ڪاتِي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر
الطاف جوکيو
ڪاتي، سنڌي لوهر جو ٺھيل اهڙو تِکو سَنڊرُ (ٿانءُ يا
اوزار) آهي، جنھن جي هر گهَر کي گهرج رهي ٿي. هيءَ وٿُ، گهر ۾ ڪَچي ڀاڄي ڀُتي،
گوشت مڇي يا ميوو وغيره ڪَٽڻ لاءِ ڪم آندي ويندي آهي. حلال جانور کي ڪُھڻ لاءِ به ڪاتيءَ
کان ڪم ورتو وڃي ٿو. ان کان سواءِ به وَڍَ ٽُڪَ لاءِ اهڙو هٿَڻُ ڪم اچي. اهڙيءَ
گهرُو وَٿ جا به الاهي نالا آهن، جيئن: ڪاتُ، ڪاتي، ڪَپُ، چاڪُون، ڇُرو، ڇُرِي، ڪِرچَ
وغيره. وري هن ۾ جيڪو مُٺيو پئي، ان جا به نمونا الڳ الڳ ٿين ٿا. عام طور ڪاٺيءَ
جو مُٺيو پئي، پر ڪي لوهر وري، لوهه يا ڪنھن ٻيءَ ڌات جو ڌاريو مُٺيو به وجهندا
آهن.






