ھٿ-ڦاڙ ٿي، پشيمان ٿيڻ
کان، منڍئون ڪڇي ڦاڙجي.
(سنڌ، پھاڪو)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ھٿ-ڦاڙ؛
وڏو خرچائو، اجايا خرچ ڪندڙ، بنا تور تڪ جي ضايع ڪندڙ.
ڪڇي
ڦاڙڻ؛ مئي يا ماپي ڪپڙو ڪٽجي ته جيئن منجھانئس لٽا پورا پنا ٺھن. نه کرن، نه وڏا
ٿي وڃن.
ڪپڙو
ائين ڪٽجي جيئن ڪپڙو اجايو ضايع نه ٿئي. باقي بچيل ڪپڙي مان ٻيو ڪارج سري سگھي. نه
ئي لُنڊا ٺاھجن جو موراڳو، ڪم اچڻ بجاءِ اڇلڻا پئجي وڃن. سوچي سمجھي قدم کڻجي. ان
۾ ڀلائي آھي.
دنيا
جي زندگيءَ اندر، ھر قدم سوچي سمجھي کڻجي. نه وک وڌائي کڻجي، نه کٽائي کڻجي. مناسب
ڊيگھ جي وک کڻجي. ھروڀرو ٻرانگھون ڀرڻ جي ضرورت ڪانھي ۽ نه ئي وري ڍرڙو ٿي ٻين جي
محتاجي ڪڍڻ جي ضرورت آھي.
مطلب:
۱. ھر قدم، وچٿرو کڻجي.

No comments:
Post a Comment