Thursday, November 17, 2022

بديع ۽ بيان جي خوبين وارا پهاڪا - حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

بديع ۽ بيان جي خوبين وارا پهاڪا

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي



پهاڪن ۾ ته صنايع بدايع جون صفتون اڪثر لڀنديون آهن. عالمن جو متفق رايو آهي ته ”مجاز، حقيقت کان وڌيڪ بليغ آهي“ ۽ ”ڪنايو، وڌيڪ بليغ آهي صريح ڪلام کان“.

آءٌ هتي بديع ۽ بيان جي خوبين وارن پهاڪن مان مثال طور پهاڪا لکان ٿو.


1.              ”آزمائي کي جو آزمائي، سو ڌوڙِ منهن ۾ پائي“.

هِن پهاڪي ۾ ”ڌوڙ منهن ۾ پائڻ“ ”ڪنايي“ مان ”اِيما“ جو قِسم آهي. ”ڌوڙ جو ٻڪُ کڻي، منهن ۾ وجهڻ“. اهو ڪبو آهي افسوس ۽ ماتم، ڏک جي اظهار ۽ پڇتائڻ وقت. انهيءَ ڪري انهيءَ فقري مان فوراً غير حقيقي معنيٰ افسوس ڪرڻ ۽ پڇتائڻ معلوم ئي ورتي وڃي ٿي. يعني جيڪو آزمائي کي آزمائيندو، سو آخر پڇتائيندو. پر حقيقي معنيٰ وٺبي، ته به ڪلام بي معنيٰ نه ٿيندو.

2.              ”اَڪنَ کان انب گھرڻ ناداني آهي“.

هن ۾ ”استعاره مُطلقه“ آهي، ڇو ته نه مستعار منه (اڪَن) جي ڪا به صفت بيان ٿيل نه آهي ۽ نه مستعار له (بڇڙي ۽ نالائق انسان) جي ڪا صفت بيان ڪيل آهي. جڏهن ته اڪن ۾ مٺاڻ جي خاصيت ۽ انبن واري لياقت ڪانهي، تڏهن اڪن جو لفظ بڇڙي ۽ نالائق انسان لاءِ اڌارو وٺي، ڪم آندو ويو آهي، ۽ جڏهن ته اَڪنَ جي اَڪَ ٽٽڙي جي صورت انبن جهڙي ئي ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري اڪن جو لفظ، اهڙي انسان لاءِ ڪم آندل آهي، جنهن جي شڪل ته ماڻهن جهڙي هجي، مگر منجهس ماڻهپو ۽ فضيلت، لياقت ۽ فيض نه هجي. يعني بي فيض انسان مان اميد فيض جي رکڻ عبث آهي. ”انبن“ ۾ به ساڳيو استعارو آهي.

3.              ”جي اُکرين ۾ مٿا وجهن؛ سي مهرين ڀَئي ڪين ڊڄن.“

هن ۾ به ”استعاره مطلقہ“ آهي. جي مصيبتون سِر تي سهائيندا، سي دُکن ۽ تڪليفن کان نه ڊڄندا.

4.              ”اَنَ جو مُنهن، جنڊ ڏي“.

هن ۾ تمثيل“ آهي. هن ۾ ”وجہ جامع“ هڪ کان وڌيڪ ڳالهين کان ورتل آهي: (۱) اَنَ جو منهن، (۲) جنڊ.

5.              ”ترار جو ڦٽيل ڇٽي سگهي، زبان جو ڦٽيل نه ڇٽي“.

هن ۾ ”استعاره موجوده“ آهي. مستعارلہ (جنهن کي گاريون ملن، يا جنهن جي گلا ٿئي) لاءِ ڦٽجڻ ۽ ڇٽڻ جون حالتون ڏيکاريل آهن.

6.              ”بُک ۾، بصر به مِٺو“.

”استعاره مجرده“ آهي. ”بصر“ مستعار منہ آهي؛ ٿوري ۽ جهڙي تهڙي شيءِ مستعار لہ. انهيءَ مستعار لہ لاءِ ”مِٺو“ صفت بيان ڪيل آهي- يعني، وڏيءَ ضرورت وقت ٿوري پورت به غنيمت آهي.

7.              ”ٿڌو گهڙو، پاڻ کي پاڻهئي ڇانوَ ۾ ويهاري“.

هي ڪنايو آهي. ”ٿڌو گهڙو“ معنيٰ ”چڱو وڻندڙ انسان“. ”ڇانوَ“ معنيٰ سُک ۽ آرام“، معزز ۽ پيارو يعني چڱو ۽ وڻندڙ انسان پاڻ کي پاڻهئي پيارو ۽ عزت وارو ڪندو.

8.              ”جيئرو ته لک جو، مُئو ته ڪک جو.“

هي به ڪنايو آهي. يعني جيئرو انسان، قيمتي آهي. مُئو ته پائي به نه لهي.

9.              ”ڏاڍي جي لٺ کي، ٻه مَٿا.“

هي به ڪنايو آهي. يعني زوراور ماڻهو، هر طرح پنهنجي ڏاڍائي ڏيکاري سگهي ٿو.

10.         ”سُتا سور، نه جاڳاءِ.“

هي استعاره مطلقہ آهي. وسريل دردناڪ ڳالهين کي ”سُتا سور“، ۽ ياد ڏيارڻ کي ”جاڳائڻ“ سان استعارو ڪيو ويو آهي.

11.         ”وڙهن شينهن، لتاڙجن ٻوڙا.“

هي به استعاره مطلقہ آهي. يعني وڙهن ڏاڍا مڙس، ستائجن ڪمزور.

 

(حڪيم فتح محمد سيوهاڻي؛ آفتاب ادب، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment