باهه ٻاربي آهي ته ان کي بَٺُ
يعني باهه جو مَچُ چوندا آهن. ان بَٺَ جا ٻيا به نمونا ٿين ٿا، جيئن، ڀڳڙن ڀڃڻ
وارو بَٺُ، ماني پچائڻ وارو بَٺُ يا تنُورُ، کارِ چاڙهڻ وارو بَٺُ، ڌوٻين جو کُنڀ
وارو بَٺُ وغيره. بَٺو وري وڏي ويڪر ۾ هوندو آهي، جنھن ۾ سِرون وغيره پچائي سگهجن،
جڏهن ته ننڍي ماپ واري کي بَٺي چئبو آهي. سِرن پچائڻ واري باهه واري هنڌ کي کُورو
به چئبو آهي، جنھن جو اسم تصغير ’کُورِي‘ سڏجي ٿو. وڏي چُلهي يا بُٺ لاءِ ڀاڙِ لفظ
به ڪم ايندو آهي. ڪنڀر جي آوي/ نھائين به کوري وانگر بند باهه جو نمونو آهي.
جنھن وٿُ کي چُلهه جو مارنگُ ٿو چئجي، سو اصل ۾ هڪ ٽڪنڊي
نما بونبو هوندو آهي، جنھن جو هڪ پاسو ٿلهو ۽ ويڪرو هوندو آهي، ته ٻيو پاسو اڀو
بونبي سان بيھندو آهي. جيڪو پاسو ٿلهو ۽ ويڪرو هوندو، ان کي زمين تي رکبو ته ڦٻي
بيھندو ۽ جيڪو پاسو بونبي وارو اڀو هوندو، ان کي مٿان رکبو ته جيئن ڪُني يا ديڳڙي
رکي سگهجي، جڏهن ته پاسا سِر وانگر سڌا هوندا آهن. چلهه واري ڪم وٺڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي مارنگَ هجن. ٻن مارنگن سان
به هلڪي ڦلڪي ديڳڙي رکي ڪم ڪڍيو ويندو آهي، پر ٽن مارنگن جو ڪم مناسب آهي.
چُلهه ۾ به ٽي ننڍڙا بونبا رکبا آهن، جيڪا اصل ۾ مارنگ
جي سڌريل صورت آهي. باهه تڏهن ٻرندي، جڏهن ان ۾ هوا جو گذر هوندو، جيڪڏهن باهه ۾
هوا جو گذر نه ٿيندو آهي ته وقتي ڦوڪ ڏيئي به هوا جو گذر رکبو آهي، ته جيئن باهه سٺي
ٻَري. چُلهه ٺاهڻ لاءِ به ان جي مٿان ننڍڙا بونبا اڀا بيھاربا آهن ۽ مٿان پاسن کان
کليل هوندو آهي، ته جيئن هوا جو گذر رهي. مارنگ ۾ ته هيٺان کان مٿان تائين هوا جو
گذر بيھندو آهي.
اسان جي گهر ۾ ٻه وڏا هوادار ڪمرا هئا، جنھن جا چارئي
پاسا ويھه فوٽ جا هئا، هر ڀت ۾ روشندان، ۽ ٻه در دريون، جن مان هڪ ته اڃا آهي، ٻيو
ڪيرايو ويو. هڪ ڪمرو اسان جي بِلي هئو، ته ٻيو ڪمرو چاچي محمد جمن جي بِلي هئو.
چاچِي سَچُلِ ڪمري جي وچ تي انگيٺي ٺاهي رکي هئي، اتي مارنگ رکيل هئس، جن تي ماني وغيره
پچائيندي هئي. چانھه جو وڏو شوق هوندو هئس، ان ڪارڻ سندس چانھه جي ديڳڙي چڙهي پئي
هوندي هئي. ڪا مزمان مائي ايندي هئي ته ان ساڳئي کير ۽ ڳڙ ۾ رڳو پاڻيءَ جي لپ وڌائي
ڇڏيندي هئي. اڌ پاءُ کير ۾ ڇھه ست مايون پيئي وينديون هئيون. سندس ڪمري جي ڇت،
دونھين ڪري، سڄي ڪاري ڏسڻ ۾ ايندي هئي. گهڻو پوءِ جڏهن چوني جي پوچي ڏياريسين ته
به ڇت پنھنجي ڪاراڻ نه ڇڏي. لاچار ان کي ميٽوڻي لڳائي ويئي. ڇت يا ڀتين تي ڪاراڻ
ته رهي، ليڪن جيڪو مزو ۽ سڪون ڪمري ۾ کٽ يا منجِيءَ تي ويھي ماني کائڻ يا ڪچھري ڪرڻ
جو هوندو هئو، سو اسان واري رنڌڻي ۾ نه هئو. سرديءَ جو ڪمري ۾ باهه ٻرندي هئس ۽
اونھاري ۾ پڌر جي ڪنڊ ۾ ٻاهه ٻاريندي هئي. اهو ئي سندس رنڌڻو هئو. سندس چُلهه ۾ ٽانڊو
هوندو ئي هوندو هئو. گهڻي ڀاڱي، بچيل ٽانڊن کي ڇار ۾ ڍَڪي ڇڏيندي هئي ۽ گهرج تي ڪکن
ڇانڀن سان دکائي وٺندي هئي. گرميءَ ۾ وڌ ۾ وڌ مينھوڳي ٿيندي هئي، ته ڪمري ۾ ئي
باهه ٻاريندي هئي. هن سان ڪمري ۾ چُلهِه تي ويھندي ۽ ڪچھري ڪندي ڏاڍو سڪون ملندو
هئو. ان جي ڪمري ۾ چُلهه جو اهو انداز هئو ته هڪ مارنگُ، انگيٺيءَ جي ٻنوڙي ۾ ئي
سوگهو ٿيل هئو باقي ٻه مارنگ اڳتي پوئتي ڪندي هئي، يا وري ٽيئي مارنگ وچ تي رکي،
باهه دکائي رڌ پچاءُ ڪندي هئي. يعني هڪ مارنگ ٻنوڙي ۾ ئي لڳل، باقي ٽي مارنگ الڳ
الڳ! اسان کي اها خبر نه هئي ته ان کي مارنگ چئبو آهي، گهڻو پوءِ وڃي پتو پيو ته
اهي مارنگ آهن. انگيٺي ۽ مارنگن جي بيھڪ ۽ ليپي سان چمڪائڻ واري سنڀال مون اهڙي ڪٿي
ڪونه ڏٺي آهي.
امڙ به چُلهه کي سٺو سنڀاليندي هئي، ديڳڙي کي مِٽيءَ جو
ليئُه ڏبو ته چُلهه کي به ساري وٺبو، پر مارنگ رکيل نه هيا. گولائيءَ تي چُلهه ٺھيل،
مٿان بونبا، جن کي هفتي ٻئي هفتي مرمت جي مارَ هئي. چُلهه جي اڳيان ننڍڙو ٿلهو جن
جون وٽيُون مٽيءَ سان اڀيون ڪيل، ته جيئن ڇار وغيره چُلهه جي احاطي مان ٻاهر نه نڪري.
ڪاٺين جي باهه جو مزو وٺڻ لاءِ ٻن پاسن کان سِڻيءَ جون ٽپڻيون وڇايل هونديون
هئيون، جتي ويھي ماني کائبي هئي. ان باهه تي پڪل مانيءَ يا ٻوڙ جي سواد جي ڳالهه
چئي کڻي بس ڪجي! هاڻي ته گئس جي سھولت آهي پر کاڌن جا اهي سواد ڪونهن، بس پيٽ ڀرڻو
آهي. گرمين ۾ ته چُلهه تي ويھي ماني نه کائي سگهبي هئي، باقي جيئن ٿڌي مٺي رُت ٿئي،
تيئن چُلهه تي گهر ڀاتين سان، رات جو يا صبح جي نيرن، ويھي ماني کائڻ جو مزو، بيان
ڪرڻ کان ئي مٿي آهي. بابا سائينءَ کي هفتي هفتي ڏسبو هئو، اهو وري رات جي ماني کير
سان وڌيڪ پسند ڪندو هئو، پر پڪل مانيءَ کي چئن ٽڪرن ۾ ٽوڙي، ٽانڊن تي رکي، ڪڙڪ ڪري،
پوءِ کائيندو هئو. اسان کي وري اهڙي ماني مزو نه ڏيندي هئي. گهر ۾ دانگيءَ جو
استعمال نه ڏٺو، تئي تي ماني پچندي هئي، پر ان جو سواد به وسري ڪونه ٿو.
چُلهه ته کڻي ڪُني يا ڪنِيءَ جي ماپ آهر، ننڍڙي ماپ ۾
بيھارجي ٿي، پر جڏهن وڏيون ديڳيون پچن ٿيون، ته ان چُلهه کي ’چَرِي‘ ٿا ڪوٺين. اها
به عام ڳوٺن ۾ ٻن نمونن جي بيھاريندا آهن، هڪ: ديڳ جي ماپ آهر، چَرِي کوٽي، ان ۾
باهه ٻاري، ديڳ رکي، کاڌو پچايو ويندو
آهي، ٻيو: پڪيون يا ڪچيون سِرون رکي وڏو چُلهو بيھاريو ويندو آهي. راڌن جي چوڻ
موجب جيڪا چَري کوٽي باهه ٻارجي ٿي، ان ۾ باهه وڌيڪ سگهاري ۽ محفوظ رهي ٿي. هاڻي
ته لوهه جا چُلها يا گيس جا چُلها نڪري پيا آهن، پر ڳوٺن ۾ اهو ساڳيو نمونو ڏسڻ ۾
ايندو آهي.
دور گذرڻ سان چُلهيُن جا ڀير به مٽيا، پر چُلهه اها جيڪا
ڪچي مٽيءَ سان يا پڪي ٺھي ۽ ان ۾ ڪاٺيون ٻرن. باقي جيڪي ٻين نمونن ۾ ٺھن ٿيون ان
کي چُلهه نه بلڪ سِگرِي يا چُلهو سڏجي ٿو. هڪ وقت ۾ گاسليٽ تي به چُلهو هليو، جنھن
۾ سوٽي وَٽيُون پيل هونديون هيون، گهر ۾ ڪم به آندو ويو، پر مَھانگ ايڏو ٿيندو ويو
جو ماڻهن ان مان به هٿَ پٽيا. وري ڪاٺ جي ٻوري
جي سگري ٺاهي ويئي، جنھن ۾ صرف هڪ ڪاٺيءَ تي باهه ٻري ٿي، ليڪن اڳتي هلي، ٻُوري جي
اڻاٺ سبب، ان مان به هٿ پٽجي ويا. وري جو گيس جي سھولت ٿي، ته بٽڻن تي چولها ملڻ لڳا،
جيڪي اڄ سوڌو هلن پيا. ان باوجود چُلهه مُئي ناهي، ڳوٺن ۾ يا شوقينن وٽ اڄ به
چُلهه ٻري ٿي. ٻھراڙي ۾ اڄ به گهرن ۾ چُلهيون ٻرن ٿيون، هوٽلن تي به چُلهه ٻري ٿي،
ليڪن ان جو نمونو الڳ ٿئي ٿو. ان نموني جون چُلهيُون، اڙي اُڌيءَ ۾ گهرن ۾ ٺاهي
رکيون وينديون آهن، جنھن ۾ وڏيون ڪاٺيون يا باٺيون ته ٻاري نه سگهبيون، البت، ڪاٺ
جا ننڍڙا گُٽڪا آسانيءَ سان ٻاري سگهجن ٿا. مون
پاڻ لوهي ٻالٽيءَ ۾ اهڙيون چُلهيون ٺاهيون، جيڪي گٽڪن تي ٻري سگهن. ان ٻالٽي
۾ هيٺان هوا لاءِ کانچو رکبو آهي، ۽ وچ ۾ لوهي سيخون وجهبيون آهن، جن تي گٽڪا ٻرندا
آهن ۽ ڇار يا ڳرندڙ اڱر وڃي هيٺ ڪرندا آهن. ان کي اندران ڳوهيل مِٽيءَ سان ٺاهبو آهي ۽ مٿان مارنگن جي بدران بونبا
بيھاربا آهن. وچ ۾ مٽي هجڻ سبب، بالٽي به گرم نه ٿيندي آهي ۽ آسانيءَ سان اندر ٻاهر
به رکي سگهجي ٿي. هاڻي به توڻي جو گيس جي سھولت آهي، تڏهن به سياري جو گهر ۾ اها ٻالٽيءَ
واري چُلهه ٻاري ويندي آهي. مون کي ياد آهي ته 2012 ۾ آئرلينڊ جو هڪ ماحوليات جو
ماهر انگريز، اسي ورهين جو پوڙهو مسٽر ڪيرين (Mr. Carron)، اخلاق
جوکيي سان گڏ، اسان وٽ ننڍڙي گهر ۾ آيو، سياري جا ڏينھن هئا، اسان ان ٻالٽيءَ واري
چُلهه تي پئي هٿ سيڪيا، گهر ۾ ڪو ڪرسيءَ
تي ويٺو هو ته ڪو منجيءَ تي ڪو صندليءَ تي، ته هو به اچي ويٺو. ٻالٽيءَ ۾ گٽڪن جي
باهه ٻرندي ڏسي خوشيءَ مان چيائين: (oh wao, fire in bouquet) اڙي واهه، گلدستي ۾ باهه!
هاڻي به ڪنھن ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيندو آهي، جتي ڪاٺين جي باهه تي
ماني ۽ ٻوڙ پچندو آهي، سچ ته امڙ جي هٿن جي ماني ياد اچي ويندي آهي. اسان ماڻهن
سان اصل مسئلو اهو آهي ته اسان جا سواد يا ذائقا پراڻن کاڌن تي هريل آهن، ان ڪارڻ
جديد کاڌن جا نمونا ڏسندي ئي پيٽ ڀرجي ويندو آهي. بس مڙيئي لاچار کائي وٺندا
آهيون. دل گهرندي آهي ته وري ڪو چُلهين جو دور اچي، وري ڪي اهي چُلهين ۾ مارنگ ڏسجن
۽ اتي ئي ويھي ماني کائجي ۽ اهڙن دونھن جا واس وٺجن، جن سان وڏڙين جون يادون سلهاڙيل
آهن. هيءَ اها چُلهه آهي، جتي جيڪي ساڻ هوندا اهي هردم ساهه ۾ سانڍيل هوندا. اهڙن
خيالن جي اپٽار اسان جي ٻوليءَ ۾ به ٿئي ٿي. مارنگ ۽ چُلهه تي ڪافي پروليون،
اصطلاح ۽ پھاڪا آهن. شاعرن به مارنگ کي پنھنجي شاعريءَ جي سونھن بڻايو آهي، مولوي
احمد ملاح جو هڪ شعر هن ريت آهي:
اباڻا اڄ نه اڳئين هنڌ، ويا احمد اُٺي اُڪري،
کڻي مارنگ، وٺي مارڳ، ويا ٻئي ماڳ مانگيئڙا.
پروليون:
• گهر گهر ۾ ٽه- ٿَڻِي. (ڀڃڻي:
مارنگ واري چُلهه)
• لڏيندڙ لڏي ويا، ٽي ڪبوتر ڇڏي
ويا. (ڀڃڻي: مارنگ)
• ٻاڪو ڦاٽل ٻائِي ڏٺم، گهر گهر
وسڻ واري، پاڻي تپائي، تپسيا ڪري، شيوا ڪري سارِي، بدن ۾ ڀڀوتي ڌاري، چمڪي ٿي چوڌاري،
واهه جي جوڳڻ، بنا ڀوڳڻ، مٿن ٽن وارِي. (ڏٺ پرولي. ڀڇڻي: چُلهه)
پيراڻي
ڀنڀري جا ٻول:
• وڃان وڃان واٽ وٺي ته ڏٺم بصر
۽ بونبو، گهڙي ويس گهر ۾، ڪٽيئون منھنجو ڍونگو.
سگهڙن
جا ٻول:
• عورت جون مرڪ، چيزون چار، چڪي،
چلھ، چرخو ۽ چادر. (عورت گهر جي سونھن آهي، ان لاءِ جنڊ پيھڻ، رڌ پچاءُ ڪرڻ، ڪپڙو
اڻڻ ۽ سبڻ، پردو ڪرڻ لازمي آهي)
• چلھ ۾ اماڙي، رنڙ کي جوءِ
پياري. (ٻول)
اصطلاح
۽ پھاڪا:
• گرهه گهٽ ته به چُلهه وٽ.
(پنھنجن سان گڏ کائڻ ۾ سڪون آهي)
• جيڪو چُلهه تي، سو دل تي. (جيڪو
گڏ هوندو، سوئي عزيز هوندو)
• پاڙي جو پيرُ، چُلهه جو
مارنگُ. (ويجهي عزيز يا بزرگ جي اهميت گهٽ هوندي آهي)
• جنھن چلھه تي کائجي، ان ۾ نه
مُٽجي. (چڱائي ڪندڙ سان برائي نه ڪجي)
• مان به سسُ، تون به سسُ، پوءِ
چلهه تان ديڳڙو ڪير لاهيندو؟ (عمر نسبت ڪم ورهائي کڻبا آهن)
• چور جي ماءُ، چلھ پٺيان روئي.
(چور، ٻين جا مال چورائي، دشمني پالي ٿو، جنھنڪري ٻيا سندس رستا بند ڪن ٿا، جن جو
اثر چور جي گهر اندر ماءُ ڀيڻ تي به پوي ٿو)
• پنھنجو ديڳڙو، پنھنجي چلهه تي
سٺو رجهي. (پنھنجي شيءِ ۾ سک ئي سک آهي. پرائي دانگيءَ تي پنھنجي ماني نه ٿـڦجي)
• پنھنجي ٻارجي، پنھنجي چاڙھجي؛
پرائي چلھ تي ھٿ نه ساڙجي! (پنھنجي مالڪيءَ جو مزو ئي نرالو آهي)
• چلھه، اَڱرين نه ڍاپي. (هٻڇي
ماڻهوءَ جي هٻڇ نه لھندي)
• چلھه کان سواءِ چوري ڪين ٿيندي.
(پنھنجي جي شرارت کان سواءِ، ٻيو هلان نه ڪندو)
• سھراب خان جي بٺي، هر ڪو شخص
اچي وٺي. (خيرپور ميرس جو مير سھراب خان، سخي مڙس ھيو. سندس بٺِي پئي ھلندي ھئي.
آئي وئي کي ماني ٽڪي پئي ملندي ھئي)
• چُلهه مُٽڻو (بي حياءُ ماڻهو)
• چُلهه ٻَرڻ (مھمانوازي ڪرڻ)
• هڪ چُلهه هجڻ (گڏيل ڪٽنب هجڻ)
• اک چُلهه هجڻ (ڪاڻو هجڻ- اک ۾
تارو ئي نه هجڻ)
• بُٺِ پوَڻ (بيزاري ڏيکارڻ)
• اڪيلو چڻو، ڪھڙا بَٺَ ڀريندو.
(اڪيلي جي ڪا حيثيت ناهي)
• هڪڙو چڻو، نه مَٽَ ڀري، نه بٺ
ڀري. (هيڪلي کان ترقي نه ٿيندي)
• ماءُ باٺاري، پٽ فتح خان. ( سڃو
ماڻهو، ماءُ جي ڪمائيءَ تي معتبري ڪندو)
• بکئي کي بَٺُ به ڏور. (بکيي
ماڻهوءَ لاءِ انتظار به ڏکيو)
• جنڊ به وار، بٺ به وار، دنيا
جو آهي، هيءُ وهنوار. (هر ڪم واري وٽيءَ سان ڪبو ته نبرندو، ٻي صورت ۾ بگڙندو)
• مُٽِي ميرڻ شاھ، چڻگ نه بچائي
چُلھ ۾. (رتوديري جي چوڻي)
• ڪاٺ جو ڪنو، چلھ تي نه چڙهي.
(هر شيءِ يا ماڻهوءَ کان سھائيندڙ ڪم وٺجي)
• چلهه تي چڙهيو ويٺو ھجڻ (گڏ
گذارڻ)
• چلھ مان نڪري بٺيءَ ۾ پوڻ.
(ننڍي مصيبت مان نڪري وڏيءَ ۾ پوَڻ)
• ڪنواري بادشاهي، مڱڻي پئي ڦاهي، پرڻي کان پوءِ، ٿيو چلهه جو واهي. (چوڻي)
thanx for sharing
ReplyDelete