Sunday, October 25, 2026

ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ فيصلن جا ڏاھا ۽ سُڃاڻپ جا پارکُو - ڀارومل امراڻي

ٿر جي راڄن ڀاڳن ۾ فيصلن جا ڏاھا ۽ سُڃاڻپ جا پارکُو

ڀارومل امراڻي



ٿر ۾ هاڻي چئن گهرن جي ڍاڻي، وانڍ ۽ وانڊيئي جو رواج وڌي رهيو آهي پر اڳ ۾ وڏو ڳوٺ ٻڌي مختلف ڪڙمن قبيلن جي ماڻهن جو گڏجي ويهڻ جو رواج گهڻو هوندو هو. وڏن ستن راڄن يعني ستن ڳوٺن گڏجي ست راڄي ‘راڄ ڀاڳ’ جوڙيو، ڪٿي ڪٿي ٻارنهن تڙن يعني ۱۲ ڳوٺن جو گڏيل راڄ ڀاڳ رهيو آهي. گڏيل راڄ ڀاڳ ۾ وسندڙ ماڻهن جا اٿڻ ويهڻ، ريتون رسمون، مرڻا پرڻا، ڏک سک سڀ گڏيل رهيا آهن. هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورين بردارين جو گڏيل پنچائتي نظام يا ڳوٺاڻو راڄوڻي نظام هوندو هو. جنهن ۾ سڀ گڏجي ويهندا هئا. سمورن جي راءِ جي اهميت هوندي هئي. ڪير به ڪنهن کان ننڍو وڏو نه هوندو نه هو. لوڪ ڏاهپ جي چوڻي ۾ چيو ويندو آهي ته ‘مڱ جو ڪڻ مڱ جي ڪڻ کان موٽو (وڏو) نه آهي’. پر وقت گذرڻ سان هڪڙي اڳواڻ جو رواج پيو، گهر جي اڳواڻي کان وٺي پاڙي، ڳوٺ، ست راڄي ۽ ٻارنهن تڙن تائين جڙيل گڏيل نظام ۾ مختلف لقبن جا ڌڻي سامهون آيا. انگريز دور ۾ لفظ ‘پٽيل’ پروان چڙهيو، پٽيل جي معني آهي ٻني جي مالڪاڻي حق وارو پٽو کندڙ، جنهن کي ٻنين جي مالڪاڻي حق وارا وڌيڪ پٽا مليا، اهو ٿيو وڏو پٽيل. مکي ۽ ٽيلات بردارين جا اڳواڻ هوندا آهن. اهڙي طرح وڏيرو به ڳوٺ ۾ وڏي حيثيت رکندڙ کي چيو ويندو آهي. انهن سان گڏ راڄ ڀاڳ ۾ نيڪ مرد جي ناموس رهي آهي. ڳوٺ جي نيڪ مرد کي اڄ به ‘ساک پت’ وارو به چوندا آهن. جنهن جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو ويندو آهي. هن جي ڳالهه، قسم جي برابر هوندي آهي. ڪنهن معاملي تي چار چڱا مڙس لنگهي ويا يا ڪنهن وٽ منٿ ميڙ ڪئي ته معاملو در گذر ڪيو ويندو آهي. فيصلي دوران يا اڳ ۾ جوابدار ڌر جي وڏي يا ان جي پاران ڪنهن نيڪ مرد، منٿ جي لاءِ پٽڪو لاٿو ته به ڏوهه معاف ٿي ويندو آهي. نياڻين جي ميڙ کي وڏو مان ڏنو ويندو آ هي.