Saturday, March 28, 2020

مٽارن جو موت، ويندي جي ويرم - محبوب علي سمون


مٽارن جو موت، ويندي جي ويرم
ڇا شاھ لطيف جو چيل آھي؟
محبوب علي سمون
سنڌ جي قديم تاريخي شھر مٽياريءَ (متعلوي) جي باري ۾ ھيءُ پھاڪو ھر ڪنھن ٻڌو ھوندو. پر اڄڪلھ گھڻا ماڻھو ان جو غلط مفھوم پيش ڪن ٿا، جيڪو مٽياريءَ جھڙي ادبي ۽ مذھبي شھر تي ھڪ بد نما داغ آھي. ان لاءِ ضروري آھي ته ھن پھاڪي جي چڱيءَ طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ته جيئن ننڍو توڙي وڏو ھن پھاڪي جي حقيقت کان واقف ٿي وڃي. ھن پھاڪي جو لفظي مطلب ھيءُ آھي ته؛ مٽياري شھر ۾ جيڪو به ويو، اتي موت ھن لاءِ تيار ويٺو آھي. فقط وڃڻ جي دير آھي.


عام روايتن موجب ته ھيءُ پھاڪو واڻين جو ٺاھيل آھي ۽ اڪثر واڻين جي واتان ٻڌو ويندو آھي. پھاڪي جي لفظن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ھن پھاڪي جا ٻه حصا آھن. ھڪ ”مٽارن جو موت“ ۽ ٻيو ”ويندي جي ويرم“. ٻنھي حصن جا حرف، وزن ۾ برابر آھن ۽ ادبي لحاظ کان لفظن جي بيھڪ ۽ جوڙجڪ پڪي ۽ پختي نظر اچي ٿي. اسان جي خيال موجب، اھو پھاڪو واڻين جو جوڙيل ناھي. البت واڻين جي ڪنھن واقعي سان ضرور نسبت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته واڻيا، موت کي ”ديھانت“ ۽ ”چالاڻو“ ڪري چوندا آھن.
لفظن جي بيھڪ جي لحاظ کان ھيءُ پھاڪو نه، پر بيت معلوم ٿئي ٿو. شايد آخري سٽ جي گھڻي استعمال سبب، بيت جون اڳيون سٽون، سلسلو ٽوڙي چڪيون ھجن ۽ عام جي زبان تي فقط پھاڪي طور آخري سٽ رھجي ويئي ھجي ۽ اھو بيت حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ جو ڀانئجي ٿو. شاھ جا اھڙا ڪافي بيت موجود آھن، جيڪي پنھنجي اصليت وڃائي چڪا آھن ۽ ھينئر فقط پھاڪي طور استعمال ٿين ٿا.
مثال طور:
مون ڀانيو درويش، ھوئين بازن کان به بڇڙو!
اھو اڄڪلھ پھاڪي طور ڪتب اچي ٿو، جڏھن ته سندس اڳيون سٽون ھن طرح آھن؛
وڻ به ھئم ويجھڙا، پر ورسيس ڏسي ويس،
فقر ۽ فقيريءَ جو، تون لاھي ڇڏ لبيس،
اديون عبداللطيف چئي؛ تو کي نينھن جو لڳو نيش،
اھڙيءَ طرح شاھ جو ھڪ ٻيو مشھور بيت ٻن سٽن سان ھن طرح پڙھيو وڃي ٿو:
اکين ۾ ٿي ويھ، ته واري آئون ڍڪيان،
تو کي ڏسي نه ڏيھ، آئون نه پسان ڪي ٻيو. (سر آسا)
جڏھن ته ان بيت جي وچين سٽ ھن طرح آھي:
تارا ڪري تڪيو، پنبڻين ۾ ٿي ويھ،
ان کان سواءِ شاھ جا ڪافي بيت، پھاڪن ۾ پڻ استعمال ٿين ٿا.
مثال طور:
(۱)
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ، اچي بوءِ بھار جي.
(۲)
ڪا نه پڇي ذات، جي آئيا سي اگھيا.
(۳)
صبر جنين جو سير، تير نه گسي تن جو.
(۴)
منھن ۾ مسلمان، اندر آذر آھين.
(۵)
لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه ڪيان.
اھڙيءَ طرح زير بحث پھاڪو، لاکيڻي لطيف جو بيت ٿي سگھي ٿو. ڇو جو مٽياري سندس اباڻو شھر آھي ۽ ھن شھر ۾ سندس اچڻ وڃڻ، ٻين شھرن کان گھڻو ٿيو آھي.
لطائف لطيفيءَ ۽ مقدمہ لطفيءَ ۽ ٻين ڪتابن ۾، شاھ لطيف/ ڀٽ ڌڻيءَ جي باري ۾ ھڪ واقعو لکيو ويو آھي ته ھڪ ڏينھن شاھ صاحب جن، مٽيارين جي شھر کان لانگھائو ٿيا. ڇا ڏسن ته ھڪ ھندوءَ کي زوريءَ مسلمان بنائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. شاھ صاحب جن واڻئي جي دانھن ڪوڪن تي اوڏانھن وڌيا. سمورو قصو معلوم ڪري، شاھ صاحب جن کي ان ھندوءَ تي رحم اچي ويو. تنھن تي اتان جي سيد شھمير شاھ متعلويءَ کي چيائون ته؛ ’ھي ڇا ٿا ڪريو ۽ ڪھڙي مصلحت جي ڪري ھندو سزا ۾ ڦاٿو آھي؟‘ سيد شھمير شاھ ڏک سان ظاھر ڪيو ته؛ ’ان ھندوءَ پھريائين اسلام قبول ڪيو ٿي. پر ھاڻي انڪار ٿو ڪري.‘ ان کان پوءِ شاھ صاحب جن، ان ھندوءَ کي ڇڏائي پاڻ ڏانھن ورتو. ان کان پوءِ شاھ صاحب جو نھايت معتقد ٿي پيو ۽ ڪجھ وقت کان پوءِ پنھنجي رضا خوشيءَ سان مسلمان ٿيو. قوي گمان آھي ته انھيءَ موقعي تي شاھ لطيفؒ  ضرور لات لنوي ھوندي ته؛
”مٽارن جو موت، ويندي جي ويرم.“
اتفاق سان ”مٽارن جو موت“ فقري مان ابجد جي حساب سان ۱۱۵۶ھ نڪري ٿو. ممڪن آھي ته اھو واقعو انھيءَ سن ھجريءَ سان وابسته ھجي. مخفي نه رھي ته سيد شھمير شاھ (متوفي ۱۱۷۷ ھ) مٽياريءَ جو مشھور عالم ۽ صاحب شريعت بزرگ ھو ۽ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي جي سند يافتن ۽ شاگردن مان ھو. ان دور ۾ مخدوم محمد قائم ٺٽوي جي فتويٰ ڏنل ھئي ته؛ جيڪو به ذمي ھندو، ڪنھن مسلمان کي چوي؛ ”آئون تنھنجو ڀاءُ آھيان ته ان تي مسلمان ھجڻ جي فتويٰ لازم ٿي وڃي ٿي.“ ان کان علاوھ مخدوم محمد عثمان متعلوي (متوفي ۱۲۱۹ ھ) جو به اھو فيصلو ھو. جيڪو به ذمي ھندو، ڪنھن مسلمان کي ڀاءُ سڏيندو ھو ته ان تي مسلمان ھجڻ جي فتويٰ ڏيندو ھو. پوءِ کڻي ھندو ان ڳالھ جو ڪيترو به انڪار ڪري. انگريزن جي دور تائين انھيءَ فتويٰ تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويو.
سيد شھمير شاھ جي اولاد مان سيد حاجي محمد شاھ، سخت مذھبي خيال جو ماڻھو ۽ شھر جو قاضي ھوندو ھو. جنھن جي ھٿ تي به جيسواڻي واڻيا، مسلمان ٿيا ته ملڪ ۾ وڏو ممڻ مچي ويو. واڻين جي مائٽن، سيد صاحب تي ڪيس ڪيو. جنھن جي پاران قائد اعظم محمد علي جناح وڪيل ھو. انھن واڻين مان ھڪ شيخ محمد عمر فوت ٿي چڪو آھي. جڏھن ته ٻيو شيخ عبدالمجيد، ھينئر بمبئيءَ ۾ رھي ٿو.
ان دور ۾ حاجي محمد مستي، سيد حاجي محمد شاھ جو خاص معاون ۽ ٻانھن ٻيلي ھوندو ھو. واڻين کي وھنجارائڻ، وضو ڪرائڻ، طھر وھارڻ ۽ ڇھ ڪلما پڙھائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو ھوندو ھو. جيڪڏھن ڪو ھندو، مسلمان ٿيندو ھو ته انھيءَ جي خوشيءَ ۾ دھلن، دمامن ۽ شرناين سان زبردست جلوس ڪڍيو ويندو ھو. پوءِ سرگس ۾ ھي لفظ، سڀ گڏجي، ڏاڍيان پڙھندا ويندا ھئا.
موکي مٽ ڀريندا،
ٻانڀڻ ٻانگون ڏيندا،
دين محمد ﷺ ھو! ھو! ھو!
 اھي اسلامي نعرا ۽ جوشيلا جلوس ڏسي، واڻيا پنھنجن مٽن مائٽن ۽ عزيزن اقاربن کي چوندا ھئا ته؛
”مٽارن جو موت، ويندي جي ويرم.“
يعني جيڪڏھن اوھان مٽياري شھر ۾ قدم رکيو ته پوءِ اتي واڻيو ٿي ويھڻ محال آھي. (مسلمان ٿي وڃڻ ۾ دير نه لڳندي). انھيءَ کان پوءِ ھندو، ھوشيار ٿي ويا. پنھنجن دوستن، يارن ۽ احبابن کي مٽياري شھر ۾ اچڻ کان منع ڪندا ھئا ۽ کين ھدايت ڪندا ھئا ته ڳالھائڻ ۾ احتياط ڪجو ۽ ڀلجي به ڪنھن مسلمان کي ڀاءُ نه سڏجو.


(محبوب علي سمون؛ ڀٽائيءَ تي بھتان (شاھ بابت تحقيقي مضمون)، علمي ادبي اشاعت گھر، مٽياري، ڪتاب نمبر ۲، پھريون ڇاپو جنوري ۱۹۹۸ع، صفحو ۷۲ کان صفحو ۷۵ تائين، تان ٿورن سان کنيل)

1 comment:

  1. ھاڻ نہ اھي سيد سڳورا رھيا آھن ۽ نہ وري اُھي واڻيا..

    ReplyDelete