Wednesday, December 7, 2022

ڪڙم جي ويريءَ مٿان، چالاڪ دشمن آھي - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

ڪڙم جي ويريءَ مٿان، چالاڪ دشمن آھي

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



ھڪ دفعي ڪنھن شڪاريءَ ڄار ۾ ھڪ تتر ڦاسايو. تتر کيس منٿون ڪيون ته؛ ”مون کي آزاد ڪر! سڀاڻي پنھنجي برادريءَ جا وڌيڪ تتر وٺي اچي، تنھنجي ڄار ۾ ڦاسائيندس.“

شڪاريءَ کيس ڇڏي ڏنو.

Friday, November 18, 2022

ٻاراڻا ٻول - محمد اشرف مصراڻي

ٻاراڻا ٻول

 محمد اشرف مصراڻي



ٻارڙن جا ٻول به انمول موتين جي مثال آهن. جيڪڏهن اُهي ماڻڪ ميڙي ڪٺا ڪبا، ته علم ۾ عاليشان اضافو ايندو ۽ اُجالو ايندو.

راند ۽ ٻار، لازم ملزوم شيون آهن. هر هڪ ٻار جو، راند ڏانهن لاڙو رهي ٿو. انهيءَ اصول تي اڄڪلهه تعليمي ادارن ۾ راند رچنا ۽ مانٽيسوري طريقا چالو ڪيا ويا آهن.

Thursday, November 17, 2022

بديع ۽ بيان جي خوبين وارا پهاڪا - حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

بديع ۽ بيان جي خوبين وارا پهاڪا

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي



پهاڪن ۾ ته صنايع بدايع جون صفتون اڪثر لڀنديون آهن. عالمن جو متفق رايو آهي ته ”مجاز، حقيقت کان وڌيڪ بليغ آهي“ ۽ ”ڪنايو، وڌيڪ بليغ آهي صريح ڪلام کان“.

آءٌ هتي بديع ۽ بيان جي خوبين وارن پهاڪن مان مثال طور پهاڪا لکان ٿو.


Wednesday, November 9, 2022

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان - مٺل جسڪاڻي

عقل بنا آدمي، پسونءَ سمان

مٺل جسڪاڻي



انجنيئر عبدالوھاب سھتو جي سنوار سڌار جي نتيجي ۾، تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي جي سھيڙ سنگھيڙ وارو ڪتاب ”پھاڪن جي پاٻوھه“، نئين، سولي ۽ سڦل انداز ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر جي ڪتاب نمبر ۵۸ طور، پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ڪندڙن لاءِ، ڪتبخانن (لائبرريز)، ڪتابن جي ھٽن، بازارن ۾ پھتل آھي.

Friday, November 4, 2022

مولوي احمد ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مولوي احمد ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



مولوي احمد ملاح، تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه، لاڙ پٽ جو ٻھڳڻو شاعر آهي. هن جي شاعريءَ کي فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڏسڻ جي گهڻي گهرج آهي. فني لحاظ کان ٿيل ڪم جي بنياد تي ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته سندس شاعري ڪافي شاهوڪار آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي نسبت جملي جي جزن: اصطلاح ۽ محاوري جي استعمال جو جائزو وٺجي ٿو. سڀ پھريائين ته اصطلاح ۽ محاوري ۾ فرق معلوم ڪرڻ نھايت ضروري آهي، حاصل پيراميٽر بعد، مولوي صاحب جي ڪم آندل لفظ ’سِر‘ سان سلهاڙيل اصطلاح ۽ محاورن جو جائزو ممڪن ٿي سگهندو.

Tuesday, October 11, 2022

سِنڌيءَ جا وساريل لفظ - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

سِنڌيءَ جا وساريل لفظ

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



* ڪوڪَٽ: دانھون، رَڙِيون

* فتور: فساد، فتنو

* آئِين: اَوِھِين، تَوِھِين

* اِتئِين: اِتي، اِتان

* ھڙ موڙِي: سڀ ڪجھ، جملي، ڪل

* ھارِيندڙ: نقصان ۾ پوندڙ، ڇِيھي ۾ پوَندڙ

* ھاريندڙن مان: نقصان ۾ پوَندڙن مان، ڇِيھي ۾ پوَندڙن مان

* ڏانءُ: ھنر، طريقو، واٽ

(پوءِ قادر مڪو ڪانءُ، پيو کوٽي کڏ خاڪ ۾،

ته لٽي لاش ڀاڻِس جو، ڏيکاريسِ سو ڏانءُ.)

Friday, October 7, 2022

ڪليات احمد ۾ ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪليات احمد ۾ ’دل‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو/ محرابپور



اصطلاح جي سماجي معنى سان سلهاڙيل هجڻ سبب، ان جي اهميت بابت پڻ سوال اڀري ٿو ته ان جي ٻوليءَ ۾ ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ ڄاڻايل ٻوليءَ جي اصطلاحن جي اهميت ۽ ضرورت تي مختصر اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته: ’مذڪوره اصطلاحن جي اهميت، ٻوليءَ ۾ صرف زيب و زينت جي نه پر، ٻوليءَ ۾ ڪنھن خيال/ قدر کي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ جملي يا گفتي کي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن‘. (جوکيو، ۲۰۰۹: ۱۰۶- ۱۴۳)