ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن
ماٽيءَ مٿان مٽ.
(سنڌ، پهاڪو)
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
مٽ:
ٺڪر جو مٽ يا دلو، جيڪو پڻ ترڻ جي ڪم ايندو آهي.
ماٽي:
جيڪو ماڻهو پلن جي مند ۾، پيٽ ڀر مٽ تي چڙهي پلا ماري.
پلا
ڦاسائيندڙ مُهاڻو، پهريائين مٽ تي چڙهي لاهِوارو ٿي ترندو آهي. پلا ماريندو/
ڦاسائيندو هيٺ تائين هلندو ويندو آهي. ان ويل، اھو ماٽي پاڻ مٽ جي مٿان ھوندو آھي.
ڳپل
پنڌ کان پوءِ تري، ڪناري وٽ اچي پهچندو آهي، ڇو جو مٽ تي اوڀارو ترڻ نه ٿي سگهندو
آهي. جنهنڪري هو پاڻيءَ مان نڪري، مٽُ مٿي تي رکي، ڪپ وٺي اوڀارو، گهر ڏانهن ايندو
آهي. ان ويل مٽ، سندس مٿان ھوندو
آھي.
مطلب:
۱. ڪڏهن پُٽ پيءُ جو تليڍو ته ڪڏهن پيءُ پٽ جو محتاج.
۲. ڪڏهن هڪڙو ٻئي جو زيردست آ،
وقت ڦرڻ تي، ٻيو پهرئين جو زيردست ٿئي.
۳. ڪڏهن زيردست بالادست ته
ڪڏهن بالادست زيردست.
۴. ڪڏهن حاڪم محڪوم، ڪڏهن محڪوم حاڪم.
No comments:
Post a Comment