Sunday, October 22, 2023

ٽويو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ٽويو (ماپو)

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌ جي هڪ نرالي ۽ الڳ ٿلڳ سڀيتا رهي آهي. ان لحاظ کان مختلف تور ماپن جا ماڻ به رهيا، جيڪي وقت گذرڻ سان ويا ڌنڌلا ٿيندا. ويجهي زماني ۾ ئي پاءَ، سيرَ، مڻَ ويا ته وري گرامن ۾ تور جو دور اچي ويو. فوٽ، وال، ميل ويا ته وري ميٽرن کي وارو ملي ويو. پاڻياٺ جي ماپ به سيرن ۽ گيلن ۾ ٿيندي هئي، سا به لٽر سان مٽجي ويئي. هاڻي گيلن بس، پلاسٽڪ جي دٻي يا گهگهيءَ کي ٿو چئجي. اڳتي هلي شايد گرام، ميٽر ۽ لٽر وارو دور به مٽجي وڃي ۽ ان بدران وري ڪو ٻيو ماپ تور جو نظام اچي. پنجن، ڏهن، ويھن ۽ سَوَن (جھڙي پنج ويھون، تھڙو سَو) واري ڳڻپ به ڏهائي سسٽم سان بدلجي ويئي. اڃا اڳتي ڇا ٿيڻو آهي، ان بابت ڪو پتو ناهي.

ڪڙٻ جا به ماپا هوندا هئا، مثال طور: پنج ڪانا (مُٺ)، پنج مُٺيون (سَٿري)، پنج سَٿريُون (بَندُ)، پنج بَند (ڀَري)، پوءِ پنجاهه يا سَو ڀريون گڏ ڪري، ان کي کرو چوندا هئا، جيڪو پوءِ هاري ۽ حقدار پاڻ ۾ ورهائيندو هئو.  ايئن گاهه  (ڀاڪر ۽ ڀري) وغيره جا ماڻ ماپا رکبا هئا. ڪڇڻ جا ماپا (آڱر، ڇاڙڪي، هٿ، والُ/ آڱر، ڇاڙڪي، ٻاڪَ، گرانٺ، هٿ ۽ وال) به هئا، پنڌ جا ماپا (رکَ، قدم، سَڏُ- ميل- ڪوهه، جرجن) بيھاريل هئا.



 وري چوٿڙي- پاٽيءَ کان اڳ، ڀرپَ جو هڪ الڳ به ماپو هئو، جيئن: ڏيڍ ٽوئڙو (هڪ پڻڪِي)، پنج پڻڪيُون (هڪ درِي)، ڇھه پڻڪيون (هڪ ڪاسو)، ڇھه ڪاسا (ٽوڪو)، سٺ ڪاسا (هڪ کاهي). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان بابت ڪافي سگهڙن ۽ ڄاڻن سان ڪچھريون ڪيون، هن جيڪي ماڻ ڏسيا آهن، ان موجب مختلف علائقن ۾ پِڻِڪيءَ جو الڳ ماڻ به رهيو آهي، ’ضلعي سکر ۽ ان جي اوڀر واري ڀاڱي پٽاندر: چار ٽويا (هڪ پڻڪي)، چار پڻڪيون (هڪ ٽوپو)، چار ٽوپا (هڪ پائي)، چار پايون (هڪ چوٺَ)، پندرهن چوٺون (هڪ خرار)‘. روهڙيءَ جي آسپاس: چار ٽويا (هڪ پڻڪي)، چار پڻڪيون (هڪ دري)، چار دريون (پائي)، چار پايون (هڪ ٽوپو)، ڏهه ٽوپا (هڪ خرار). خيرپور، لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد جي پاسي: چار چوٿايون (هڪ پڻڪي)، چار پڻڪيون (هڪ دَري)، چار دريون (هڪ ڪاسو)، چار ڪاسا (هڪ ٽوڪو)، ڏهه ٽوڪا (هڪ خرار). لاڙ ۾ شھدادپوري ماڻ آهر: چار چوٿايون (هڪ پاٽي)، چار پاٽيون (هڪ ٽويو)، چار ٽويا (هڪ ڪاسو)، چوويھه ڪاسا (هڪ خرار). ڪڇ جي پاسي: چار چوٿايون (هڪ پاٽي)، چار پاٽيون (اڌ ماڻو)، اٺ پاٽيون (هڪ ماڻ)، چار ماڻ (هڪ سَئِي)، ٻه سَئون (هڪ چوٿو)، اٺ چوٿايون (هڪ ڪَرسِي)، جيئن خرار سنڌ ۾ وڏو ماڻ، تيئن ڪڇ ۾ڪَرسي وڏو ماڻ هئو. هينئر ته هر پاسي ڪِلا لڳا پيا آهن. ايئن ئي ’ڀَرپَ جا ماپا‘ هئا، جن ذريعي اَن يا ٻين جنسن جا ڪَڻا ماپيا ويندا هئا.

عام ڄاڻ ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل ڄاڻ مان اهو پتو پوي ٿو، سنڌ مختلف پرڳڻن ۾، الڳ الڳ ڀرپ جي ماڻَ جي پَرک رکيل هوندي هئي. ان لاءِ ان تي ڪوبه ليڪو ڪڍي ڪونه ٿو سگهجي. باقي عام ماڻَ ماپي جي هڪ گڏيل پَرک هئي، جيڪا درسي کوڙن ۾ ڏسيل هئي.

چوٿِڙو/ چوٿائي، پاٽِي، ٽويو، ڪاسو ۽ خرار، خرار کي ڇڏي باقي گهڻي ڀاڱي ڪاٺ جا ٺھيل هوندا هئا، شايد ڪن گهرن ۾ ٻيءَ ڌات جا به هجن. ويجهي دور ۾ اهي ماپڻ جا ماڻَ ڏٺا، گهر ۾ ئي موجود هئا، جيڪي پوءِ گلاسن تي اچي بيٺا. چوٿڙو ۽ پاٽي، جيئن مون ڏٺي، ته ڪاٺ جي، جَنڊِيءَ تي لٿل هوندي هئي، هيٺان بلڪل تراکڙي، باقي ڪاٺ جو ٺھيل ٽويو اکين سان نه ڏٺو، ليڪن تصويرن ۾ ڏسجي ٿو ته اهو هيٺان ٿورو ويھڪڙو ۽ پيالي وانگر گولائيءَ تي ٿئي ٿو. گهر ۾ چوٿڙو ته عام هئو، پاٽي به ڪم آندي ويندي هئي، ٽويو به ڏٺو، ليڪن ڪُٽ جي ڌات جو ٺھيل هئو، باقي ڪاسي جي سانڀر ناهي. عام طور گهر ۾ ڀاتين جي ليکي سان چانور چڙهندا هئا، يا مانيون پچنديون هئيون ته ان جو ماپو، چوٿڙو هوندو هئو. سادا ڏارو چانور، جن ۾ جيڪڏهن پاڻي گهڻو وجهبو هئو ته اهي وڌي ويندا هئا، ته ان لحاظ کان هڪ چوٿڙو، ٻن گهر ڀاتين جي ماپ سان ڪڍبو هئو. اٽو ڪڍبو هئو ته هرهڪ ڀاتيءَ لاءِ اڌ چوٿڙي جو اندازو رکيو ويندو هئو. گهر ۾ اٽو، هڪ ٺڪر جي تَس ۾ پيو هوندو هئو، ان جي مٿان جستي ٿالهي ڏنل هوندي هئي. چانور، ارڙهن سيرن واري دٻي ۾ رکبا هئا، جنھن کي هٿرادو لوهر جو ڍَڪُ ڏنل هوندو هئو. ٻنهي ۾ چوٿڙا پيا هوندا هئا. اٽي واري تَس ۾ هڪ پراڻو ڪاٺ جو چوٿڙو، جنھن کي ڪناريءَ وٽان پَٽرُ چڙهيل هوندو هئو ۽ دٻي ۾ وري نئون رنگين جنڊيءَ لٿل چوٿڙو پيو هوندو هئو. باقي پاٽي ۽ ٽويو (ڪُٽِ جو) پاسي سان پيا هوندا هئا، ليڪن ان کي ڪم نه آندو ويندو هئو. وقت سان ويا ڀَڄي ڀُري. ڪُٽ جو ٽويو وري ڀڳ ۾ ڏيئي، ٻيا نوان جستي ٿانوَ اچي ويا.

ٽويو، لفظ اصطلاحي طور ’ڀاڱو‘ لاءِ به ڪم ايندو هئو، ته ’اَن مان فلاڻي جو ٽويو ڪڍڻو آهي‘، يعني وَنڊي ڪڍبي هئي، جيڪا دل جو صدقو سمجهي ويندي هئي. ماڻهو اهڙي ونڊِي ڪڍڻ ۾ دل مَن ڏاڍو سرها ٿيندا هئا. ايتري خوشحالي به نه هئي، پر اندر ۾ خوشحالي هوندي هيَن. ڀاڱو اَن مان ڪڍبو هئو، اَٽي يا ٻاٽ مان نه!

چوٿِڙو/ چوٿائي، پاٽِي، ٽويو، ڪاسو ۽ خرار تائين، ڀَرَپَ جا ماڻ ماپا صفا ليڪو ڪونه هئا، بلڪ ان ۾ لچڪ هوندي هئي، ڪَٿَ هوندي هئي. ماڻهو هروڀرو ذري ذري تي ساهه نه ڏيندا هئا، جيئن هينئر ڪمپيوٽرائيزڊ ڪانٽا لڳا پيا آهن، مجال جو هڪ داڻو وڌيڪ وڃي. رهندو ملاوت ڪري، ماترا پوري ڪبي. اڳيان ماڻهو، جڏهن پاٽيون ۽ ٽويا ڀريندا هئا ته لپ هيڏي ويئي، يا هوڏي ويئي ان تي ڪو خيال نه ڪندا هئا. اڄ به اوڙي پاڙي ۾ اڌاري اٽي ٻاٽ لاءِ اهڙا ٿانوَ ڀري ڏجن ٿا ۽ وري ساڳيا ڀري موٽائجن ٿا. جيڪڏهن انهن جي ڏي وٺ کي ڪمپيوٽرائيزڊ تور ڪرائجي ته منھنجي خيال ۾ چوٿين ڀاڱي جيترو فرق ضرور ايندو. ڏيڻ وارو ديڳڙي اٽي جي زور ڏيئي ڀري ڏيندو، موٽائڻ وارو اڦونگرو اٽو وجهي، موٽائيندو؛ پر انهن ڳالهين کي نه ته ڏسجي ٿو ۽ نه وري چٽاڀيٽيون ڪجن ٿيون. مون کي ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ هڪ هندستاني ڀائرن جي گهر ۾ هڪ مائيءَ کان اٽو اڌارو وٺڻ ويم، مون کي ٻاٽلو (هيٺان تراکڙو) ساڻ هئو. ڏيڻ واريءَ ته ڏنو، پر وڏي کڦڙتال ۾ پئجي ويئي، اٿي ڪمري ۾ ويئي، تارازي ۽ وَٽُ کڻي آئي، توري هڪ سيرُ ٻاٽلي ۾ وڌائين، وري ٻيو سيرُ توري کڻي ان ۾ وجهي ۽ مون کي مٿي تي کڻايائين. مون ڏٺو ته اهو ٻاٽلو، ڀَرپَ ۾ ڄڻ مُنو ڏسڻ ۾ آيو. جڏهن ٻئي ڏينھن موٽائڻ ويومانس، ته امڙ ساڳيو ٻاٽلو ڀري ڏنو، ڏسي کڻي، پنھنجي دَٻي ۾ وجهي ڇڏيائين. چيومانس ته ’ڪيون تولتي نھين هو‘، چيائين، ’بس، بيٽا، خير هي.‘ سو سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهڙو عقل به انهن اچي ڏنو ته ڏيو توري، وٺو ڪَٿَ سان! انهن ڀائرن جي اچڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ساڳيو نه رهيو.

باقي 1975 کان اڳ پرائمريءَ ۾ جيڪي جدولون پڙهندا هياسين، ان ۾ ڀَرَپ جا ماڻ ۽ ماپا: چوٿڙي، پاٽيءَ، ٽويي، ڪاسي ۽ خرار جي جدول پڙهائي ويندي هئي، جيڪا هن ريت آهي:

• چار چوٿڙا، برابر آهن، هڪ پاٽِيءَ جي،

• چار پاٽيون، برابر آهن، هڪ ٽويي جي،

• چار ٽويا، برابر آهن، هڪ ڪاسي جي،

• سٺ ڪاسا، برابر آهن، هڪ خرار جي.

ان ليکي هيٺ، زباني حساب پٽاندر، هرهڪ جو الڳ ماپو ياد ڪبو هئو ۽ هيٺينءَ ريت ٻڌائبو هئو.

• هڪ پاٽِيءَ ۾گهڻا چوٿڙا؟ (جواب: چار چوٿڙا)

• هڪ ٽويي ۾ گهڻا چوٿڙا؟ (جواب: سورهن چوٿڙا)

• هڪ ڪاسي ۾ گهڻا چوٿڙا؟ (جواب: چوهٺ چوٿڙا)

• هڪ خرار ۾ گهڻا چوٿڙا؟ (جواب: ٽي هزار، اٺ سَو، چاليھه چوٿڙا)

• هڪ ٽويي ۾ گهڻيون پاٽيُون؟ (جواب: چار پاٽيون)

• هڪ ڪاسي ۾ گهڻيون پاٽيُون؟ (جواب: سورهن)

• هڪ خرار ۾ گهڻيون پاٽيُون؟ (جواب: نوَ سَو سٺ)

• هڪ ڪاسي ۾ گهڻا ٽويا؟ (جواب: چار ٽويا)

• هڪ خرار ۾ گهڻا ٽويا؟ (جواب: ٻه سَو چاليھه ٽويا)

• هڪ خرار ۾ گهڻا ڪاسا؟ (جواب: سٺ)

هڪ اندازي موجب، چوٿڙو، پاءَ جو ٿئي پيو، پاٽي، سير جي ويجهو هئي، ٽويو، چئن سيرن سان ڪنُ هڻندو هئو. پِڻڪِي وري ڇھن سيرن جيتري هوندي. هينئر به ماڻهو ان جي ڀيٽ گرامن ۾ ڪندا آهن؛ پر دراصل، تورَ ۽ ڀَرَپَ جو ماڻ الڳ الڳ مامرو آهي. ان لاءِ جيڪي به ٻڌايو پيو وڃي، سي سڀ هڪڙا اندازا آهن. اهو ان سوچ کان ٿو چئجي ته جنسن جي حساب سان خرار جا به الڳ ماڻ ماپا هئا، جيئن: ڪڻڪ جا، خرار ۾سٺ ڪاسا ٿيندا؛ جوئر جا، خرار ۾ پنجونجاهه ڪاسا ٿيندا؛ سارين جا، خرار ۾ پنجاهه ڪاسا ٿيندا. ايئن وري جيڪڏهن سائون هوندو ته ان جا خرار ۾ وري مختلف ڪاسا ٿيندا. اهو انداز جنسن جي ڪَڻي جي ٿولهه، ويڪر ۽ ڊيگهه تي آهي.

اهي ان دور جا ماڻ ماپا آهن، جڏهن جنس ڏيئي جنس وٺبي هئي، پيسي جي ڏيتي ليتي ڪونه هئي. ماڻهو هڪٻئي لاءِ ڪمائيندو هئو. هر ڪڙمي/ هاريءَ تي مختلف پورهيتن سيرب وٺندڙ، ڪنڀر، لوهر، موچي، مڱڻھار وغيره جا ٽويا رکيل هوندا هئا. ان ۾ ڪوبه بک تي نه ويھندو هئو، هاڻي ته ماڻهو نئين سرشتي ۾ لاچار ٿي ويو آهي.

جيڪڏهن هن دور ۾ ڏسجي، ته جن پراڻن ماڻهن، ڪَڻن جو ٿلهي ليکي، ليکو ڪيو ٿي، سي هن دور واري تور ۾ ڪٿي ٿا، برابر بيھن! ان کان پوءِ اهو جڏهن نظام ئي ويو ته ليکا چوکا ئي ويا. ان بعد سيرَ ۽ مڻ جو حساب آيو، جنھن اڳئين سرشتي کي پراڻو ڪري ڇڏيو. تولو، ڇٽانگ، پاءُ، اڌ سير، سيرُ، اڍائي سيرَ (ڌَڙِي)، پنج سير، اڌ مڻ، مڻ ۽ وري ساڳيو خرار. ڪنھن ويري چوندا ته خرار ۾ پنجويھه مڻ ٿين ٿا، ته ڪنھن ويري چيو ٿو وڃي ته خرار ۾ چوويھه مڻ ٿين ٿا. هاڻي ته ڪو ڪمپيوٽرائڊ ڪانٽي تي رکي تورجي، ته ڳالهه سڌي ٿئي، باقي ڳالهه زور آهي.

ٽويي پاٽِيءَ واري جدول کي، پراڻا هاري ناري، اڄ به ان ليکي کي وڌيڪ سولو سمجهندا آهن، سيرَن مان به جند ڇڏائي نه سگهيا آهن. بھرحال، هتي ڳالهه ٽويي جي ڪجي ٿي، جيڪو اَن ڀَرپَ جي ماڻ جو مکيه ماپو آهي. جيڪڏهن اَن جي بَٽئي (ورهاست) ٿيندي، ته اڳي پيراڻو يا فقيراڻو ٽويو ڪڍبو هئو، ان کان پوءِ بَٽَئِي ٿيندي هئي. ان وچ ۾ به پير فقير آيو، يا ڪو مسڪين آيو ته ان جو به ٽويو نڪرندو هئو. ان کان پوءِ بَٽئِي! هاڻي ته ڪڙمي، هاري ۽ زميندار اهڙا ته سياڻا ٿي ويا آهن، جو اهڙو وَنڊُ ڪڍن ئي ڪونه! مجال آهي جو هڪ داڻو به هيڏي هوڏي ٿئي، جيئن پيداوار وڌيڪ تيئن دل سوڙهي!

روزن واري عيد تي به فطري/ صدقي لاءِ ٽويو (صاع) ڏيڻو هوندو آهي، پوءِ جنھن علائقي ۾جيڪا جنس ٿئي ته في ماڻهو، ٻار يا ٻچو، ان جو هڪ ٽويو ڏبو. ان ٽويي ۾ به فرقي جي حساب سان الڳ الڳ اشارو ملي ٿو، ڪن وٽ في ماڻهو اڌ ٽويو آهي، ڪن وٽ هڪ پورو ٽويو آهي. وري جنسن ۾ به فرق ٿئي ٿو، جنسن جي فرق کان سواءِ، جنسن جا نڪتل داڻا به ٿين ٿا ته ڪي وري ڇڙيل ڇنڊيل نه ٿا ٿين، ان حساب سان به فرق رکيو وڃي ٿو. جيئن: ڪڻڪ ته اڌ ٽويو، جي ڇلرن سوڌا جَوَ هجن ته پورو هڪ ٽويو وغيره. مطلب ته الڳ الڳ فقھن جي خيال کان الڳ الڳ ماڻَ ڏسيل آهن. بھرحال، جيڪو فطري/ خيرات/ صدقي لاءِ سنڌ ۾ ماپو ’ٽويو‘ ڪم ايندو هئو، عربيءَ ۾ ان ماپي کي ’صاع‘ ٿا چوَن، ممڪن آهي ته ان جي ماپ اها ساڳي هجي، جيڪا ٽويي جي ٿئي.

اهو ٽويي وارو سرشتو، انگريزن کان اڳ ته باقاعده هلندو هئو، بعد ۾ به 1960 تائين، ان کي عام ماڻهو رائج ڪيون ويٺو هو، ان بعد ته مورڳو ئي گم ڪيو ويو. هاڻي ڀَرَپَ واري ڪَٿَ ڇُٽي، بس وزن ماترا وارو ڪم پيو هلي. اهڙي تور ۾ ڪوبه مسئلو نه ٿو اچي، البت، ماڻهو ماڻهوءَ کان پري ٿي ويو آهي. ٽويو، اهڙو ماپي جو لفظ آهي، جنھن کي شاعرن به وساريو ناهي، مولوي احمد ملاح ’ٽويو‘، ’ڪاسو‘ ۽ ’خرار‘ جا لفظ هيئن ڪم آندا آهن:

چَکي چَھر ٿياسُون چَندو چار ماهه،

اَٽي ڏيڍ ٽويو، ڪو ڏي ڏار جو.

مُلڪ خُدا جو آهِه خُلاصو، تنھن ۾ مُور نه ٻئي جو ماسو،

ڪوهه ڪَڍين ڪنھن ٻئي جو ڪاسو، پُرجهي ڪَر اِن پَر کان پاسو،

گُهرجي واحِد سان وَهنوار، ٻانهان، ٻئي دَر پاند مَ ڍار،

آگو تُنھنجو عالَم پار.

اَسين ڌُوڙ  ڀَرتُوءَ ۾ داڻا ڇَٽيون،

کَڻون تنھن مَنجهان خاص خَرار کي.

اصطلاح ۽ پھاڪا:

• ھر ھلي، پاڻي ڇُلي، وچ درياھ ۾ ٽويو ٽُلي. (ٻاراڻا ٻول)

• پنج ئي ٽويا ڦٻڻ

• ڇهه ئي ٽويا ڇڏڻ

• ڪڻي گهٽ ڪاسو ٿيڻ.

(ٿورڙي ذريءَ تان سڄو ڪم خراب ٿي وڃڻ)

• پيراڻو ٽويو ڪڍڻ (مسڪين سيد لاءِ ڀاڱو ڪڍڻ)

• اڃا خرار مان چوٿائي مس پيٺي آهي.

(ڪم جا نتيجا، ڪم جي مڪمل ٿيڻ تي ظاھر ٿيندا)

• انڌي ۽ جنڊ، ڏھين ڏوڪڙين پاٽي، سڄو ڏينھن پئي وھي. (چوڻي/ پھاڪو)

• اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا. (افعال بڇڙا هجڻ)

• اونڌيون پاٽيون، پاسيرا ٽويا،

ته به وکري ساڄا، ماڻھو ٺوهيا.

(وٽ کوٽا ھوندا يا تارازيءَ ۾ ڪاڻ هوندي ته ماپ تور ۾ بي ايماني ڪندڙ وکر جو واپاري ڪمائي ويندو، ماڻهو ڦرجي ويندو)

ٿيندو ان سهانگو، پئسي لڳندي پاٽي. (نعرو)

• ٽڪي جو ٽويو، روڪڙي جو ٿورو.

• ٽويي جي ٽِڪي، پاٽيءَ جو مُٽو.

• ٽويي جيڏي ٽِڪي، پاٽيءَ سندو مُٽو.

• ٽويي سندي ٽِڪي، پاٽيءَ سندو مُٽو.

(ٿلھي ليکي، اندازًا، مقاطعو، ٺيڪو.)

• جنھن وهايون خرارين، تنھن کي نعموءَ جون چوٿايون ڇا ڪنديون؟

(تاريخي پھاڪو: جنھن وڏا ظلم ڪيا هجن، تنھن کي نعمت الله ڀٽيءَ جھڙي بزرگ جون دعائون ڇا بچائينديون)

• جيڪي ٽوين ۾ نه ڍاپن، تن کي پاٽيون ڇا ڪنديون.

(جن جا وڏا خرچ هوندا، اهي پوري ساري خرچ مان ڪٿي ٿا گذارو ڪري سگهن)

  جيڪي خرار ورھائين، تن کي چوٿايون ڇا ڪنديون.

(جن جا شاهي خرچ هجن، انهن جو ٿوري پيسي گذارو نه ٿيندو)

• جيئي جمڙائو، جنهن جي کڄي پئي کاٽي،

• ڄٽ جي گهر ۾ ڪاسو، ڄٽ کوڙيندو پاسو،

ڄٽ جي گهر ۾ پاٽي، ڄٽ کڻندو کاٽي.

(بيوقوف جو پيٽ ڀريل هوندو ته ويھي کائيندو، جڏهن کٽندو ته ڏَلها وتندو کڻندو. جاهل کي زندگيءَ گذارڻ جو سليقو نه هوندو آهي)

• چيٽ جي کاھي، ڪتيءَ جو خرار.

(کاھي = ڏھ ڪاسا، اڌ مڻ جي ويجهو. خرار = سٺ ڪاسا، پنجويھه مڻن جي ويجهو. چيٽ جي مند ۾ آيل ڏھن ڪاسن جيترو ان، ڪتيءَ تائين ھلي، جڏھن ته ڪتيءَ جي مند جو ھڪڙو خرار به مشڪل ڌڪ جهلي)

• خاوند خرار جو، ته به مندو مڱڻهار جو.

(الله جو ڏنو ته جهجهو، پر ڏيڻ ۾ ڪنجوس)

• ديڳ جي کرڙ گهڻي به خراب، سڌريل ڪڻو به خرار.

(گهڻائي ۽ خراب شيءِ کان ٿورڙي ئي سٺي شيءِ ڀلي)

• رت جي رتي، محبت جو خرار.

(رت جو رشتو به گهاٽي دوستيءَ کان وڌيڪ آهي)

• ساکئي ڏني ساک ته پاٽي لڌي پاڻيءَ مان.

(تاريخي چوڻي: ميرپورخاص کان اٽڪل ڏهه ميل پري، ’پاٽويون‘ شھر، جنھن جو اصلوڪو نالو ’ساکيي جو ڳوٺ‘ آهي. مري قبيلي جي هڪ چڱي ’ساکيي (ساک واري)‘ جي نالي پٺيان آباد ٿيل هئو. دلوراءِ جي دور ۾ جنس جي تور ٽوين ۽ پاٽين ذريعي ڪئي ويندي هئي. اتفاق سان، دلوراءِ جي وزير، ڏهرسنگھ جي مثالي پاٽي گم ٿي وئي. اها پاٽي، ساکيي، شاخ ۾ وهنجندي، پاڻيءَ مان لڌي ۽ ساک تي، ڏهرسنگھ کي موٽائي ڏني)

• سڙي سڪي مالڪن جي، اسان جي مُني ٽويي سان واٽ.

(ڪئي ڪمائي هڪڙن جي، ٻين کي ڪھڙو احساس)

• کاڌي خرار به کٽيو وڃن.

(ويھي کائڻ سان ته ملڪيتون توڻي رکيل موڙيون ئي چٽ ٿي وينديون آهن. ڪمائيندو رهجي)

• کاڌي، خرار به کٽي وڃن.

(رڳو ويھي کائڻ سان، ڪجهه نه ورندو، ڪم ڪرڻ گهرجي)

• ڪاسي هيٺان، نيم ڪاسو آهي.

(ننڍي شيءِ وڏي شيءِ ۾ سمائي سگهجي ٿي.)

• ڪاسي وارو ماسي مان پوري ڪيئن ڪري!

(گهرج گهڻيءَ وارو، ٿوري شيءِ مان پورت نه ڪري سگهندو)

• ڪڏھن خرار، ڪڏھن ڪاسو.

(سدائين ڏينھن هڪجھڙا نه رهندا آهن.)

• ڪڻو ڪڻو گڏجي، خرار ٿئي ٿو.

(ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٿيندو آهي. هوريان هوريان ئي وڌي ويجهي سگهجي ٿو)

• گڏهه گهوڙو نه ٿئي، توڙي سونا وجهجنس سنج،

پاٽيون وجهجنس پنج، ته به ڊوڙيو وڃي گند تي.

(بي عزتي ماڻهوءَ کي ڀلي ڪيڏي به عزت ڏيو، پر پنھنجو اصل نسل ضرور ڏيکاريندو)

• لڀي نالو وٽيءَ تي ڪونه، کوڙا هڻي خرارن جا.

(لڀي گهر ۾ داڻو به ڪونه، ڊاڙون وڏيون هڻبيون)

• ملوڪ مري ويا، ٽويا ڪڇيندو ڪير.

(معتبر ماڻهو مري ويا، هاڻي ڪنھن تي ڀروسو ڪجي)

• مَندي جن جي من ۾، تن لاءِ ڏھاڙي ڏڪار، پئسي لڳي خرار، بک نه وڃي بکيي جي. (چوڻي)

• مڻ مان ماسو ملڻ

(گهڻي مقدار مان، ڪم جي ذرڙي ملڻ)

• نموني جي مٺ مان پروڙجي ٿو خرار.

(سٺي اخلاق مان ئي خاندان جو پتو پوندو آهي)

• واتئون خرار کاڄن، نَڪئون ڪڻو به نه کاڄي.

(جائز نموني سان کائي وڃبو، ناجائز نموني سان ذرو به نه کائبو. کائو ماڻهو سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ويندو، پر ڀلو ماڻهو حرام جي ذري به نه کائيندو.)

• وڏا چپٽين سان ميڙين، ننڍا ٽوين سان کپائين.

(وڏڙا ويچارا لائي لائي ڪمائين ۽ کائين، ننڍا وري بيجا خرچ ڪري وڃائين.)

 

(هن مضمون جي تياريءَ ۾ اصطلاح ۽ پھاڪن جي سلسلي ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي رهنمائي رهي، مان سندس ٿورائتو)

No comments:

Post a Comment