Monday, March 23, 2020

ڪوھستان؛ وٺو ته پرستان، نه ته مڙھن جو مڪان.


ڪوھستان؛ وٺو ته پرستان، نه ته مڙھن جو مڪان. (ڪوھستاني، چوڻي)
رخمان گل پالاري
ڪوھستان؛ سنڌ جي اولھائين، کير ٿر جي جابلو پٽي. منجھس، برساتي نديون نالا آھن، جيڪي مندن تي پاڻيءَ سان ڀرجي وھن. زندگيءَ جو ڪار وھنوار ان پاڻيءَ تي آھي.
ڪوھستان جي اندر، اگر مندائتن مينھن، پلر جي پالوٽ سين، پوٺا پٽ ريجايا ته پھريندو پرين جو سائو ويس. جي ڏڙھ ڏينھن کانيا، ۽ ملڪ ڏڪاريو ته پوءِ ٿيندو لاشن جو ديس.[1]
پاڻيءَ سان زندگي آھي. روھ، جبل، پوٺا، ٿر، وارياسو وغيرھ اھڙا علائقا آھن، جتي درياھي پاڻي نه ٿو پڄي. اتي جون زمينون، وٺي تي آباد ٿين ۽ زندگيءَ ۾ رونق اچي.
مطلب؛
۱ . زندگيءَ جو دارومدار، پاڻيءَ تي آھي.
۲ . وٺو ته ٿر، نه ته بر.
۳. ٿر وٺو، ڏولائو لٿو.


[1] (رخمان گل پالاري جي مقالي، ’ڪوھستاني لھجو‘، ڪلاچي جرنل، جون ۲۰۱۰ع، شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، تان کنيل)

No comments:

Post a Comment