Thursday, March 26, 2020

زبان زد شاھ - ڊاڪٽر اياز قادري


زبان زد شاھ
ڊاڪٽر اياز قادري
ڪنھن به ملڪ ڏي جي ڏسبو ته ان ملڪ ۾ ڪيترا ئي شاعر ستارن وانگر چمڪندڙ نظر ايندا. پر ھر ڪنھن کي پنھنجو پنھنجو درجو آھي. انھن شاعرن مان ڪي اھڙا آھن، جن جي مقبوليت ڪنھن خاص طبقي تائين آھي. ٻيا اھڙا آھن، جي خاص ۽ عام ۾ مقبول آھن. انھن جي شعرن مان، محلن ۾ رھندڙ امير ۽ جھوپڙين ۾ رھندڙ فقير، ھڪ جھڙو مزو حاصل ڪن ٿا. ھر شاديءَ ۽ خوشيءَ جي موقعي تي، مجلس ۽ اڪيلائيءَ ۾، سفر ۽ گھر ۾، ميلاپ ۽ وڇوڙي وقت، سندن شعر پڙھيا وڃن ٿا. پر ان مقبوليت وارن شاعرن ۾ ڪي وري اھڙا شاعر آھن، جن سان اسان جي ايتري ته ويجھڙائي ۽ گھاٽائي ٿي وڃي ٿي جو ھو اسان کي ھر وقت ياد رھن ٿا. سندن بيت يا شعر، اسان جي زبانن تي ايتري قدر ته چڙھي وڃن ٿا، جو اسان کين ھر گھڙيءَ ويٺا ياد ڪيون. ٿوري گھڻي ڳالھ تي سندن بيت يا شعر منھن مان ائين نڪري وڃن، جيئن ڪو پھاڪو يا محاورو. انھن شعرن جو رتبو، پھاڪن ۽ محاورن جھڙو ٿي وڃي ٿو.


وقت تي جيڪڏھن ڪنھن ڪم ڪسو ڪري وڌو ۽ ان جو نتيجو ڀوڳيائين يا پنھنجي ڪِئي تي پڇتايائين ته جھٽ منھن مان نڪري ويندو:
چرا عاقل کند کارے کہ باز آید پشیمانی
اھڙن شاعرن کي، جن جا شعر عام جي زبانن تي چڙھيل ھجن ۽ پھاڪن ۽ مثالن طور ڪم اچن، شاعرن جو سرتاج چئبو. جيئن ستارن ۾ چنڊ جو شان اعليٰ آھي، تيئن ٻين شاعرن کان سندن مانُ بالا آھي. فردوسيءَ تي شاھ ايران جي وري راضي ٿيڻ جو سبب به حقيقت ۾ اھو آھي جو سندس شعر، عام جي زبان تي چڙھي ويا ھئا.
فردوسيءَ وانگر ٻيا جي ايران جا مقبول شاعر آھن، تن ۾ سعدي ۽ حافظ جو نالو پھرين قطار ۾ آھي. ھند ۽ پاڪستان ۾ مير ۽ غالب اچي وڃن ٿا ۽ سنڌ ۾ اھو درجو وري شاھ کي عطا ٿيل آھي. شاھ نه فقط سنڌين جي دلين تي قابض آھي پر سندن زبانن تي به شاھ جي حڪمراني آھي. ان ۾ شڪ ڪينھي ته مھراڻ جي گود ۾ اڪيچار گل ٽڙيا آھن. پر شاھ سان سندن ھم سري ٿي ئي نٿي سگھي. سندن ڪي ڪي بيت ۽ مصراعون عوام جي زبان تي چڙھيل آھن. پر شاھ جو ته سارو ئي ديوان کين پھاڪن ۽ چوڻين وانگر ياد آھي. اٿندي ويھندي ڏک سک ۾ شاھ! ٻي ٻولي ٻولِن ئي نه.
جيڪڏھن ماڻھو اڳين ڏينھن ۽ ماڻھن کي ياد ڪندا ۽ ھاڻوڪين حالتن ڏانھن ڏسندا ته سندن منھن مان بي اختيار نڪري ويندو:
”ويا سي وينجھار، ھيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان، سيھي لھن نه سار.“
”ويا مور مري، ھنج نه رھيو ھڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪاڻيرن جو.“
جيڪڏھن دنيا جي وڏائي ۽ ان جي موھيندڙ لالچن، ڦندن ڦيرن ڏانھن ڏسي، وري خدا جي نيڪ بندن ڏانھن نھاربو ته واتان نڪري ويندو:
”دنيا سڀ درياھ، ڪو ڪو تارو تنھن ۾.“
دنيا جي بي ثباتي ۽ فنا جو ذڪر ايندو ته اسين شاھ جي لفظن ۾ چونداسين:
۱ . ڊگھي اَڏِ مَ منھين، پکو اَڏِ مَ لانڍ.
۲ . فاني ڙي فاني، دنيا دم نه ھڪڙو.
جيڪڏھن ڪو ڪم ڪرڻو ھوندو يا ڪنھن وقت طبيعت ۾ سستي پيدا ٿي ويندي يا اھڙو عملي ڪم ڪرڻو ھوندو ته اقبال جي اکرن ۾ چئبو:
"عمل سے زندگی بنتی ہے، جنت بھی بہنم بھی۔"
پر شاھ جي ٻوليءَ ۾ ٻولينداسين:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي.
جيڪڏھن ڪنھن مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليفون ۽ مصيبتون اينديون آھن، خاص طرح عشق ۽ محبت ۾، رنج رسندو آھي، ته چوندا آھيون:
”عشق ناھي راند، جيئن ٿا کيڏن ڳڀرو،
سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌَ ٿئي.“
ڀل ته پوءِ اردوءَ وارو چئي ته؛
کھیل لڑکوں کا سمجھے تھے، محبت کو،
ہے بڑا حیف ہمیں اپنی نادانی کا۔
جيڪڏھن ڪنھن تي عشق ۽ محبت جو حملو ٿيندو ته بي اختيار ٿي چوندو آھي؛
”عقل، مت، شرم، ٽيئي نينھن نھوڙيا.“
جيڪڏھن ڪنھن عاشق کي يا انھيءَ ماڻھوءَ کي جنھن کان ڪو ڪسو ڪم ٿي پوي، چئبو ته؛ ”ڇا ڪيئي؟“ يا؛ ”ڇو پيو ڪرين؟“ ته چئي ڏيندو:
”واڳ ڌڻيءَ جي وس، آ ڪا پاڻ وھيڻي.“
”ايءَ ڪميڻي ڪير، جا امر کي آڏو ٿئي.“
جڏھن انسان محبت جي موجن ۾ غرق ٿي ويندو آھي ۽ کيس سواءِ دوست جي ٻيو ڪجھ نظر نه ايندو آھي ته چوندو آھي:
”جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن سڄڻ سامھون.“
مگر حافظ چوندو:
ہر جا کہ ہست پرتو روی حبیب ہست
وقت تي عاشقن جي دلين ۾ وسوسا پيدا ٿيندا آھن ته؛ ”ڇا ڪنھن کي آ پيار ڪريان ٿو، جنھن جي سڪ مون کي ھر وقت ستائي ٿي. ڇا اھو به مون کي ياد ڪندو ھوندو“ ته پنھنجي دل کي دم دلاسو ڏيندو ته:
تو جنين جي تات، تن پڻ آھي تنھنجي،
فاذکروني اذکرکم، اي پروڙج بات..
وقت تي ڪن دوستن، گھڻگھرن ۽ پيارن کان ڪي اوڻايون، گھٽتايون ۽ ڪسي پڪي ٿي پوندي آھي ته ٽياڪڙ، ڌرين کي ڦٽائڻ يا زنگ ۽ ڦڪت وجھڻ جي ڪندا آھن. اڳلي کي چوندا آھن ته؛ ”تو سان ھو ڪھڙو ٿا ورتاءُ ڪن، تون اجايو پيو انھن لاءِ مرين ۽ ڳرين!“ ته ھو چوندو:
”سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏھين..“
”پرين سندي پار جي، مڙيو ئي مٺائي..“
جيڪڏھن ڪنھن جو ڪو دوست دور ھوندو آھي يا رسي ويندو آھي ته شاھ جا ڄاڻو، مومل جيان نوڙت ۽ نياز ڪري چوندا ته؛
”مين سين ماڻو، مناسب نه ھوءِ مينڌرا...“
”مون گھر اچي جي، ٿئي مينڌرو مھمان،
آڻي جھوڪيان آڳ ۾، ڄيري وجھان ڄاڻ،
تاڻي تنورن ۾، ڀيري ھڻان ڀاڻ،
پيڪن سوڌو پاڻ، گھر تڙ گھوريان، پرينءَ تان.“
جڏھن ڪنھن جي دل ۾ ڪو راز اچي ٽڪندو آھي يا ڪنھن جو ڪنھن سان نينھن جو ناتو ٿي ويندو آھي ته راز کي لڪائڻ لاءِ پاڻ کي چوندو آھي يا ٻاڦ ٻاھر ڪڍندو آھي ته دوست چوندا اٿس:
بشر راز دل کھول کر ذلیل و خولر ہوتا ہے،
نکل جاتی ہے جب خوشبو تو گل بیکار ہوتا ہے۔
شاھ لطيف جي اکرن ۾ چئبو:
نھائينءَ کان نينھن، سک منھنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينھن، ٻاھر ٻاڦ نه نڪري.
جيڪڏھن انسان ڪنھن اھڙي شيءِ جي تلاش ۾ ھوندو آھي، جا وٽس موجود ھوندي آھي يا اھي جي ڪوڙ کي سچ ڀانيو ويٺا آھن، ته شاھ جي اکرن ۾ چئبو:
۱ . پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اڃ مرن..
۲ . نائي نيڻ نھار، تو ۾ ديرو دوست جو..
۳ . سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾..
۴ . ٽيڏي پسي ٽي، ھوت مڙوئي ھيڪڙو.
۵ . لھرن لک لباس، پاڻي پسڻ ھڪڙو.
جيڪڏھن ڪو ماڻھو، پنھنجي دوست کي چيڙائڻ لاءِ، ساڀيان سندي سھڻي کي ڇڏي، ٻين حسينن جي واکاڻ ۽ ساراھ ڪندو آھي ته، اڳلو بي اختيار ٿي پنھنجي دوست لاءِ چوندو آھي ته:
لک لھي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
۽ ٻين سھڻن لاءِ چوندو:
سوين ڪري سينگار، پر مٽ نه ڀانيان مينڌري.
ڪنھن کان جي گھٽتائي پنھنجي پاڻ کان ٿي ھوندي، پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھنيو ھوندائين ته شاھ جي اکرن ۾ چوندو:
ڀينر آ ڀلياس، نه ته سڪ سمھڻ ڇا لڳي.
 جيڪڏھن ڪو دوست رسي يا ڪاوڙجي ويندو آھي يا جنھن وقت انسان پنھنجي عملن جي ڪاري چٺي تي نظر ڊوڙائيندو آھي ته منھن مان بي اختيار نڪري ويندو آھي:
۱ . عدلان ڇٽان آن نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.
۲ . مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
جيڪڏھن ڪو سٻاجھو سائين يا مٺڙو مھمان ۽ دل گھريو دوست، پير ڀري پکي ۾ پيھي ايندو ته، اسين چونداسين:
گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
انھن جي اوطاق، راجا ريجھي آيو.
ڪنھن کي جي پرديس ۾ ڳچ ڏينھن لڳي ويندا آھن ۽ سندس وطن ورڻ جو موک نه ٿيندو آھي ته پنھنجي وطن جون جھريل جھوپڙيون ياد ڪري چوندو:
۱ . قسمت قيد ڪياس، نه ته ڪير اچي ھن ڪوٽ ۾.
۲ . پکن منجھ پساھ، قالب آھي ڪوٽ ۾.
جيڪڏھن ڪنھن جي غربت جو بيان ڪبو آھي ته چئبو آھي:
آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏھاڙي سومرا!
ڏکن متعلق ھيٺيون مصراعون مختلف وقتن تي مختلف نموني ڪم اينديون آھن:
۱ . ڏک سکن جي سونھن، گھوريا ڏک سکن ري.
۲ . مٺ مٺ سورن سڀڪنھن، مون وٽ وٿاڻا.
ھيٺيون مصراعون عام طرح، چوڻين طور ڪتب اينديون آھن:
۱ . ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
۲ . سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لھي.
۳ . ڍايون نه ڍاپن، پسڻ منجھان پرين جي.
۴ . ماڻھو گھرن مال، آ سڀ ڏينھن گھران سپرين.
۵ . ڏاتار ته تون، ٻيا سڀيئي مڱڻا.
۶ . تنھن کي گندري چوڻ گناھ، جنھن جي جھوليءَ چنڊ جھلي پيو.
۷ . دوست پڄاڻ دم، جا رھي سا رن ٿئي.
۸ . ڇا جي ڏنگا ڏير، شل ڏينھن ڏنگو نه ٿئي.
۹ . واٽون ويھ ٿيون، ڪہ ڄاڻان ڪيھي ويا.
۱۰ . اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
ھي چند مثال ’يک مشت نمونہ خروار‘ ھئا. ان کان سواءِ ٻيا به اڪيچار مثال آھن. جي ڪوشش ڪرڻ سان ھٿ اچي سگھن ٿا.


(اياز قادري؛ مشعل اياز (مضمون، مقالا ۽ يادگيريون)، قادري قلم قبيلو، لاڙڪاڻو، آگسٽ ۲۰۰۷ع، صفحو ۱۵۹ کان صفحو ۱۶۴ تائين، تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment