ڪلر تي مينھن جو پاڻي، ڪھڙا
سلا پيدا ڪندو؟
(سنڌ، پھاڪو)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڪلر؛
ڪلراٺي زمين، سيڪ وتي زمين، ساڻي زمين.
مينھن
جو پاڻي؛ مينھاڻي، برساتي پاڻي.
ڪلر
تي، يعني ڪلراٺي پٽ تي يا ڪلراٺي زمين ۾، مينھن پوندو به، ٻج پيل به ھوندو يا ڇٽبو
بہ، ڪلر سبب ڦٽندو ڪو نه. اھا ھڪ عام زرعي صورت
آ.
مينھن
جو پاڻي، عام مٺي زمين ۾، بھترين ڦُٽل فصل به سڪايو ڇڏي! ان ڪري ئي ته سياڻا
آبادگار، برسات کان پوءِ، تڪڙ ڪري، برسات جي گپ ھوندي به، آبپاشي جو پاڻي ڏيندا
آھن. جڏھن ته تيزابي برساتن جو
خطرناڪ اثر ته ھر جاندار تي به ٿيندو آھي! اھو ئي سبب آھي جو پھرين برسات ۾ وھنجڻ کان وڏڙا منع ڪندا آھن.
آڳاٽي
دور ۾ ھاري ناري، ڪجھ جر جو (نار ذريعي)، ڪجھ موڪي (پڌرو پاڻي) ڪجھ مينھاڻي
(برساتي) پاڻي پوکن کي ڏئي گذارو ڪندا ھيا. جڏھن ته پاڻي سڀ، مينھن (برسات) وارو
ئي آ. وقت سر ڪم آڻڻ لاءِ گڏ به ڪبو آ.
ائين به
ڏٺو ويو آ ته ساڳيو مينھن جو پاڻي، نقصان به ڪري ٿو! ڇو جو مھينن پڄاڻان پوندڙ
پھريون مينھن، ماحول مان گئسون ۽ ٻيون غلاظتون کڻي ايندو آ. جنھنڪري نقصان ڪندو آ.
اھو به اگر ڪٿي گڏ ڪبو ته ڪجهه ڏھاڙن کان پوءِ بنا خطري استعمال جھڙو ٿي پوندو
آھي.
مطلب؛
۱. ڪلر
مان ڪين ٿئي، توڙي جر پيارينس جل!
۲. ڪن
عورتن کي ڪي زالاڻيون بيماريون ٿي پونديون آھن، جن کان پوءِ کين اولاد نہ ٿيندو آ.
تن لاءِ به ائين مثال ڏبو آ.
۳. زال به پوک آ. منجھانئس اولاد جھڙو ميوو نصيبن ۾ اچي ٿو. اھا ڦنڊي يا سَنڍِ ھوندي ته منجھانئس مٺو ميوو مور نه ملندو.

No comments:
Post a Comment