Monday, March 16, 2020

قرض بابت پھاڪا ۽ چوڻيون


قرض بابت پھاڪا ۽ چوڻيون
حسن نثار/ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
مختلف زبانن منجھ، قرض بابت، مختلف ۽ انوکا پھاڪا يا چوڻيون موجود آھن. ھيٺ ڏنل پھاڪن، چوڻين ۽ محاورن تي ھر ھڪ متفق آھي.

۱ . قرض سے موذی مرض کوئی نہیں۔
قرض کان وڌيڪ موذي/ ايذائيندڙ مرض ڪونھي.
مطلب؛
۱ . قرض؛ مرض.
۲. قرض جھڙو مرض ناھي.

۲ . قرض کمر توڑ دیتا ہے۔ (عربی)
قرض، خاص طور تي وياج تي کنيل، ڏينھن جو ته وڌي پر رات جو به ميٽر گھمندو رھيس. کڻڻ واري کي ڳڻتيون ۽ ڳارا ڏئي، لاھڻ جي جھوريءَ ۾ نھوڙي رکي ٿو.
مطلب؛
۱ . قرض، چيلھ ڀڃي.
۲ . دولت اچي ته ڳاٽو ڀڃي، وڃي ته چيلھ ڀڃي.

۳ . قرض زندہ کیلئے قبر ہے۔ (عربی)
قرض وٺندڙ، قرضين کان لڪندو وتندو آھي. سندس لڪي ويھڻ به قبر ۾ دفن ٿيڻ جي مترادف آھي.
مطلب؛
۱ . قرض، قبر مثل.
۲ . قرضي، جيئري قبر ۾.

۴ . قرض رشتوں کیلئے قینچی ہے۔ (عربی)
قرض کڻڻ کان پوءِ، قرضيءَ جي آڏو اک يا ڪنڌ کڻي ھلڻ ڏکيو لڳندو آھي. قرض ڏيندڙ ڪيڏو به ويجھو مائٽ ھجي، قرض وٺندڙ جا ساڻس رشتا ڇڊا ٿيندي ٿيندي، ايترا وٿيرڪا ٿي ويندا آھن جو ھڪ ٻئي وٽ مرڻي پرڻي، اچڻ کان به ھليا ويندا آھن.
مطلب؛
۱ . قرض؛ رشتن جي قئنچي.
۲ . قرض؛ قئنچي.

۵ . مقروض ایسا مقتول ہے جو سانس لے رہا ہو تا ہے۔ (فرانسیسی)
جڏھن جانور کي سير وجھبي آھي، جيستائين ساھ پوريءَ طرح ڌڙن کان ڌار ٿئيس، تيستائين پيو کرڙيون ھڻندو ۽ تڙپندو آھي.
مطلب؛
۱ . قرضي، ان ڪٺل مثل آھي، جيڪو اڃا ساھ کڻي پيو.

۶ . قرض حسنہ بھی ہنسنا بھلا دیتا ہے۔
قرض ڪھڙو به ھجي، روڳي، ڳڻتيون ڏيندڙ ۽ ڳاريندڙ ھوندو آھي.
مطلب؛
۱ . قرض حسنه به کلڻ وساري ڇڏي ٿو.

۷ . چور کیلئے کھانسی، سادھ کیلئے قرض موت سے کم نہیں۔
وڏن وڏن ڪاٽڪو چورن کي به مار موچڙي جي پرواھ نه ھوندي آ. ڦاسيءَ جو ٻڌي، سندن ساھ، ڌڙن کان ڌار ٿي ويندو آھي. اھڙيءَ طرح قرض جي يادگيري، اشراف ماڻھوءَ جو ھيانءُ چيري ڇڏيندي آھي.
مطلب؛
۱ . چور لاءِ ڦاسي، ساڌ لاءِ قرض؛ موت کان گھٽ ناھن.

۸ . قرض خواہ کی رام رام بھی، یمدود کا پیغام ہے۔ (ہندی)
قرض ڏيندڙ، سامھون اچي ته سرير مان اڌ ساھ نڪري وڃي.
مطلب؛
۱ . قرض ڏيندڙ جي کينڪر؛ ملڪ الموت جو نياپو.

۹ . عورت ایمان، دولت گذران، بیٹا نشان اور قرض ہیجان۔
عورت سان ايمان آ. نيڪ آ ته ايمان بچي، ڇڙواڳ آ ته ايمان نئي. دولت سان گذران ٿئي ٿو. پوري سوري ته گذران چڱو. ناھي يا گھڻي آھي ته سور ئي سور آھن. پٽ، پيءُ جي لاءِ مردانگيءَ جو ثبوت ھجڻ سان گڏ، پوئتي جي نشاني آھي. قرض کڻڻ، بيماريون پالڻ جي برابر آھي.
مطلب؛
۱ . زال ايمان، ڌن گذران، پٽ اھڃاڻ، قرض ھيجان.

۱۰ . قبر پر قبر نہیں بنتی یعنی مقروض کو کوئی قرض نہیں دیتا۔
ھڪ قبر ۾ ھڪ مردو دفن ٿيندو آھي. ٻئي مردي لاءِ، ٻي قبر کوٽڻي پوندي آھي. ٺھيل قبر مٿان، ٻي قبر نه ٺھندي آ.
مطلب؛
۱ . قبر مٿان قبر نه ٺھندي آ.
۲ . قرضيءَ کي ٻيو قرض ڪير نه ڏيندو آ.

۱۱ . جس کا ہووے سودی یار، اس کو دشمن کیا درکار۔ (سنسکرت)
وياج خور، پنھنجي ويجھي رشتيدار مان به نه مڙندو آھي. ڀاءُ سان به سود جي اڳاڙيءَ ۾ جھيڙو ڪندي دير نه ڪندو آھي. اکين-ٻوٽ ۽ وحشي ٿي پوندو آھي.
مطلب؛
۱ . وياج خور جنھن جو يار، تنھن کي دشمن جي ڪھڙي درڪار.
۲ . واڻيو ھجئي يار، ٻيو دشمن ئي نه ڌار.

۱۲ . بھوک نیامت (نعمت)، قرض قیامت۔ (پنجابی)
بک ڪاٽڻ ۾ گھڻيون بيماريون ھٽن ٿيون. ان کي نعمت سان تشبيھ ڏني وئي آھي. قرض سان مسئلا ڪر کڻن ٿا، ان کي قيامت سان ڀيٽيو ويو آھي.
مطلب؛
۱ . بک نيامت، قرض قيامت.

۱۳ . نہ قرض خواہ بنئے، نہ مقروض۔ (شیکسپیئر)
قرض ڏبو ته موٽائڻ وقت منھن ڪؤڙو ڪري گھربو، جنھن سان رستا ٽٽيو وڃن. قرض کڻبو ته، نه موٽائي سگھڻ واري صورت ۾ ڳيجھو يا ھيسيل ٿيڻو پوندو.
مطلب؛
۱ . قرض؛ نه ڏجي، نه وٺجي.
۲ . قرض؛ نه ڏني چڱو، نه ورتي چڱو.

۱۴ . ملک الموت، قرض خواہ کی صورت میں بھی ملتا ہے۔ (فرانسیسی)
ملڪ الموت، ساھ ڪڍندڙ آھي، جيڪو حياتي پوري ٿيڻ وقت ھڪ دفعو اچي ٿو ۽ ساھ ڪڍي ھليو وڃي ٿو. قرض ڏيندڙ جو ملڻ به موت جي سڏ برابر آھي.
مطلب؛
۱ . ملڪ الموت، قرض ڏيندڙ جي صورت ۾ به ايندو آھي.

۱۵ . جو مقروض نہیں، وہ مفعول نہیں۔ (جرمن)
قرضي، ڳيجھو رھي ٿو. قرض ڏيندڙ جي ھر ڳالھ مڃي ٿو. اگر اھو کانئس ڪڌي ڪم جي فرمائش ڪري ته به کلي کلي پوري ڪري.
مطلب؛
۱ . جيڪو مقروض ناھي، سو مفعول ناھي.
۲ . مقروض؛ مفعول.

۱۶ . القرضخواہ : ملک الموت بے اجل۔
جنھن کان قرض کڻجي ٿو، سو ملڪ الموت وانگر آھي، جيڪو بنا اجل يا ساھ ڪڍڻ جي صورت ۾ ملي ٿو.
مطلب؛
۱ . قرض ڏيندڙ، بي اجل موت برابر.

۱۷ . المقروض مذبوح۔ (قرض دار ذبح کیا ہوا ہے)
ڪٺل يا سير پيل، تڙپندو آھي پر ڪھندڙ سان نه ڪڇي سگھندو آھي ۽ نه سينو ساھي سگھندو آھي.
مطلب؛
۱ . قرضي؛ ڪٺل.

۱۸ . القرض مقراض المحبة۔ (قرض محبت کی قینچی ہے)
قرض کڻڻ سان رشتا ڍرا ٿي ٽٽيو وڃن. سڪ/ محبت پڻ ختم ٿيو وڃي. ڀائيچارا ختم ٿيو وڃن. وقت پوندي، ھڪٻئي کي موچڙا ھڻجن ٿا ۽ ڪورٽن منجھ ڪيس پڻ ڳائجن ٿا.
مطلب؛
۱ . قرض، قرب لاءِ قئنچي.

۱۹ . القرض مفتاح الذّلّ۔ (قرض ذلت کی کنجی ہے)
قرض کڻڻ سان ذلت ۽ رسوائيءَ جا دروازا کليو وڃن. قرضي، عزت وڃائي ويھي ٿو. ھر ڪو ساڻس ملڻ کان پيو لھرائيندو آھي.
مطلب؛
۱ . قرض؛ ذلت جي ڪنجي.

۲۰ . الید العلیا خیرٌ مِّنَ الیدِ السفلٰی۔ (اوپر والا ہاتھ نیچے والے سے بہتر ہے)
ڏيڻ واري ھٿ کي مٿيون ھٿ ۽ وٺڻ واري کي ھيٺيون ھٿ چيو ويو آھي. مٿيون ھٿ، قرض ڏئي ٿو، ھيٺيون ھٿ قرض کڻي ٿو. ڏيندڙ کي وٺندڙ جي ڀيٽ ۾ سٺو سڏيو ويو آھي.
مطلب؛
۱ . مٿيون ھٿ، ھيٺئين ھٿ کان چڱو آ.

۲۱ . قدرت کا انتقام چار صورتوں میں سامنے آتا ہے؛ قحط، وبا، جنگ اور قرض۔ (روسی )
قدرت، ڪڌن ڪمن وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ، مٿان لٺ باٺي وارا نه ٿي لاھي، بلڪ مٿن مصيبتون ٿي نازل ڪري. جيڪي مختلف روپن منجھ اچن ٿيون. جھڙوڪ؛ ڏڪر، وبا، جنگ ۽ قرض.
مطلب؛
۱ . قدرت جو انتقام چئن صورتن ۾ اچي ٿو؛ ڏڪر، وبا، جھيڙو ۽ قرض.

۲۲ . یہ چند چیزیں جہنم سے کم نہیں؛ لا علاج مرض، کرپٹ حکمران، جاہل علماء، بدکار ہمسایہ، غصیلا گنوار، عوام دشمن عہدیدار اور کمینہ قرض خواہ۔
ڪجھ شيون گھڻي تڪليف ڏيندڙ ھونديون آھن. انھن جي اذيت جي ڀيٽ، سمجھائڻ واسطي، جھنم جھڙي ڪربناڪ جڳھ سان، ڪئي وئي آھي. اھي آھن؛ لا دوا مرض، راشي حاڪم، جاھل عالم، بدڪار پاڙيسري، چيڙاڪ ڌنار، رعيت دشمن ڪامورو ۽ ڪميڻو قرض خواه.
مطلب؛
۱ . ھي چند شيون جھنم کان گھٽ ناھن؛ لا دوا بيماري، ڦورو حاڪم، جاھل عالم، بدڪار پاڙيسري، چيڙاڪ ڌنار، رعيت دشمن ڪامورو ۽ ڪميڻو قرض خواه.

۲۳ . بیٹے تین قسم کے ہوتے ہیں؛ پوت، سپوت، کپوت. پوت وہ جو وراثت برقرار رکھے، سپوت وہ جو اس میں اضافہ کرے اور کپوت وہ جو قرض اٹھانے پر مجبور ہو جائے۔ (سنسکرت)
اولاد، دنيا جي سونھن به آھي ته آزمائش به، سڄڻ به آھي ته دشمن به. تنھن ھوندي به انھن جا ٽي قسم ڳڻيا ويا آھن؛ پٽ، سپوٽ، ڪپوٽ. پٽ اھو آھي، جيڪو ابي جي وراثت مان مليل ملڪيت کي وڃائي نه. سپوٽ اھو آھي جيڪو وراثت واري ملڪيت وڌائي. ڪپوٽ، اھو آھي جيڪو وراثت جو مال/ ملڪيت ته وڃائي پر قرض کڻي وڏن جو نالو به بد ڪرائي.
مطلب؛
۱ . پٽن جا ٽي قسم؛ پٽ، سپوٽ، ڪپوٽ.

۲۴ . چار چیزوں کی قلت ہی بہتر ہے؛ قلت الطعام، قلت المنام، قلت الکلام اور قلت القرض۔ (یعنی قرض ہو بھی تو وقتی کم)
جتي شين جي گھڻائي، غافل ڪندڙ آھي، اتي ٿورائي به منجھائيندڙ آھي. تنھن ھوندي به ڪي اھڙا ڪم يا شيون آھن، جي جيترو ٿورا ھجن اوترو چڱو. جھڙوڪ؛ گھٽ کائڻ، گھٽ سمھڻ، گھٽ ڳالھائڻ ۽ گھٽ قرض.
مطلب؛
۱ . چار شيون گھٽ ھجن ته چڱيون؛ کاڌو، ننڊ، ڳالھائڻ ۽ قرض.

۲۵ . غلطی چار قسم کی؛ سہواً، عمداً، خطا ً اور قرضاً۔
غلطي، انسان کان سرزد ٿيندي آھي. اھا سندس فطرت ۾ شامل آھي. انسان کي نسيان يا خطاڪار پڻ سڏيو ويو آھي. سندس ڪيل غلطين جا به قسم آھن؛ ڀل چڪ، ڄاڻي واڻي، اڻڄاڻائيءَ ۾ ۽ قرض طور.
مطلب؛
۱ . غلطيءَ جا چار قسم؛ سھوًا، عمدًا، خطاً ۽ قرضًا.

۲۶ . شبنم کنواں نہیں بھر سکتی، قرض پیٹ نہیں بھر سکتا۔ (پراکرت)
ماڪ، جيڪا ٿڌ واري رات ۾ پوي ٿي، سا مقدار ۾ تمام ٿوري ھوندي آھي. ان جي ڀيٽ، مينھن يا ريج سان نه ٿي ڪري سگھجي. کوھن جا نار، ماڪ سان ڀرجي نه سگھندا آھن. کنيل قرض به لاھڻو پوندو آھي. ان سان ٺاھيل ڪارخانا يا ڌنڌا، گھڻو وقت، نه جٽاءُ ڪري سگھندا آھن ۽ نه وري نفعو ڏئي سگھندا آھن.
مطلب؛
۱ . نه ماڪ سان کوھ ڀرجي سگھي، نه قرض سان پيٽ ڀرجي سگھي.

۲۷ . جو اپنی جیب سے قرض ادا نہیں کر سکتا، اپنی کھال سے ادا کرتا ہے۔ (چینی)
قرض، ھر صورت ۾ لاھڻو آھي. کيسي مان ڀري لاھجي يا محنت مزدوري ڪري، ھڏ ھڻي، اس ۾ چمڙي ساڙي، پئسا ڪمائي لاھجي. لاھڻو ضرور آھي.
مطلب؛
۱ . جيڪو قرض کيسي مان نه ٿو لاھي سگھي، تنھن کي کل مان لاھڻو پندو.

۲۸ . بھوکا سو رہنا، مقروض ہو کر اٹھنے سے سو گنا بہتر ہے۔ (چینی )
اڻ ھوند ۾ کائڻ لاءِ نه ھوندو آھي. لنگھڻ، وقت ڪاٽڻ ڏاڍو اوکو آھي. جڏھن ته وقت کي، ڏکيو يا سکيو، گذرڻو آھي ۽ گذري ئي ويندو آھي. ان جي ڀيٽ ۾ قرض کڻي، پيٽ کي ٻالنگھ ڏجي ته قرض لاھڻ واري ڳڻتي، لنگھڻ سمھڻ واري تڪليف کان وڌيڪ اذيتناڪ ھوندي آھي.
مطلب؛

No comments:

Post a Comment