Sunday, October 22, 2023

چِيڪلو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

چِيڪلو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي سڀيتا جي تاريخ تمام پراڻي آهي، جنھن پٽاندر ٺڪر، ڪاٺ، لوهه، کجيءَ جي ڦرهن، اَن جي تيلين وغيره  جون وٿون نراليون رهيون آهن، ان لحاظ کان راندين ۽ وندر ورونھن جا نمونا ۽ وٿون به نياريون رهيون آهن. ڪافي اصطلاح ۽ پھاڪا پڻ انهن سان سلهاڙيل ملندا. جتي ’زور ۽ انگ- اٽڪل‘ واريون رانديون ملهه، ڪٻٽي، ٻيلھاڙو، ونجهه وٽي، ڦر ڦر سونٽو، اٽي ڏڪر وغيره رهيون آهن، تِتي ويٺي ۽ گهر ۾ ئي ورونھن واريون رانديون به رهيون آهن، جيئن نوٽڻ، چوپڙ، ارچڪ مرچڪ، گولين راند، اِڪي ٻڌي، لانٽون ڦيرائڻ وغيره. ان کان علاوه ڇوڪرن ۽ ڇوڪريُن جون به الڳ الڳ رانديون رهيون آهن، جيئن، ڇوڪريُن جون رسيءَ ڪُڏ، چيڪلِي پائڻ، گڏيءَ راند، ڪوڏين سان چَنرِ وغيره، جڏهن ته ڇوڪرن جو کينھوڙي سان سٽ ڪُٽ، ڦر ڦر سونٽو وغيره. ڪن راندين يا وندر ورونھن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پيا ٺينگ ٽپا ڏيندا  آهن. ڪن راندين ۾ کَٽَ- هارَ ٿيندي آهي ۽ چٽاڀيٽيون به ٿينديون آهن؛ ته ڪي وري اهڙيون رانديون به آهن، جيڪي رڳو وندر ورونھن ڪاڻ هونديون آهن، ان ۾ پنھنجي واري جو اوسيئڙو ڪرڻو پوندو آهي. اهڙي ورونھن ۾ ’چيڪلو ڦيرائڻ‘ به شامل آهي. چيڪلو جيئن ته ’پينگهه‘ جو قريبي آهي، ان ڪري هن کي ’چِينگهه/ چِنگهَه‘ به چئجي ٿو، جڏهن ته ٻنهي جي لوڏي ۾ فرق آهي.



چيڪلو/ چيڪھلو، لفظ جي ڌاتوءَ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، البت هڪ رايو اهو آهي ته ’چِيڪلو، لفظ جو ڌاتو، چڪر مان هجي، پوءِ چيڪرو ۽ چيڪڙو ٿيو هجي.‘ سنڌي ٻوليءَ جي اترادي ۽ وچولي لھجن موجب ’ل‘ ۽ ’ر‘ هڪٻئي جا بدل آواز آهن. ان لحاظ کان ’چيڪرو‘ ۽ ’چيڪلو‘ ڳالهه ساڳي آهي. امڪان آهي ته ’چيڪلو‘، چڪر مان جڙيو هجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’چڪرو‘ به گولائيءَ واري معنى رکي ٿو. ٻيو رايو اهو آهي ته ’چِيڪَٽُ‘ (ٻن شين جي گسڻ سان نڪتل آواز) مان ’چيڪَلُ‘ (گاٺ سان پيدا ٿيندڙ وڏو آواز) نڪتل آهي. چيڪٽَن سبب، هن کي ’چِينگهه‘ به چئجي ٿو، يعني ’چيڪٽن واري پينگهه‘. ٽيو رايو اهو آهي ته ڪنھن گول ڦيرو ڏيندڙ ڪنھن وَٿ کي چئجي، جيڪا سائيڪَل (cycle) مان چيڪَل بڻيو هجي، يا چيڪل مان سائيڪل بڻيو هجي. لفظ ’چيڪلو‘ مان ئي ’چيڪلِي‘ پائڻ جي ورونھن ملي ٿي، جنھن ۾ هڪٻئي مٿان ٻانھن جون سبتيون نَريون رکي، سامهون واري سان هٿ هٿ سان ملائي، لاٽونءَ وانگر ڦِرجي. ڇوڪريون گهڻي ڀاڱي ’چيڪلي پايون، پير گسائيون، پير ۾ ڪنڊو، هڻ نانِھن کي ڏنڊو‘ به چونديون وينديون هئيون ۽ چيڪلي پائينديون رهنديون هئيون. مون پاڻ ننڍي هوندي، اوڙي پاڙي جي ڇوڪرين سان چيڪلي پائيندو هيم. امڙ جهليندي هئي، ته اها ڇوڪريُن جي راند آهي، تون نه کيڏ، پر ’ڪانءَ کي لُڙ ۾ مزو.‘ پينگهي جو لوڏو به آهي، پر هيءُ گول ڦرڻ واري لوڏي جو وري پنھنجو سواد آهي. ڳالهه جو ڳر  اهو ته ’چيڪلو‘ گول چڪر کي ٿو چئجي، جيڪو چيڪلي يا چيڪلِيءَ ۾ ڏجي ٿو.

عام طور جيڪو چيڪلو ٺاهجي ٿو، ان ۾ ٻن ڪاٺين جي گهرج پوندي آهي، هڪ: سڌي ڪاٺي ’مُنِي‘، جنھن جو قطر گهٽ ۾ گهٽ ٽي انچ يا وڌيڪ هجي، ٻي: ’ڳاڌِي/ لاٽَڻِ‘ وريل يا ڪُٻي ڪاٺي، جنھن جو قطر پڻ گهٽ ۾ گهٽ ٽي انچ يا واڌارِي هجي. پھرين سڌي ڪاٺيءَ جي مخروطي چھنب/ نوڪ بيھاربي، جيڪا هڪ انچ ته اهڙي هجي جيڪا ڪنھن کانچي ۾ وڃي ويھي. اها ئي ڪاٺي، زمين ۾ هيٺ گهٽ ۾ گهٽ ٻه فوٽ کوڙجي ۽ ٽي فوٽ کَن مٿي هجي، جيئن لچڪ نه ڪري. زمين ۾ کوڙڻ سبب ان کي مُني/ ڪيرو چئجي ٿو. ان کي نوي ڊگريءَ تي اُڀو هڻڻو هوندو آهي. پوءِ ٻي ڇھن کان اٺ فوٽ وريل ۽ ڪُٻي ڪاٺي هٿ ڪبي ۽ ان ۾ ڪُٻ جي هيٺئين پاسي وچ تي هڪ گهُچي ٺاهبي، جنھن ۾ مُنِيءَ جي چھنب آسانيءَ سان ويھي ۽ ڦري سگهي. اهو ضروري هوندو آهي ته چيڪلي ۾ ٻنهي ڪاٺين جي ٿولهه ۽ ڊيگهه پاڻ ۾ ٺھي اچي.

چيڪلي جي ڪاٺيءَ بابت ماڻهن جي راءِ هوندي آهي ته کبڙ جي ڪاٺي هجي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ لچڪ هوندي آهي، وچئون ٽٽڻ جو انديشو به نه هوندو اٿس. باقي جيڪڏهن زمين ۾ کوڙڻ واري مُنِي، ڪرڙ جي هجي ته سڀن کان ڀلي! کبڙ جي ڪاٺيءَ ۾ اهڙي قسم جا ريشا ۽ تاندورا هوندا آهن جو هن کي باهه به سَولي نه وٺندي آهي، جيڪڏهن سڙندي ته ڇار ٿيندي، باقي ڪوئلو نه ٿيندو. ان ڪري کبڙ جي ڪاٺيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي آهي.

جڏهن چُھنب/ نوڪ نڪتل مُنِي، زمين ۾ اُڀِي هڻبي، ته مٿان کڻي ڳاڌي/ لاٽڻِ (ڏنگي ڪمان نما ڪاٺي) جي گهُچيءَ کي مُنيءَ جي چھنب تي رکبو ته اها چھنب ڳاڌِيءَ ۾ ڦاسي بيھندي، وري جو کڻي ڦيرو ڏبس ته گول چڪري هڻندي. ان نموني سمجهو ته ’چيڪلو‘ تيار ٿي ويو. جيئن ته ڪاٺي، ڪاٺيءَ سان گاٺ ڪندي، ته ان ۾ رواني گهٽ ايندي، ان لاءِ ڪوئلو ڪُٽي، تيل ۾ ملائي، ان چھنب تي ۽  گهُچيءَ ۾ رکي، ڳاڌِيءَ کي ڦيربو ته ان ۾ رواني ايندي ۽ چيڪٽ به ٻڌڻ ۾ ايندا. ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو آهي ته ڳاڌي هڪ ته وزن ۾ برابر بيھاريل هجي، ٻيو ته ان نوڪ کان ٿڙي نه! ڪي ته وري منِيءَ جي نوڪ کان سواءِ، ڳاڌِيءَ ۾ سَلُ ڪڍي، مُنيءَ مٿان رکي، وڏو ڪِلُ هڻي ڇڏيندا ته جيئن ڳاڌِي ٿڙي نه!

جڏهن چيڪلو تيار ٿي وڃي، ته ڳاڌي/ لاٽڻ جي ٻنهي ڇيڙن کان ٻه هڪجيترا ۽ هموزن ڇوڪرا يا ڇوڪريون لانگ ورائي ويھن ۽ انهن جا هٿ سامهون ڳاڌيءَ جي ڪاٺيءَ ۾ پيل هجن. هاڻي جڏهن ان کي ڦيربو ته چيڪلو گول ڦرندو ۽ ڦرڻ جي ڪري ’چين چين‘ جا چيڪاٽ به ڪڍندو. جيئن جيئن تيزي وٺندو، تيئن تيئن سوار توڻي رونشي ڪوڏيا وڏيون هوڪرون پيا ڏيندا. سڄي ماحول ۾ کل ۽ خوشي هوندي.

چيڪلو ايئن ئي ٺھندو، باقي ان تي سواريءَ ڪرڻ واري عمل کي سڌارڻ لاءِ گهڻئي نمونا رٿي سگهجن ٿا. جيڪڏهن زمين ۾ کُتَل مُني سَگهِي ۽ سوگهِي آهي، ۽ ان جي اوچائي ٽنگن کان گهڻي مٿي آهي ته ان صورت ۾ ڳاڌيءَ جي ڇيڙن کان نوڙي ٻڌڻ جا چَھَڪَ ڏيئي، لَڙڪيَل نوڙي ٻڌي، نوڙيءَ جي ٻئي ڇيڙي ۾ فوٽ کن ڦٽِي ٻڌي ڇڏبي، جيڪا چَڏَن ۾ ڏيئي، لڙڪي ڦيري سگهجي.

چيڪلو، جنھن نموني ٺاهبو هئو/ آهي، تنھن ۾ هٿيڪو ويھڻ ۽ ڦيريون کائڻ به سولو ناهي. ڪافي ماڻهو ته اچي ڦھَه ڪندا آهن، ڪن کي وري، مٿي کي ڀاڻِ ايندي آهي. جڏهن هٿ نڪتا، ته ٽڪاءُ نه ڪري سگهندو، پوءِ ڪنھن جا گوڏا رهڙبا، ڪنھن جون تريون ڦٽبيون، ڪن کي چيلھه جا ڌڪ لڳندا. مطلب ته جيئن راند روند ۾ ڌَڪ لڳندا آهن، تيئن هن ورونھَن ۾ ڌڪن جا امڪان هوندا آهن. ان لاءِ وڏي چالاڪيءَ ۽ چَوڪسيءَ سان چيڪلو ڦيرائبو آهي.

چيڪلو هلائڻ لاءِ ويٺل آمهون سامهون وارا پيرَ جي اڇُل سان، پير کي اڳتي ڪري، زمين تي رکي، ان کي پوئتي اُڇل ڏيندا آهن، ته ’جنڊ وانگر‘ پيو ڦرندو، ان کي سبتو هلڻ چئبو آهي، جڏهن ته گهڙيال جا ڪانٽا ابتا هلندا آهن. ڪن چيڪلَن سان وري ٽيون ٽيڪو ڪرائڻ وارو به هوندو آهي، جيڪو ان چيڪلي جي وچ تي بيھي، ان کي تيزيءَ سان ڦيرائي ڦيرائي، کسڪي ويندو ۽ چيڪلو چڱي مھل پيو ڦرندو، وري ساڳيو اچي، تڪڙا ڦيرا ڏيندو. اهڙي چيڪلي ڦيرڻ ۽ ان تي سواري ڪرڻ جي اٽڪل هئڻ گهرجي. جيڪي نَويل هوندا، انهن جو ته ساهه مُٺ ۾ هوندو آهي.

اسان ننڍي هوندي، اهو چيڪلو ٺاهيندا هياسين. مون کي ياد آهي ته هڪ مائِي انگريزي ٻٻر (ديوي) جون ڪاٺيون ڏيئي ويندي هئي، ان کي چيو هيم ته ٻه ڪاٺيون اهڙيون آڻجان ته ان مان چيڪلو ٺاهيان. مون اهڙو تيار ڪيو، مُنِيءَ جي نوڪ رُڪ واري ڇريءَ سان گهڙيم، ڳاڌيءَ ۾ به ڇُريءَ جي نوڪ سان گهُچي ٺاهي ورتم. زمين ۾ کوڙي هلايم به، ڪوئلن جو ٻورو به لڳايو، چيڪلو ڦريو به، پر اهو مزو نه آيو. ان جو سبب ته ڪاٺيون ايڏيون زبريون ڪونه هئيون. بس رينگٽ سو هئو! مون سان ساٿ ۾ عون قمر جوکيو، جيڪو گڏ ڦرڻ ۾ ساٿ ڏيندو هئو. پوءِ اهڙو چيڪلو ڪڏهن منھنجي گهر ته ڪڏهن هُن جي گهر. مڙيئي پيا راند روند ڪندا هئاسين. مون کي ياد آهي ته منھنجي ناني جي پيئيتي ڀاءَ رضا محمد پنھنجن ٻارن لاءِ هڪ ڊکڻ کان ڀلو چيڪلو ٺھرايو، جيڪو فريم تي هئو، ويھڻ لاءِ به سَولي جڳھه، اڳيان هٿ وجهڻ لاءِ مٺيو به، ڳاڌيءَ ۾ چَوڪٺ به اهڙو بيھاريل جو، زمين ۾ کُتل مُنيءَ ۾ ڦٻي ٿي هليو. ايترو مٿي به نه جو لانگ ورائجي ته پير جو پَٻُ به نه لڳي، ماپ ۾ بنھه پورو! اسان ان چيڪلي تي رِيس ڪندا هياسين، پر اسان جي ايتري سگهه نه هئي، جو اهڙو ٺھرائي سگهون. باقي روايتي چِيڪلا ڪافي ڏٺاسين، گهڻئي ان جا ڪوڏيا هئا.

وقت سان رانديون مٽجن ٿيون، وندر ورونھن جا انداز مٽجن ٿا، مصروفيتون ۽ مشغوليون مٽجن ٿيون، ان ڪارڻ چيڪلو به شھرن ته ٺھيو، ڳوٺن مان به گم ٿي ويو آهي. ڳوٺن ۾ جنھن هنڌ به هوندو هو، ٻارن جو وڏو رونشو هوندو هئو. هر ٻار پنھنجي واري جو اوسئيڙو ڪندو هئو. ڇوڪرا توڻي ڇوڪريون ان چيڪلي تي ويھي ڦرنديون هئيون. ڌڪَ به کائيندا هئا، ته ڀوڳ چرچا به ٿيندا هئا.

چِيڪلي بابت مالوند ماڻهن ۾ هڪ ساٺ سَوڻ جو به ذڪر ڪندا آهن ته جڏهن مال ۾ ’سمھڙي‘ جي بيماريءَ جي صورت ۾ مال جي وٿاڻ ۾ چيڪلو هڻندا آهن ۽ ٻارن کي چوندا آهن ته چيڪلي ۾ تيل ۽ ڪوئلا وجهي ڦيرايو ته جيئن مال مان ساماڙي جي بيماري ختم ٿئي.

پھاڪا ۽ چوڻيون:

• جتي چِينگهه ڦري، اتي مال ۾ بيماري ڪا نه پوي. (طبي، چوڻي)

No comments:

Post a Comment