Friday, November 23, 2018

سنڌي ٻوليءَ تي موسيقيءَ جو اثر - عبدالحق ابڙو


سنڌي ٻوليءَ تي موسيقيءَ جو اثر
عبدالحق ابڙو
قديم دور کان وٺي، سنڌ ۾ سنگيت جي اھميت رھي آھي ۽ ان جا اھڃاڻ اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ملن ٿا. سنڌ ۾ موسيقيءَ جو مان مٿاھون ھو ۽ ماڻھو موسيقيءَ جا متوالا ھئا. انھيءَ جو نتيجو اھو نڪتو جو ماڻھو ڪي اھڙا محاورا استعمال ڪرڻ لڳا، جن جو سڌو سنئون تعلق راڳ سان ھو.
ائين آھستي آھستي سنڌي ادب تي اثر ٿيڻ لڳو. ايتري قدر جو انھن محاورن جو اثر سنڌي ڊرامن تي به ٿيڻ لڳو ۽ اھي محاورا ڊرامن جي ڊاييلاگن ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. مثال طور:
۱. ”کٽ راڳ“ معني مصيبت ۾ پوڻ.
موسيقيءَ ۾ کٽ راڳ، ھڪ اھڙو راڳ آھي، جنھن ۾ شڌ ڪومل ۽ تيور سڀ سر لڳندا آھن. تنھنڪري راڳ ڳائڻ مصيبت ھوندو آھي.
يوسف؛ ”ڪمال! ماٺ ڪر! کٽ راڳ نه ڪر. نه ته آئون ھليو ويندس.“
ڪمال؛ ”ادا! تون نه وڃ، مون چپ ڪئي.“

Saturday, November 17, 2018

پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي - اعجاز احمد ميمڻ


پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي
اعجاز احمد ميمڻ
سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”اصطلاح“ عربي ٻوليءَ کان آيل آهي. جيڪو ٻوليءَ جي سونهن، سينگار ۽ سجاوٽ پيدا ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ڇو ته ٻوليءَ اندر استعمال ٿيندڙ جملن ۾ اصطلاح جو استعمال، جملن کي اثرائتو ۽ وڻندڙ بڻائي ٿو. ٻوليءَ ۾ پنهنجي مفهوم کي ظاهر ڪرڻ لاءِ عام لغوي معني رکندڙ لفظن جو استعمال به ڪري سهگجي ٿو پر اصطلاح، ٻوليءَ جو اهم مضبوط جز آهي. جنهن سان ساڳيو مفهوم وڌيڪ اثرائتو ۽ وزندار ٿي سگهي ٿو.

Friday, November 9, 2018

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان - مٺل جسڪاڻي


عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان
مٺل جسڪاڻي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي سنوار سڌار جي نتيجي ۾، تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي جي سھيڙ سنگھيڙ وارو ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوھ“، نئين، سولي ۽ سڦل انداز ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جي ڪتاب نمبر ۵۸ طور، پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ڪندڙن لاءِ، ڪتابن جي ھٽن، بازارن ۾ پھچي چڪو آھي. مون تائين، منھنجي شاگرد ۽ انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي ڀائٽي رفيع الله سھتو معرفت ھن ڪتاب کي سنواريندڙ سڌاريندڙ جي ٿورن سان پھتو آھي.
ڪتاب کي اک مان ڪڍندي، گھڻن ھنڌن تي اک ٽڪ ٻڌي بيھندي به رھي، پر چوڻي ”عقل بنا آدمي، پسون سمان“ پڙھيم، ته...

Wednesday, November 7, 2018

اربع خطا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


اربع خطا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
’اربع خطا‘، ھڪ ورجيس آھي. منجھانئس جڙندڙ اصطلاح ٿيندو؛ ’اربعا خطا ٿيڻ.‘
اربع، عربي زبان جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ ’چار‘ آھي.
خطا به عربي لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي؛ ’گسڻ‘، ’ڀل ٿيڻ‘، ’چڪ ٿيڻ‘.
اربع خطا ٿيڻ: چوٿون ڀيرو گسڻ، چوٿون ڀيرو ڀلجڻ، چوٿون گھمرو چڪ ٿيڻ، چوٿين خطا ڪرڻ.

Friday, November 2, 2018

سنڌي زبان جي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو


سنڌي زبان جي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو
(شاعرن جي ڪلام ۽ عام چوڻين جي حوالي سان)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو 
سنڌي زبان ۽ اُن جا محاورا (Dialects) پنهنجي رنگا-رنگي ۽ گوناگون خاصيتن جي ڪري تحقيق ڪندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث آهن. لاڙ جي لساني حد بندي ضلعن جي حوالي سان ڪرڻ مشڪل آهي. پوءِ به بدين ضلعو مڪمل طور لاڙي محاوري جي ترجماني ڪري ٿو. ٺٽو ضلعو سپرهاءِ وي جي ڏکڻ ۾، ۽ قرب اُتريون حصو توڙي ڪراچيءَ جو سامونڊي ڪنارو ڪنهن حد تائين لاڙي محاوري ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. حيدرآباد ضلعي جو ڏاکڻيون حصو به لاڙي محاوري جي ترجماني ڪري ٿو. هاڻي ڪجهه قدر مواصلات جي ڪري لاڙي شهري علائقن تي معياري محاوري اثر وڌو آهي. اِن هوندي به هڪ محاوري کي انتظامي حد بندين ۾ پوري ريت ڏسي پسي نٿو سگهجي. مون پنهنجي ڪتاب لاڙ جي لغات ۾ لاڙ جو نقشو ڏنو هو، سو ڏسڻ گھرجي.

Sunday, October 28, 2018

تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ


تڏھن ٿي ملير مرڪي، جڏھن مول اٿس ماءُ
(مجلس ملير سان مارڪو)
صالح محمد يار محمد سمون
مان پنھنجي مضمون جي عنوان ۽ حقيقت بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ حاضرين بزرگن ۽ ھردلعزيز دوستن جي خذمت ۾ ھي ٻه اکر پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
اسان جي خوشقسمتيءَ جو، اڄ ڪھڙو نه سھائو سج اڀريو آھي، جو اڄوڪي ڏينھن جي خوشيءَ کي تصور ڪريون ٿا.
عام چوڻي آھي ته؛ ”موت ۽ ملاقات، اوچتا ٿين ٿا.“، ”لوچين، سي لھن.“ ۽ ”ڏورين سي ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.“ قادر جا وڏا قرب، جنھن ورھن جا وڇڙيل، استاد ۽ شاگرد، دوست ۽ پاڙيسري، ھن نيڪ بخت جاءِ تي ھن محفل ۾ ھڪ ٻئي کي ملايا آھن. ھيءَ اھا پاڪ ۽ مقدس جاءِ آھي، جنھن جي سائي ۾ اڪثر اسين سمورا خصوصا مليرڀائي سڀ پڙھيا ۽ پليا آھيون.

Saturday, October 27, 2018

منفي پرچار - امتياز احمد عرساڻي


منفي پرچار
امتياز احمد عرساڻي
پهاڪاتي ۽ محاوراتي ٻولي، زبان جو اصل چَسُ هوندي آهي. هڪ ئي لفظ ۽ جملي ۾ بيان ڪيل تشريح، ڪيترن ئي رخن کان پنهنجون معنائون ظاهر ڪندي آهي. صدين تي آڌاريل تجربا، آزمودا ۽ اثر لفظن کي پنهنجا اَرٿ ۽ منشا بخشيندا آهن ۽ چوڻيون، اظهاريندڙ جي مطلب کي طاقت ۽ قوت فراهم ڪنديون آهن. عزت افزائيءَ جو قول هجي يا ناڪاري نشاندهي، همت افزائيءَ جو محاورو هجي يا منفي پرچار، سموري ورجيس پنهنجي مطلب ۽ مراد ۾ گهڻ-پاسائين کان معنيٰ رکندي آهي. دورِ قديم، پنهنجي زماني جي ضرورتن آهر، اصطلاحي ٻوليءَ کي جنم ڏنو ۽ نئين جَــڳتُ وري پنهنجي رواج موجب، نيون معنائون ۽ مطلب گهڙيا! ماضِي ۽ حال وانگر، مستقبل ۾ به وقت سان گڏ جديد لاڙا متعارف ٿيندا رهندا ۽ انهن سان گڏ نڪور محاورا ۽ نيون چوڻيون به جڙنديون رهنديون. ڪجھ مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا.