جو پن منگ ۾ مزو آ، سو
ست رڇي طعام ۾ ناھي.
هڪڙي
بادشاھ، هڪڙي فقيرياڻيءَ سان شادي ڪئي. راڻي صاحبه، محل جا ست رڇي طعام نه کائي.
بادشاھ سلامت حيران ٿيو ته؛ ”هيءَ کائي ڇا ٿي؟“
نيٺ
رات جو جاسوسي ڪيائين. خبر پئي ته؛ محل جي بورچيخاني مان بچيل مانيءَ جا ڀور کڻي،
محل جي درين ۾ رکي، پوءِ الله جي نالي جي سين هڻي، اتان کڻي کائيندي هئي. يعني پني
کائيندي ھئي.
پڇيائينس؛
”ائين ڇو ٿي ڪرين؟“
چيائين؛
”پن جي ماني ۾ جيڪو مزو آهي، اهو محل جي ست رڇي طعامن ۾ ناهي.“
مطلب:
۱ . جا
پن تي ھري، سا مڙس ڇو ڪري؟
۲ .
ڀنگياڻي ٿئي راڻي، طبيعت اھا گونھاڻي.
۳ .
جارا ڏيوڻا، مين کاوڻا.
۴ . جو
پن تي ھريو، تنھن کان مزوري نه پڄندي.
(شھربانو
ڪاڪا جي فيسبڪ وال تان کنيل)
No comments:
Post a Comment