ڪڙم جي ويريءَ مٿان، چالاڪ
دشمن آھي
علي محمد لغاري ”کيسانوي“
ھڪ دفعي ڪنھن شڪاريءَ
ڄار ۾ ھڪ تتر ڦاسايو. تتر کيس منٿون ڪيون ته؛ ”مون کي آزاد ڪر! سڀاڻي پنھنجي
برادريءَ جا وڌيڪ تتر وٺي اچي، تنھنجي ڄار ۾ ڦاسائيندس.“
شڪاريءَ کيس ڇڏي ڏنو.
چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
ڪڙم جي ويريءَ مٿان، چالاڪ
دشمن آھي
علي محمد لغاري ”کيسانوي“
ھڪ دفعي ڪنھن شڪاريءَ
ڄار ۾ ھڪ تتر ڦاسايو. تتر کيس منٿون ڪيون ته؛ ”مون کي آزاد ڪر! سڀاڻي پنھنجي
برادريءَ جا وڌيڪ تتر وٺي اچي، تنھنجي ڄار ۾ ڦاسائيندس.“
شڪاريءَ کيس ڇڏي ڏنو.
ٻاراڻا ٻول
محمد اشرف مصراڻي
ٻارڙن جا ٻول به انمول موتين جي
مثال آهن. جيڪڏهن اُهي ماڻڪ ميڙي ڪٺا ڪبا،
ته علم ۾ عاليشان اضافو ايندو ۽ اُجالو ايندو.
راند ۽ ٻار، لازم ملزوم شيون آهن.
هر هڪ ٻار جو، راند ڏانهن لاڙو رهي ٿو. انهيءَ اصول تي اڄڪلهه تعليمي
ادارن ۾ راند رچنا ۽ مانٽيسوري
طريقا چالو ڪيا ويا آهن.
بديع ۽ بيان جي خوبين وارا پهاڪا
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
پهاڪن ۾ ته صنايع
بدايع جون صفتون اڪثر لڀنديون آهن. عالمن جو متفق رايو آهي ته ”مجاز،
حقيقت کان وڌيڪ بليغ آهي“ ۽ ”ڪنايو، وڌيڪ بليغ آهي صريح
ڪلام کان“.
آءٌ هتي بديع ۽ بيان جي خوبين
وارن پهاڪن مان مثال طور پهاڪا لکان ٿو.
عقل بنا آدمي، پسونءَ
سمان
مٺل جسڪاڻي
انجنيئر عبدالوھاب
سھتو جي سنوار سڌار جي نتيجي ۾، تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي جي سھيڙ سنگھيڙ وارو ڪتاب
”پھاڪن جي پاٻوھه“، نئين، سولي ۽ سڦل انداز ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر جي ڪتاب نمبر
۵۸ طور، پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ڪندڙن لاءِ، ڪتبخانن (لائبرريز)، ڪتابن جي
ھٽن، بازارن ۾ پھتل آھي.
مولوي احمد
ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
مولوي احمد ملاح، تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه، لاڙ پٽ جو ٻھڳڻو
شاعر آهي. هن جي شاعريءَ کي فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڏسڻ جي گهڻي گهرج آهي. فني لحاظ
کان ٿيل ڪم جي بنياد تي ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته سندس شاعري ڪافي شاهوڪار آهي.
هتي سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي نسبت جملي جي جزن: اصطلاح ۽ محاوري جي استعمال جو
جائزو وٺجي ٿو. سڀ پھريائين ته اصطلاح ۽ محاوري ۾ فرق معلوم ڪرڻ نھايت ضروري آهي،
حاصل پيراميٽر بعد، مولوي صاحب جي ڪم آندل لفظ ’سِر‘ سان سلهاڙيل اصطلاح ۽ محاورن
جو جائزو ممڪن ٿي سگهندو.
سِنڌيءَ جا وساريل لفظ
علي محمد لغاري ”کيسانوي“
* ڪوڪَٽ: دانھون، رَڙِيون
* فتور: فساد،
فتنو
* آئِين: اَوِھِين،
تَوِھِين
* اِتئِين: اِتي،
اِتان
* ھڙ موڙِي: سڀ
ڪجھ، جملي، ڪل
* ھارِيندڙ: نقصان
۾ پوندڙ، ڇِيھي ۾ پوَندڙ
* ھاريندڙن
مان: نقصان ۾ پوَندڙن مان، ڇِيھي ۾ پوَندڙن مان
* ڏانءُ: ھنر،
طريقو، واٽ
(پوءِ قادر مڪو
ڪانءُ، پيو کوٽي کڏ خاڪ ۾،
ته لٽي لاش ڀاڻِس
جو، ڏيکاريسِ سو ڏانءُ.)
ڪليات احمد ۾ ’دل‘ سان
سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو
ڊاڪٽر الطاف
جوکيو/ محرابپور
اصطلاح جي سماجي
معنى سان سلهاڙيل هجڻ سبب، ان جي اهميت بابت پڻ سوال اڀري ٿو ته ان جي ٻوليءَ ۾
ضرورت ڇو ٿي پيش اچي؟ ڄاڻايل ٻوليءَ جي اصطلاحن جي اهميت ۽ ضرورت تي مختصر اهو ئي
چئي سگهجي ٿو ته: ’مذڪوره اصطلاحن جي اهميت، ٻوليءَ ۾ صرف زيب و زينت جي نه پر، ٻوليءَ
۾ ڪنھن خيال/ قدر کي وڌيڪ زوردار ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ۽ جملي يا گفتي کي وڌيڪ
واضح ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن‘. (جوکيو، ۲۰۰۹: ۱۰۶- ۱۴۳)