Thursday, March 26, 2020

اسان جون چوڻيون - ڊاڪٽر اياز قادري


اسان جون چوڻيون
ڊاڪٽر اياز قادري
اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ جتي ٻيون خوبيون آھن، اتي پھاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن جي به ڪمي ڪين آھي. حقيقت ته ھيءَ آھي ته اسان جي ٻوليءَ ۾ چوڻيون ايتري قدر آھن، جو اسان ڪنھن به ڳالھ کي سون رنگن ۽ ڍنگن ۾ ادا ڪري سگھون ٿا. جيڪڏھن انھن چوڻين کي ڪٺو ڪيو وڃي ته جيڪر چڱا جلد جڙي وڃن. پر ان لاءِ ڪنھن مانجھي مڙس جي گھرج آھي، جو ان ڪم لاءِ سندرو ٻڌي.
وڏڙا ويچارا جنھن وقت پاڻ ۾ چوياري ڪندا ھئا، تنھن وقت گھڙيءَ گھڙيءَ سندن وات مان سياڻپ جا سخن پيا نڪرندا ھئا ۽ سندن چوڻين جي رس سان چوياريءَ جو رنگ چئوڻو ٿي ويندو ھو... ”ويا سي وينجھار، ھيرا لعل ونڌين جي...“ اڄ اسان جي ڳالھ ڪنداسين ته ڪو انگريزي پھاڪو يا اصطلاح کڻي ڦھڪائينداسين، پوءِ ”وھي نه وھي وٺ رينگٽ کي.“


مون کي ياد آھي ته انٽر آرٽس ۾ اسان جي سنڌي مضمونن ۾ ھڪ مھاشيه، پھاڪو ڪم آندو ھو؛ ”چؤڪنڊي ڪلي، گول سوراخ ۾.“ نه ڳالھ، نه ڳالھ جو منھن. نه سر، نه تار. حقيقت ۾ انگريزي پھاڪي Square peg in round hole جو ترجمو ڪري، کڻي مضمون ۾ ٽنبيو ھئائين. جنھن مضمون جي سوڀيا وڌائڻ بدران، ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي ھئي. وري ٻئي دوست، پنھنجي افساني ۾ ”چار چنڊ لڳائڻ“ ڪم آندو، جيڪو اردوءَ جي ”چار چاند لگانا“ جو ترجمو آھي. اردو اسان کي ڪيتري به ويجھي ھجي، پر اھا چوڻي اڃا ته سنڌ ۾ مروج ڪين آھي. حيدرآباد ۾ محفل خليل ۾ ويٺا ھئاسين ته ھڪ دوست چيو: ”واھ وا، واھ وا! ھن سائينءَ شعر کي ’اپنائي ڇڏيو آھي‘.“ مون کان ته کل نڪري وئي. ڪٿي اردو ۾ ”اپنانا“، ڪٿي سنڌيءَ ۾ ”اپنائي ڇڏڻ“! جيڪڏھن اسان جا اھي پرڪار آھن ته پوءِ، سنڌيءَ جو ڌڙ ريڍو، منھن ٻاڪرو ٿي ويندو.
اسان مردن ته پنھنجي چوڻين کي صفا وساري ڇڏيو آھي، پر وري به شاباس آھي عورتن کي جن اڃا به انھن کي گھرن ۾ محفوظ رکيو آھي. عورتون پاڻ ۾ ڳالھائينديون آھن ته، چپي چپي چوڻيءَ جو ڦھڪو پيو ٿيندو. جلد جي ٻوٽو ٻاري، انھيءَ خزاني کي ڪٺو ڪيو ويو ته واھ، نه ته آھستي آھستي جيڪي آھي اھو به گم ٿي ويندو.
لغت جي ڪتابن ۾ پھاڪن ۽ چوڻين جي واکاڻ ھيئن ڪئي وئي آھي؛ ”گھٽ ۾ گھٽ اکرن ۾، دل ۾ اثر ڪندڙ انداز ۾ چيل، معنيٰ خيز، پر مغز ۽ سبق آموز ڳالھ، جا عام جي زبانن تي چڙھيل ھجي، يا ھڪ ننڍڙو فقرو يا جملو، جو مشاھدي ۽ تجربي ۾ آيل ڳالھ جي حقيقت ۽ صداقت کي استعاري ۾ ٻڌائي، جنھن جي عام ماڻھن کي ڄاڻ ھجي، ٿورن اکرن ۾ سياڻپ جي سخن (حڪيمانه قول) کي پھاڪو چئبو.“
عوفي جي خيال موجب؛ پھاڪي جو ھر اکر، تلوار کان به تيز آھي:
در مقامی کہ کند روی کنایہ بہ عدو
ضرب شمشیر ندارد اثر ضرب مثل
پھاڪن ۽ چوڻين جوڙڻ ۾ ڳوٺاڻن ۽ شھرين، اڻ پڙھيلن ۽ پڙھيلن ٻنھي جو ھٿ آھي. حقيقت ۾ ڳوٺاڻن جا جڙيل پھاڪا، اسان کي زيادھ ملندا. ان جي ڀيٽ ۾ عالمن ۽ فاضلن جا جڙيل، گھٽ ھٿ ايندا. ڳوٺاڻا (عوام) ڪا ڳالھ ڏسندا رھندا، انھيءَ کي ڪنھن ٿورن اکرن ۾ مزيدار نموني ۾ چيو ۽ آھستي آھستي عوام جي زبان تي چڙھي ويندي. ان ۾ ڪا به گھرائي يا راز ڪين ھوندو. ھڪ ھلڪي ڦلڪي ڳالھ ھوندي.
مثال:

۲ . وڙھن سان، لتاڙجن ٻوڙا.
۳ . اٺ جنھن وڻ سان ٻجھي، سو وڻ کائي.
۴ . کنڀي جو چٽڪو، چار ڏينھن.
۵ . خان جي خاني، مانيءَ مان معلوم ٿئي.
ھاڻي ھنن پھاڪن تي ويچار ڪري ڏسبو ته اھي عام رواجي ڳالھيون آھن، جي ھر روز پيون ٿين، جن ۾ ڪا خاص فلاسافي رکيل ڪين آھي. انھن جي ڀيٽ ۾ جي عالمن ۽ فاضلن جي جڙيل چوڻين ۽ پھاڪن تي ويچار ڪبو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته اھي زندگيءَ جي سمنڊ جي گھراين ۾ گم ٿي ويا آھن ۽ گھڻي مدت بعد سپ جيان وات کولي دنيا کي موتي آڇيا اٿن. مثال:
۱ . قرض جھڙو ٻيو مرض ڪونھي!
۲ . استاد جي مار، ٻار جي سنوار!
وقت تي شاعرن جا شعر به، عوام ۾ ايتري مقبوليت حاصل ڪندا آھن جو اھي به، چوڻين وانگر ڪم ايندا آھن. پر انھن جو رتبو، عام چوڻين جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھي. اسان جي سنڌ ۾، گھڻو ڪري شاھ عبداللطيف جا بيت، چوڻين طور ڪم ايندا آھن. مثال طور:
۱ . ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين!
۲ . آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏھاڙي سومرا!
۳ . سوين ڪرين سينگار، ته به مٽ نه ڀائيان مينڌري!
۽ ٻين شاعرن جا بيت، جي چوڻين طور ڪم ايندا آھن:
۱ . يار ته ڪجي ھڪڙو، مر سوين سڌون ڪن!
۲ . لڳي ھووئي ته ڪل پويئي، نه ته پڇ لڳيان واليان نون!
ڳوٺاڻن جون چوڻيون، گھڻو ڪري جدا جدا ڪم وارن ماڙھن جون، يا انھن بابت، ٺھيل آھن. ڪي ھارين جون، ڪي جتن جون، ڪي لوھرن جون، ڪي مھاڻن جون، ڪي سونارن جون، مطلب ته جيترا ڌنڌا، اوتريون چوڻيون.
مثلاً ھارين جون:
۱ . کيتي، سر سيتي.
۲ . جيترو ھر، اوترو ڦر.
۳ . گھڻين مردين ھر نه ھلي، گھڻين زالين گھر نه ھلي.
۴ . سڪو سانوڻ، رکو بڊو.
ڌوٻي:
۱ . ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.
۲ . ڌوٻيءَ جي گھر ڇوو.
لوھار:
۲ . لکيون لوھارن کي، چڏن ۾ چڻنگون.
دڪاندار:
۱ . ڊني واڻئي؛ مور نه لاڀ.

۲ . واڻئي ليکي ڄٽي مٺي، ڄٽيءَ ليکي واڻيو مُٺو.
ڪن پھاڪن ۾ گھڻو ڪري جانورن، پکين ۽ ٻين جي فطرت بيان ڪئي وئي آھي. مثال:
ڪانءُ:
۱ . سياڻو ڪانءُ، ٻه-ٽنگو ڦاسي.
۲ . ڪانءَ کي، لڙ ۾ مزو.
۳ . جھڙا ڪانءَ، تھڙا ٻچا.
ڪتو:
۱ . ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
۲ . ائين ڀڳو، جيئن ڪتيءَ ڪن وڍيا.
۳ . تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي.
گڏھ:
۱ . سوٽي ھجي ساڻ ته گڏھ گوھي نه ڪري.
۳ . سوين ڪري سينگار، ته به کودڙو پٽ گڏھ جو.
اٺ:
۱ . اٺ ڪراڙو ته به ٻه ڪنواٽ لھي.
۲ . اٺ؛ سکڻو به رڙي، ڀريو به رڙي.
۳ . جتي اٺ ترندو، اتي پڇ به ترندو.
۴ . اٺ، پنھنجي مُٽ ۾ ترڪي.
۵ . ائين ڪٽجي جيئن پتڻ تي اُٺ.
انڌن لاءِ:
۱ . انڌن به ملتان لڌو آھي.
۲ . انڌو ۽ اڻ سونھون، ٻئي ھڪ آچار.
۳ . انڌي ھنگي، ٻه سيڙائي.
۴ . انڌن اڳيان روئڻ، اکين جو زيان.
گھڙو:
۱ . ٿڌو گھڙو، پاڻ کي ڇانءَ ۾ ويھاري.
۲ . پڪي گھڙي کي به ڪي ڪنا پيا!
ڪي پھاڪا، گھڻو ڪري صرف، عورتون ڪم آڻينديون آھن.
مثال:
۲ . ڌڪ ھڻ ڌيءُ کي ته سکي نھن.
ڪن پھاڪن ۾ انساني حياتيءَ جو عڪس ھوندو آھي.
مثال:
۱ . ترار جو ڦٽ ڇٽي، زبان جو نه ڇٽي.
(ڦٽ ڇٽي وڃي، ويڻ نه ڇٽي.)
۲ . انسان، خطا جو گھر.
۳ . ٻه ته ٻارھن.
ڪي چوڻيون اھڙيون ٿينديون آھن، جو ظاھر ۾ ته کل جھڙيون معلوم ٿينديون آھن، پر انھن ۾ به معنيٰ سمايل ھوندي آھي.
مثال:
۱ . انڌيءَ جي وھانءَ ۾، ڇيڏڪ به گھڻا.
(ڪاڻيءَ جي ڪاڄ ۾، سيٽاڻا به گھڻا.)
۲ . غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي.
۳ . شاھوڪار جا سالا به گھڻا، غريب جو ڀيڻيويو به ڪو نه.
ڪي وري اھڙا پھاڪا آھن، جن جي پويان عجيب و غريب ٽوٽڪا آھن. جيڪڏھن انھن جي تلاش ڪئي وڃي ته ناياب ڪتاب تيار ٿي وڃن.
مثال:
۱ . پاڻ ڏاڍن سان پڇ اٽڪائڻ.
چون ٿا ته ھڪڙي لومڙيءَ جو بک کان پيٽ وڃي پٺيءَ سان لڳو ھو. شڪار جي تلاش ۾ چار ئي ڪنڊون چڪاسيندي، اچي ھڪ ھنڌ نڪتي. ڏٺائين ته پربت جيڏو اُٺ ويٺو آھي. ان کي اوجھري سمجھي، دل ۾ ڏاڍي خوش ٿي ۽ خيال ڪيائين ته بھتر ائين ٿيندو ته، ھن کي پنھنجي گھر کڻي ھلان. پوءِ ٿڌو مانجھاندو ڪري ويھي رھان ۽ سک جو وقت گذاريان. سو ڇا ڪيائين جو پنھنجو پُڇ کڻي، اُٺ جي پُڇ سان ٻڌائين ۽ لڳي ان کي ڇڪڻ. اُٺ به ان وقت اٿيو، سو ويچاري ٽنگجي پئي ۽ اُٺ جي پٺيان ويئي لڙڪندي. واٽ تي ٻي ھم ذات لومڙي مليس. تنھن نھاري چيس؛ ”ڀيڻ ڪاڏي ٿي وڃين؟“ وراڻيائينس؛ ”ادي! پاڻ ڏاڍن سان پڇ اٽڪايو اٿم، جيڏانھن سندن مرضي.“
اھڙي قسم جون ٻيون مشھور چوڻيون آھن:
۱ . وئي سڱن ڪاڻ، پر ڪن به ڪپائي آئي.
۲ . ٻليءَ شير پڙھايو، وري ٻليءَ کي کائڻ آيو.
انھن ڳالھين واريون چوڻيون ۽ سندن ٽوٽڪا، گھڻو ڪري انوار سھيليءَ، عيار دانش ۽ ايسپ جي آکاڻين تان ورتا ويا آھن. پر انھن اڌارين چوڻين ۽ ٽوٽڪن کان سواءِ ٻيا ڪي ٺيٺ سنڌي پھاڪا به آھن جن جي پٺيان ڪي ٺيٺ سنڌي آکاڻيون آھن.
مثال:
۱ . راھوجن ۾ رات، قادر نه وجھي ڪنھن جي.
شاھ عبداللطيف جن، ڪنھن ڀيري فقيرن سان گڏجي، ڪنھن زميندار جي دعوت تي وڃي رھيا ھئا. واٽ تي راھوجن جي ڳوٺ ۾ کين رات پئجي وئي. ماڻھو ھئا شاھ صاحب کان ڦريل، جن فقيرن سان ڪين رھايو. نڪا خدمت ڪيائون. فقير سڄي رات بک ۾ پاھ ٿي ٿيا ته انھن لڙي نه پڇين. رھندو ڳوٺ جي زالن ھنن سان ڏاڍيون زباني جٺيون ڪيون. جڏھن شاھ صاحب کي اھا سُڌ پئي، تڏھن چرچي طور ھي بيت فرمايائون:
راھوجن ۾ رات، قادر نه وجھي ڪنھن جي،
رنون رب رلايون، آھر اڳلي واٽ،
پليجن کان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي. (لطف لطيف)
۲ . وتائي وارا اڳ وٺڻ.
وتائي فقير جي ڳوٺ ۾ اچي چور پيا. کاٽ جي کڙڪي تي ڀاڳين کي سجاڳي ٿي پئي. ھُوڪري تي ڳوٺ وارا چورن جي پٺيان ڪاھي پيا. پر چور ڀڄي ويا. واپس اچي ڏسن ته وتايو فقير آھي ئي ڪو نه! نيٺ گھڻي ڳولا بعد کيس مقام ۾ وڃي لڌائون. ماڻھن پڇيس؛ ”فقير! تون ھت ڪيئن ويٺو آھين؟“ جواب ڏنائين؛ ”آئون، چورن جو اڳ ٿو وٺان، ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن اوھان کان ڀڄي ويا ته اڳ پوءِ نيٺ ھت ايندا.“ (اديب سنڌ)
۳ . اھڙي جٺ ڪندوسانءِ، جھڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان.
سانوڻيءَ جي موسم ۾ ويچارا ھاري ناري، پرھ ڦٽيءَ کان اڳ ڏاند ڇوڙي ٻنيءَ تي ھليا ويندا ھئا ۽ سندن زالون به سج چڙھئي، مانيون مٿي تي رکي، ٻار ٻرڙي جي حوالي ڪري، ٻنين تي ھليون وينديون ھيون. ٻار ھئا شرارتي. تن ٻرڙي جو کڻي نڪ ۾ دم ڪيو. سو آخر دل ۾ خيال ڪيائين ته ڪيئن ھنن جي حرڪتن مان جان ڇڏايان. سو گھڻي سوچ کان پوءِ ان ڳالھ تي پھتو ته ھنن کي گنديءَ ۾ پوري ڇڏيان. ٻئي ڏينھن جيئن مائين ٻنيءَ ڏي رخ رکيو ته، ٻرڙي به ٻارن کي، ڪن کان وٺي، کڻي گنديءَ جي حوالي ڪيو ۽ مٿان کڻي چاپڙ ڏنائين. شام جو جيئن جو مايون موٽن ته ڏسن ته ٻارن جو ڪم پورو ٿيو پيو آھي.
ٻيا مثال:
۱ . ڪاڏي منھن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الھيار.
۲ . گامو سچار.
۳ . ڪوڙو قيصر لنڊ.
۴ . رن ته وئي پر رلھي به کنيو وئي.
ٻيون وري اھڙيون چوڻيون آھن، جن جي پٺيان تاريخي ڳالھيون آھن.
مثال:
۱ . دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.
۲ . ڪنن جي ڳالھين، مير بجار خان مارايو.
۴ . راڻي اھا جا راءِ کي ريجھائي.
ڪي وري چوڻيون اھڙيون آھن، جن ۾ شاعرانه تشبيھون ڪم آيل آھن. ھونءَ جيڪر انھن جو مانُ ايترو نه ٿئي پر انھن تشبيھن ڪري سندن رتبو، زمين کان چڙھي وڃي آسمان سان ٿو لڳي.
مثال:

۳ . دل جي ڪاراڻ کان، منھن جي ڪاراڻ چڱي.
۴ . ڏکڻ مينھن نه وسڻا، جي وسي تان ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻا، جي ھڻي تان جھوري.
۶ . سچ جي ٻيڙي لڏي، پر نه ٻڏي.
جھڙيءَ طرح باغ ۾ ھڪڙا گل ڪومائجن ٿا ۽ ٻيا ٽڙن ٿا، اھڙيءَ طرح ٻوليءَ ۾ به ڪيئي چوڻيون جھونيون ٿي خارج ٿيو وڃن ۽ ٻيون نروار ٿين ٿيون.


(اياز قادري؛ مشعل اياز (مضمون، مقالا ۽ يادگيريون)، قادري قلم قبيلو، لاڙڪاڻو، آگسٽ ۲۰۰۷ع، صفحو ۱۵۱ کان صفحو ۱۵۸ تائين، تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment