Sunday, July 30, 2017

جديد ڊڪشنري - هالار اترادي

جديد ڊڪشنري
هالار اترادي


۱: وڪيل: حرام حلال جي ڪاتي.
۲: صوبيدار: مرڻو به کائي، پرڻو به کائي.
۳: ملان: آڻ پرائي، ته ڏسئون کائي.
۴: حاجي: انٽرنيشنل واپاري.
۵: واپاري: يا! ملاوٽ تيرا آسرا.
۶: انگريزي اسڪول: ٽيوشن سينٽر.
۷: ٻهراڙيءَ جو پرائمري ماستر: وڏيري جو منشي.
۸: انگريزي ماستر: ڪاپي ۽ ٽيوشن جو چيمپيئن.
۹: ڪاليج: کڙتالي سياست گهر.
۱۰: ليڪچرار: جيڪو پهرين تاريخ تي ڊيوٽي تي اچي.

Thursday, July 27, 2017

وٽ تي رسو ڀڃڻ - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

وٽ تي رسو ڀڃڻ (اصطلاح)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو





رسو، اڪثر ڪري، سڻيءَ منجھان وٽي ٺاھبو آھي. ڊيگھ ۾ تمام وڏو ھوندو آھي. جنھن ڪري ان کي ويڙھي، ويٽي جي صورت ۾ رکبو آھي. حسب ضرورت اتان، ٽڪرا ڪپي استعمال ھيٺ آڻبا آھن.

Saturday, July 22, 2017

شاطرن سان شرط نه رکجي

شاطرن سان شرط نه رکجي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
آڳاٽي زماني جي ھڪڙي بادشاھ اعلان ڪيو، جيڪو ماڻھو ڪا نئين راند ايجاد ڪندو، جنھن سان مون بادشاھ کي وندرائيندو، تنھن کي دل گھريو انعام ڏنو ويندو.
هڪڙي عقلمند درٻاريءَ، بادشاهه جي حضور ۾، شطرنج راند پيش ڪئي، جنھن جا مھرا عاج مان جڙيل ھيا. بادشاھ کيس ان راند کيڏڻ لاءِ، طريقيڪار پڇيو. ان کلاڙي درٻاريءَ، شطرنج راند جا چوھٺ خانا، ھڪڙا اڇا ٻيا ڪارا، بادشاھ کي سمجھايا. ان بعد سورھن مھرا ھڪ کلاڙيءَ جا ۽ سورھن مھرا ٻئي کلاڙيءَ جا، نالن سميت کيس ٻڌايا. انھن جون چالون به کيس، ان زبان ۾ سمجھايون، جنھن ۾ بادشاھ سمجھندا آھن. ڳالھين ئي ڳالھين ۾ ھڪ ٻه راند بادشاھ سان کيڏيائين پڻ. بادشاھ، راند ۾ ايترو محو ٿي ويو جو کيس وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيو.

Friday, July 21, 2017

پنھنجو حق ڇڏڻ لاءِ، ڪير به تيار ناھي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پنھنجو حق ڇڏڻ لاءِ، ڪير به تيار ناھي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھڪڙي فقير، هڪڙي گهر جي سامهون بيھي، ڏھين روپئي جي صدا ھنئي.
”فقير!...“ گهر جي نئين نويلي ڪنوار، در جي چخ مٿي ڪري چيس؛ ”بابا معاف ڪر..!“
فقير، اھو ٻڌي ٻئي در تي سين ھڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو. پويان ڪنوار جي سس، پنھنجي ڪمري مان نڪتي. تنھن جي ڪنن تي، ننھن جو آواز پيو ته يڪدم فقير کي سڏ ڪيائين.

هاٿيءَ وارا ڏند- مير اعظم علي ٽالپر

هاٿيءَ وارا ڏند
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا جي ٻين ملڪن جي خبر نه آهي، پر اسان ۽ اسان جي معاشري ۾ ڪي ڳالهيون اسان جي سماج جو حصو بڻجي ويون آهن، جيئن ’ڏند‘- ڏندن جي ڪري هيڏو سارو ’هاٿي‘ بدنام آهي، انهي هاٿي جي قد بت سبب ڪيترن ئي ’انسانن‘ کي جيڪي حقيقت ۾ ’انسان‘ ۽ ’انسانيت‘ وارا هوندا آهن يا نه پر ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي شڪل وارا ضرور هوندا آهن، ان لاءِ به اهو چيو ويندو آهي. ڏسو ته سهي ”مڙس هاٿي لڳو پيو آهي.“ هاڻي اها خبر نه آهي ته هاٿي پنهنجن ٻن ڏندن سبب پهرين ڪيئن ۽ ڪٿي بدنام ٿيو ۽ ان مٿان اهو بدنامي جو ڪنڀار وارو ’ٺڪر‘ ڪنهن ڀڳو؟ حالانڪه ڏندن لاءِ جيجي زرينه بلوچ ڳايو آهي ته، ”ڏند ته موتي هيرا لال جواهر“ پر اهي ڪي ٻيا ڏند هوندا. اهڙي ريت بيمار ۽ اگهو ’شينهن‘ ڀلي ڪجهه به ڪري سگهي، فقط جهنگ ۾ سُتي، سُتي گجگوڙ ڪندو ته به ستن ڪوهن تي سندس اها گجگوڙ ٻڌي چئبو ته هائو ٻيلي جهنگ ۾ اڃا به ’شير‘ عرف شينهن موجود آهي. ان وانگر ويچارو اُٺ هلڻ ۾ هلاڪ جُهور هوندي به اهو چئبو آهي ته پُوڙهو اٺ وري ٻه ڪنواٺ لهي. بهرحال هر ڳالهه، هر ڪم ۽ هر فيصلي ۾ هاٿي وارا ’ڏند‘ ضرور ڪم اچن ٿا، جيڪي ’اصل‘ ۽ ’نقل‘ سان گڏوگڏ رک رکڻائي به ڪن ٿا. ان وانگر سُتل شير ۽ شينهن جي ٺلهي رڙ به ڊيڄارڻ جو ڪم ڏئي ٿي ۽ اٺ رڙي يا نه رڙي پوءِ به سائين منهنجا ’ريگستان جو جهاز‘ آهي.

Sunday, July 16, 2017

حساب برابر ٿيو


حساب برابر ٿيو
هڪ بادشاهي محفل ۾ ڪنهن ڳائڻي ڳائڻ شروع ڪيو.
بادشاهه خوش ٿي هزار روپين جي انعام جو اعلان ڪيو.
وري ڳائڻي دل سان ڳائڻ شروع ڪيو.
بادشاهه، ان تي وري هيرن جواهرن جي پيٽي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
ڳائڻي اڃا ويهن آڱرين جو زور لڳائي ڳايو.

Tuesday, July 11, 2017

غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ.

غيرن کي پيرين پئبو ئي پيرن ڪڍڻ لاءِ آ. (چوڻي)
ھڪڙي ڀت، سرن، گاري ۽ گچ سان ڏاڍي مضبوط اڏيل ھئي. رازي به دل سان ٺاھيو ھيس. شاھل ۾ پڻ ٽُڪ سڌي ھئي. ان سڌائيءَ جي ڪري قداور ۽ شاندار پئي لڳي.
ڀر وارو رستو ٿورو ھيٺ ڀرو ھيو. ھڪ ڏينھن برساتي پاڻي، ڍوري ڪري، اچي ڀت جي پاڙ ۾ بيٺو. ڀت جي پاڙ کي آلاڻ محسوس ٿي ته کانئس پڇيائين؛ ”ھي ڇا ٿو ڪرين؟