ٿر جي چارڻ ڪَوِين جي
رومانوي شاعري
(لوڪ ادب.)
ڀارومل امراڻي
ٿر جي
چارڻن جي رومانوي شاعري به ڏاڍي دل لڀائيندڙ پئي رهي آهي. رومانوي شاعريءَ ۾ چارڻ
شاعرن پيار، محبت جي تصور کي سگهه ڏئي من جي معصوميت سان امن جو هٿ پڪڙيو آهي.
ڪويتا جي ڪنٺي تي بيهي، سرسوتيءَ ۽ ڪاليءَ کي سرچائي، چاهتن جي چانڊوڪيءَ ۾ انساني
عشق جو امرت پيتو آهي. چارڻ ڪوين، ڪوتا ۾ ڪاڪ محل جا رنگ رچايا به آهن ته ڪاڪ محل
کي ڪاڙهيو به آهي. ڪوتا ۾ مومل ڏاگهه تان موٽائي به آهي ته مومل کي ڏاگهه تي
چاڙهيو به آهي.

