Sunday, March 29, 2020

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ - اصطلاح ۽ پهاڪا - ڀيرومل مھرچند آڏواڻي


سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ - اصطلاح ۽ پهاڪا
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
سنڌيءَ ٻوليءَ جو ڳچ جيترو خزانو، سندس اصطلاحن ۽ پهاڪن ۾ سمايل آهي. اڪثر انهن ۾ نج سنڌي ڪم آيل آهي. هن وقت تائين فقط ڏيڍ هزار کن پهاڪا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. مصنف هيستائين ايترا ٻيا به ڪٺا ڪيا آهن، پر پهاڪا اڃا گهڻا آهن ۽ منجهن وڏي فيلسوفي سمايل آهي. پهاڪن ڪم آڻڻ ڪري مضمون سلوڻو ۽ سوادي ٿئي ٿو، ۽ ساڳئي وقت انهن مان سڌ پوي ٿي ته جنهن ملڪ ۾ اهي چوڻ ۾ اچن ٿا، تنهن جي ماڻهن جا مذهبي يا ڌرمي خيال، پنگتي رسمون ۽ ٻيا دستور ڪهڙا آهن- جهڙوڪ:
(۱) لکيو منجهه للاٽ قلم ڪياڙيءَ ۾ نه وهي-  هيءُ پهاڪو ڄاڻائي ٿو ته اسين سنڌي ماڻهو تقدير يا قسمت کي مڃون ٿا، ۽ ائين ڄاڻون ٿا ته ڌڻيءَ جي پاران جيڪو ٿيڻو هوندو، سو اوس ٿيندو.


(۲) پرائي امانت ڌرتي به نه ڊوهي- هيءُ پهاڪو ڏيکاري ٿو ته اڳي جڏهن بئنڪون ڪين هيون، تڏهن اسان جا ماڻهو ڌرتيءَ ۾ ڌن پوريندا هئا، ۽ ڌرتي سندين رقم کائي ڪا نه ويندي هئي. هيءُ پهاڪو سيکاري ٿو ته امانت ۾ خيانت نه ڪجي- اهڙيءَ طرح پهاڪن ۾ وڏي فيلسوفي سمايل آهي؛ ۽ ساڳئي وقت اهي اسان جي تهذيب يا سڀيتا جو آئينو؛ يا اڃا به هيئن پئجي ته ٻوليءَ ۾ اسان جي جيوت جي آتم ڪهاڻي (Autobiography) سمايل آهي!

اصطلاحن جو بنياد
ڪي اصطلاح، ڪن ڳالهين (تاريخي وغيره) تي ٻڌل آهن- جهڙوڪ:
(۱) ڳالهه ڪندا آهن ته هڪڙو واڻيو، واهه اڪرندي گهوڙي سوڌو پاڻيءَ ۾ ڪري پيو. پئسن جي هڙ توٻري ۾ پيل هيس، سا پاڻيءَ ۾ لڙهي ويس. تنهنڪري، رقم ئي توٻري ۾، هڙ ئي هلاک، پئسا ئي پاڻيءَ ۾- اهي اصطلاح عام ٿيا.
(۲) ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت ۾ مدد خان نالي هڪ پٺاڻ وڏي لشڪر سان سنڌ ۾ اچي ڦُر لُٽ ڪئي، ۽ ڪيترن شهرن کي جلائي پورو ڪيائين. انهيءَ سبب هن وقت مدد لفظ عام طرح “آفت يا مصيبت” جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو. جهڙوڪ چون ته تو تي ڪهڙو مدد پيو؟يعني تو تي ڪهڙي مصيبت پيئي؟
(۳) اڳي ڌاڙيل، اڪثر ڀلن گهوڙن تي چڙهي ايندا هئا. جيئن هاڻ به ڪن ٿا، ته ڦرلٽ جي مال ڍوئڻ ۽ جلد ڀڄي وڃڻ ۾ سولائي ٿئي. ڌاڙيلن، ماڻهن کي اهڙو ڏڪائي ڇڏيو هو، جو اڃا رڳو سندن گهوڙا پريان ايندا ڏسندا هئا، ته گهوڙا گهوڙا ڪندا هئا. ائين واڪا ڪري ٻين کي سُڌَ ڏيندا هئا ته ڌاڙيلا اچن پيا“. انهيءَ ڪري گهوڙا گهوڙا ڪرڻ اصطلاح ٿيو، ۽ معنيٰ ٿيس؛ زور سان دانهون ڪرڻ (ڦريل ماڻهوءَ وانگر). ڪي چون ته اهو اصطلاح به مدد خان پٺاڻ جي ڦر لٽ ڪرڻ سبب ٺهيو؛ پر ائين نه آهي. مدد خان پٺاڻ ۽ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت کان گهڻو اڳي شاهه عبداللطيف ڀٽائي (جنم: ۱۶۸۹ع) ٿي گذريو آهي. تنهن به اهو گهوڙا لفظ اصطلاحي معنيٰ سان هن ريت ڪم آندو آهي:
ڪ تو ڪنين نه سئا، جي گهٽ اندر گهوڙا. (شاهه)
هتي به گهوڙا معنيٰ هڪلون، دانهون يا زور ڀريا آواز (ضمير يا وويڪ جا). ڌاڙيلا ماڻهن جو اگر تگر چٽ ڪري ويندا هئا، ته اها ماڻهن لاءِ هڪ وڏي آپدا يا مصيبت چئبي؛ تنهنڪري گهوڙو لفظ جي ٻي اصطلاحي معنيٰ آفت يا مصيبت به آهي. پِٽ پاراتي ڏيندي به هاڻ چون: ”شل گهوڙا پونس”!.
گــهـوڙن ھنيون گھڻيون، اُٺـــن هــنــئــيــــن آ،
جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.“ (شاهه)
هتي سسئي چوي ٿي ته؛ گهوڙن جون هنيل يا مصيبت جون ماريل گهڻيئي آهن، پر مون تي اُٺ (گهوڙن کان به وڏا جانور) اچي پيا، جي منهنجو پنهون کڻي ويا!
جيمس صاحب واري بلوچي ٻوليءَ جي لغت ۾ گهوڙو لفظ جي معنيٰ سوارن جي ٽولي. هن مان ظاهر آهي ته بلوچستان ۾ به ڌاڙيلا، گهوڙن تي چڙهي، ڦر لٽ ڪرڻ ويندا هئا، جنهنڪري گهوڙو لفظ جي معنيٰ ٿي؛ ”مصيبت“. سنسڪرت لفظ گهوٽڪ اصل دراوڙي لفظ جو اچار سنڌيءَ ۾ ڦري گهوڙو ٿيو آهي.

پھاڪن جو بنياد
ڪي پهاڪا ڪن ڳالهين (تاريخي وغيره) تي ٻڌل آهن، جهڙوڪ:
(۱) “ڪنن جي ڳالهين ميربجر کي مارايو”- ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي وقت ۾ جوڌپور جي راجا، ٻه راجپوت پنهنجا ايلچي ڪري موڪليا، جن مير بجر سان ڪَن سَن ۾ ڳالهين ڪندي، کيس قتل ڪيو.
(۲) “ آيا مير، ڀڳا پير”- فئلن صاحب جي هندي پهاڪن جي ڪتاب موجب، ‘آئي مير، ڀڳي پير’ جو بنياد هن ريت آهي؛
“امروهه جي شهر ۾ ميرانجي نالي هڪ شخص هڪ جادوءَ جو ڏيو لڌو، جنهن جي وسيلي هن ڪيترا ڪرامت جهڙا ڪم ڪيا. جنهنڪري هڪ وڏو پير ڪري پوڄيندا هئس. هاڻ هو اُتي جي ڪن ماڻهن ۾ اچي واسو ڪندو آهي. امروهه ۾ ٻيا به ڪي پير- جهڙوڪ؛ زين خان ۽ ننهي ميان، ماڻهن ۾ واسو ڪندا آهن. پر چون ته جڏهن مير (ميرانجي) اچي، تڏهن ٻيا پير ڀڄي وڃن، جو هو کانئن وڌيڪ ڪلا وارو هو. هاڻ پهاڪي جي معنيٰ ٿي؛ ‘جڏهن ڏاڍا مڙس اچن، تڏهن هيڻا سندن اڳيان بيهي ڪين سگهن’.
هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته هيءُ پهاڪو سنڌ جي ميرن ۽ پيرن (ڪلهوڙن) بابت نه آهي. جيئن ڪي غلط طرح سمجهندا آهن. هيءُ پهاڪو هندستانيءَ مان ورتل آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا اڌارا ورتل پهاڪا سنڌيءَ ۾ آهن.

اُڌارا ورتل پهاڪا
هندي يا هندستاني
(۱) آپ گهاتي مهاپاپي،
(۲) ايڪ پنٿ دو ڪاج،
(۳) بڙا ڪهاوڻ بڙا دک پاوڻ، ڇوٽي ڪا دک دور
(۴) تم ڀي راني، مين ڀي راني، ڪؤن ڀري گا پاني.
ڪي پهاڪا هنديءَ مان ترجمو ٿيل آهن:
“نادان بات ڪري، دانا قياس ڪري.” (هندي)
“اياڻو چوي، سياڻو ويچاري.” (سنڌي)

سنسڪرت
ڪي پهاڪا سنسڪرت مان ترجمو ٿيل آهن:
(۱) يٿا راجا تٿا پرجا  = جهڙو راجا تهڙي پرجا (رعيت):
(۲) يٿا ديوا نٿا ڀڪتا = جهڙو گرو تهڙا چيلا.
(۳) يٿا لاڀ سنتشٽ  =جُڙي کي جَس (جيڪي ملي تنهن تي راضي)

سرائيڪي
سرحد سنڌ وارو پاسو ٻروچڪو ملڪ آهي، جتي اڄ به سرائيڪي عام آهي. ڪلهوڙا ۽ مير به رواجي طرح سرائيڪي ڳالهائيندا هئا. جنهنڪري هندو ڪامورا به اها ٻولي ڳالهائيندا ھئا. سرائيڪي پهاڪا به سنڌيءَ ۾ عام ٿي ويا آهن، جهڙوڪ:
(۱) اپني گهوٽ ته نشا ٿيويئي.
(۲) آپ نه پالي، پالي ڏون.
(۳) ڀؤنڪ مئڏي ڪتي، مئن نندِر نال سُتي.
(۴) ٻلي شير پڙهايا، ڦير ٻلي نون کاوڻ آيا.
(۵) تو آکيسين، مئن نه مڃيسان، مئن بازي کٽي.
(۶) کيتي سرسيتي،
(۷) لڳي هوويئي تو ڪَل پويئي، نه ته پڇ لڳيان واليان نون.
(۸) شينهن نه ڏيکيا، ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا، ڏيک سونارا يعني جيڪڏهن شينهن نه ڏٺو ته ٻِلو ڏس ۽ جي چور نه ڏٺو هجيئي، ته سونارو ڏس.

پارسي
(۱) آهه غريبان قهر خدائي.
(۲) يڪ تندرستي هزار نعمت.
(۳) مفت را چہ بايد گفت.
ڪي پهاڪا پارسيءَ مان ترجمو ٿيل آهن:
(۱) دو بردار سويم حساب = ٻه ڀائر ٽيون ليکو.
(۲) خود ڪرده را علاجي نيست = پنهنجي ڪيئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.
(۳) پسر بيوه را چون شود بخت يار، دهد داغ روغن به غله جوار = رن پٽ جو وري ڀاڳ، ته ڏيئي جوار ڀَت کي داڳ (داغ).
(۴) آمد براءِ آخگر چون مطيخہ نشست = آئي ٽانڊي کي، بورچاڻي ٿي ويٺي.

عربي
ڪي عربي پهاڪا پارسيءَ جي معرفت آيا آهن، ۽ ڪن جو سڌو عربيءَ مان ترجمو ٿيل آهي- جهڙوڪ:
(۱) عربي- التعجيل فعل الشيطان.
پارسي- ڪہ تعجيل ڪار شياطين برد.
سنڌي – تڪڙ ڪم شيطان جو.
(۲) عربي – سنون الڪلابا لحم الحمارا.
سنڌي – ڪُتي جا ڏند، گڏهه جو ماس.

انگريزي
ڪي پهاڪا انگريزيءَ مان ترجمو ٿيل آهن:
(۱) گدڙ ڊاک نه پُڄي آکي ٿو کٽا.
Grapes are Sour.
 (۲) ٽَڪريءَ کي ٿيا سوُر، ڄائو ڪُئو.
Mountain in labour.
 (۳) ڇَڙهيءَ (لَڪڻ) جو صرفو ڪيو، ته ٻار کريو.
Spare the rod and spoil the child.
(۴) پائيءَ تي پڪائي، نوٽن تي ناداني.
Penny wise, pound foolish.
(۵) جت روشني ۽ هوا، تت ڪانهي تانگهه طبيب جي.
Where light and air enter, the doctor doesn’t.

علائقائي اصطلاح ۽ پھاڪا
ساهتيءَ جا اصطلاح
(الف) ’ڊڀري جو ڪمي معنيٰ بيگر ۾ وهندڙ يا مفت ۾ ڪم ڪندڙ. ’ڊڀرو جنهن کي ‘درٻيلو’ به چون، سو ڪنڊياري تعلقي ۾ آهي.
(ب) ‘پنجوءَ جي پَڻ ساڻ مئڻ’ معنيٰ “واجبيءَ کان وڌيڪ طلبڻ، يا ڊگهي ڳالهه ڪرڻ”. ساهتي پرڳڻي ۾ پنجوءَ نالي هڪ واڻئي وٽ هڪ وڏو پڻ (اَن جو ماپو) هو، تنهن تان اهو اصطلاح ٺهيو.
(ج) ‘پنج پنجوءَ جا کُٽا ئي پيا آهن’، يعني ‘ٻارهو ئي کوٽ اٿس. (پئسو کپيس)’.

ساهتيءَ جا پھاڪا
ساهتي پرڳڻي مان اسان کي پهاڪا به مليا آهن: جهڙوڪ:
(۱) اول پيٽ پنجوءَ جو ٻار ٻچا سڀ پوءِ.
(۲) ’چَٽي چنيجن جي، پرڻ تي پيئي’. چنيجا ۽ پرڻ نالي ٻه ڳوٺ موري تعلقي ۾ هڪٻئي جي آمهون سامهون، ٻن وڏن شاهي دڙن تي ٻڌل آهن. اصل ٻنهي ڳوٺن وارا هڪٻئي کي گهڻو ويجهو رهندا هئا. هڪ لڱا ڪي ڌاڙيلا ڪن چنيجاين کي ڌاڙو هڻڻ ٿي ويا پر رات جي وڳڙي ۾ ڀلجي وڃي پرڻ کي ڌاڙو هنيائون.  هاڻ جڏهن هڪ جي بدران ٻيو آهيءَ ۾ اچي وڃي، يا هڪ جو ڏوهه ٻئي تي پوي، تڏهن ائين چون.
(۳) “ڦلوءَ واڻي رات وهاڻي، ڳالهين ڪندي ڳوٽي کاڻي’. ڦلوءَ نالي هڪ واڻيو ڳوٺ ڀريا تعلقي نوشهري ۾ ٿي گذريو آهي، جنهن بابت هڪ گيت به ٺهيل آهي ته ‘ڦلو هڪ ڳوٺاڻو هو، مزي جهڙو واڻيو هو’.
(۴) ’اهڙي جٺ ڪيائينس، جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان’. ٻرڙن جي ذات وارا نوشهري، ڪنڊياري ۽ (قنبر) تعلقن ۾ گهڻا آهن. هڪ ڳوٺ سندن نالي پٺيان ‘ٻرڙا’ سڏجي ٿو. هن پهاڪي جو بنياد هن طرح آهي: هڪ لڱا ڪي ٻرڙا پنهنجا ٻار پنهنجي ڪنهن ذاتڀائيءَ جي سنڀال هيٺ ڇڏي، پاڻ لاباري تي ويا. پٺيان ٻارن گهڻو هلاک ڪيس، ته ٻرڙي اهڙو ڪم ڪيو، جو ٻارن کي اَن جي گنديءَ ۾ بند ڪري، سندن مائٽن کي وڃي چتايائين ته پنهنجا ٻار وڃي پاڻ سنڀاليو. مون کان سنڀاليا نٿا ٿين. انهيءَ تان اهو پهاڪو پيو.
(۵) ‘ٻرڙي پوي نه ٻاجهه، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري’. جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪنهن غريب ڀاءُ پرائي جو قياس نه ڪندو آهي، تڏهن ائين چئبو آهي.
(۶) ’ٻيو هرڪو اچڻو وڃڻو، پمو ٿانائي’. پمون (پمن) نالي ساهتيءَ  جو هڪ واڻيو لڳڻي ٻيڙي هو، تنهنڪري جڏهن ڪو ماڻهو هڪ هنڌ گهڻو وقت کپ کوڙي ويهندو آهي، تڏهن هن لاءِ ائين چئبو آهي.

حيدرآباد طرف جا اصطلاح ۽ پهاڪا
(الف) ڀاڳوءَ نالي هڪ شخص حيدرآباد ۾ ٿي گذريو جنهن کي ‘جهڳلو’ ڪري چيڙائيندا هئا. هڪ وڏو ڪٽورو ساڻ کڻندو هو، جنهن ۾ جيڪر ٻه سير چانورن جا پئجي سگهن. ڪنهن وهانءَ وڌاڻي تي ويندو هو، ته پڇندا هئس؛ ڀاڳو، پلاهه کپيئي؟ پهريائين ته ناڪار ڪندو هو؛ پر اتيئي پنهنجو ڪٽورو ڪڍي چوندو هو، ته چڱو هن وٽيءَ ۾ کڻي داڻا ڏينم’. انهيءَ ڪري ‘ڀاڳوءَ جهڳلي واري وٽي’ معنيٰ تمام وڏو ٿانءُ.
(ب) حيدرآباد ۾ گنگوءَ نالي هڪ پڪوڙائي نهايت عمدا پڪوڙا تريندو هو، تنهنڪري گراهڪن جي وٽس گهڻي پيهه هوندي هئي ۽ ڏاڍو گوڙ لڳو پيو هوندو. انهيءَ سبب ‘گنگوءَ وارو گوڙ’ معنيٰ تمام گهڻو گوڙ.
(ج) ‘واڇان’ نالي هڪ ڪم عقل زال ٿي گذري آهي. جا پاڻي ڀريندي هئي پرڻ ۾، ۽ آلا ڇيڻا نوڙيءَ ۾ ٻڌندي هئي! انهيءَ سبب ‘واڇان’ معنيٰ چري. پهاڪو آهي ته ‘چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي’. يعني هڪڙي واڇان چئن چرين جي برابر آهي. اهڙيءَ طرح سڄيءَ سنڌ ۾ ڪيترا اصطلاح ۽ پهاڪا ڪن اسٿاني ڳالهين تان ٺهيل آهن. وڌيڪ مثالن لاءِ ڏسو مصنف جو جوڙيل ڪتاب ‘پهاڪن جي پيڙهه’ ۽ ‘گلقند’ ڀاڱو پهريون ۽ ٻيو.

مردن ۽ زالن جي ٻوليءَ ۾ فرق
هندو ۽ مسلمان وري ٻه ڌار قومون آهن. هندن ۾ وري عاملڪو پکو ڌار ته ڀائيبندڪو پکو ڌار آهي. پر خود پنهنجي گهر ۾ هر ڪو هندو توڙي مسلمان جاچيندو ته معلوم ٿيندس، ته مردن جي ٻولي هڪڙي ۽ زالن جي ٻولي ٻي آهي. زالن جا ڪيترا لفظ، اصطلاح بلڪ پهاڪا به پنهنجا. مثلاً ٻڙي، مٺي، نڀائي وغيره زنانا لفظ آهن- زنانا پهاڪا ڪيترا ئي آهن، جهڙوڪ:
(۱) مُٺي نڀائي، آتڻ آئي.
(۲) آءٌ به ويندي پيڪي، مون به لهندي سڪ.
(۳) ٻيو سڀڪي ٿيو باقي چَنڻ وسري ويو.
(۴) اَڻ سرنديءَ پهاڄ پيڪي. (لاچار کي سڀ روا).
(۵) ساهرا آهرا، ٻاٻرا ڪنڊا، جو پاسو وراءِ چُڀ چُڀ ڪندا.
(۶) رُٺي آهي گهوٽ کان، نٿي ڳالهائي ڳوٺ سان!
مردن ۽ زالن جي ٻوليءَ ۾ گهڻو فرق هن ڪري ٿيو آهي جو عام طرح نڪي مردن جي سَٿ ۾ زالون ۽ نڪي زالن جي سَٿ ۾ مرد ويهن ٿا. چوڻي به آهي ته “زالون زالن جو کاڄ”. مرد  مردانيءَ ٻاريءَ ۾ ۽ زالون زناني ٻاريءَ ۾ گذارين ٿيون، ته سندن خيال جي رفتار ۽ ڳالهائڻ جو ڍنگ پنهنجي نموني ۾ ٿيو پوي. جتي ڏيتي ليتي يا ٻيون اهڙيون رسمون آهن، تتي زالن جو هوش گوش انهن ڳالهين ۾ وڃيو پوي؛ تنهنڪري اهڙين ڳالهين سان لاڳاپو رکندڙ لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا پنهنجا جوڙين ٿيون. وهانءَ-وڌاڻ ۾ يا منَهه-معرڪي تي هڪٻئي سان گڏجن مسجن ٿيون، ته هڪٻئي وٽان اهڙا لفظ، اصطلاح ۽ پهاڪا ٻُڌن ٿيون جي پوءِ وٽن عام ٿيو وڃن. هنن تي نڪي انگريزي، نڪي عربي، فارسي يا سنسڪرت جو اثر ٿيو آهي. تنهنڪري سندين سنڌي، جهڙي ٺيٺ چئجي تهڙي آهي. اڄڪلهه جي ڇوڪرين کي سنڌيءَ جو اهو مايو اڪثر ڪونهي- باقي ٻولي ٻُڍين جي! گهڻو ڪري ڳالهائين ئي رڳو اصطلاحي سنڌي ۽ ٽپ ٽپ تي پهاڪي جو به ٺڪاءُ پيو پوندو- اسان جا هاري به واه جي سنڌي ٿا ڳالهائين! انهن جي ٻولي اهڙي چِيدي آهي، جو جيڪر چئجي ته “ساهت جو سينگار، ٻهراڙيءَ جي گفتار”.

(سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تان ورتل)

No comments:

Post a Comment