Tuesday, October 11, 2022

سِنڌيءَ جا وساريل لفظ - علي محمد لغاري ”کيسانوي“

سِنڌيءَ جا وساريل لفظ

علي محمد لغاري ”کيسانوي“



* ڪوڪَٽ: دانھون، رَڙِيون

* فتور: فساد، فتنو

* آئِين: اَوِھِين، تَوِھِين

* اِتئِين: اِتي، اِتان

* ھڙ موڙِي: سڀ ڪجھ، جملي، ڪل

* ھارِيندڙ: نقصان ۾ پوندڙ، ڇِيھي ۾ پوَندڙ

* ھاريندڙن مان: نقصان ۾ پوَندڙن مان، ڇِيھي ۾ پوَندڙن مان

* ڏانءُ: ھنر، طريقو، واٽ

(پوءِ قادر مڪو ڪانءُ، پيو کوٽي کڏ خاڪ ۾،

ته لٽي لاش ڀاڻِس جو، ڏيکاريسِ سو ڏانءُ.)


* لَوڙھ: لاش، مَيِت، مرده

* زور زَبر: ڏاڍا، زور وارا

* حوارِي: چيلو

* اِسراف: اڻڄائي، غلط فھمي.

* روڙو: پٿر جو وڏو گول ڳوڙھو، مٽيء جو پچايل وڏو گول ڳوڙھو، گولو (جيڪو محمد بن قاسم جي فوج سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت پاڻ سان آندل منجنيق۔۔۔ ان جي سڌاريل صورت ۽ جديد نالو ٽئنڪ جنگي ھٿيار۔۔ ۾ وجهي ڪوٽن ۽ قلعن جي ديوارن کي داغي (نشان چٽي ھڻي) ڀتيون ۽ ڪوٽ ڀڃي ڪيرائيندو ھو ان جي تمثيل)

* پڙلاءُ: مَنزل، سفر ۾ ٿوري ساھِيءَ کڻڻ لاء ماڳ، (Camp)

* پڙلاءُ ڪرڻ: منزل ڪرڻ، سفر ۾ ٿوري ساھِيءَکڻڻ لاء ماڳ تي ترسڻ، (To camp)

* دُنگيءَ: (اکر ”د“ مٿان پيش): شِيشيءَ

* آسڻ: رھڻ جي جاء، اھا جاء جتي عورتون ڦٽين مان ڪڪڙا ڪڍي ڪپھ کي ٽاڻي چرخي تي ڌاڳو ٺاھڻ لاء تيار ڪن.

* وِرسِيَل: گمراھ، ڀٽڪيل

* ٿوڪ: شيون

(ٿو کَٽا سي ٿوڪ! جيڪي ڪن جَھان ۾.)

* موڪ: خوب

(گناھ جي گفتار کان، پڻ مردار کائڻ موڪ)

*لولھو: خالي، سَکڻو، سڃو، ٽنڊو مَنڊو، تَنگَ

* آکيؤن: چيائون

* آکِيَل: چَيَل

* ڌرم ڪرم: ٽولا، گروھ، ذاتيون، فرقو

(ھر امت لئي، اسان ڪيا، ڌرم ڪرم ڌار)

* برصواب: سچو، تصديق، مڃيل

(ڪندڙ اڳين ڪتابن کي، صحِي برصواب)

* اُٺُ: (اکر ”الف“ مٿان پيش): بيوقوف، نادان، موڙھل

* ليڪو اکتل: حد کان نڪري ويل، گمراھ ٿيل، سنئِين واٽ کان ٿِڙيل

(۽ اڪثر ماڻھو اٺ، لِيڪو اکتل لوڪ کان)

لوڪ لھي لھوارو، تون وڃين اوڀارو. (پھاڪو)

* جوڻت: جاسوسي

* ڪُلال (اکر ”ڪ“ مٿان پيش): انڪاري (خدا جا)، منڪر

* ڪَڙ: وس وارو

(۽ ھر ڪم ۾ آھي ڪَڙ، الله جل جلالہٗ)

* طاغوت: گمراھ

* سانجاڻ: رزق، روزيءَ

* اَثِيرِي: تارن جي پوڄا ڪندڙ

* اَبتر: ڏوھ، خراب عمل، بد عمل

* اَھڳور: پيغمبر، مرسل، وڏي دٻدٻي وارا

(وڄائي وارا ويا، ان کان اڳي اَھڳور)

* وَھلور: حق کان سواءِ، ناحق، الٽا، ابتا، سڌي راھ کان ٿڙيل، تڙيل، ڀٽڪِيَل، الٽو.

* کانڌيرو: ٻاجهارو، حليم.

* وَٽابو: اجورو، سک.

* ڀُلا (اکر ”ڀ“ مٿان پيش): ڀليل، گمراھ.

* وِرسيا: ڀليا، گمراھ ٿيا

* فُجور (اکر ”ف“ مٿان پيش): بد، بڇڙا

* ڪَفارت: ڪَفارو

* وير وروڌ: عداوت، دشمني

* آن: توھان

(پوءِ آگي آن کي آکيا)

* سٻوجَھ: ڏاھو، داناءُ، عقلمند، حڪيم.

* آنہ: نہ، نَعمَ (عربي ۾)

* نارِين: دوزخ وارن، دوزخين (اَصحَاب النارِ)

* نورِين: بھشت وارن، بھشتين، (اَصحَاب الجَنةِ)

* نِيڙِي: ويجهي، قريب

اتارو: لاھڻي، نقل (عبارت جو)

* مِھت: مسجِد

* نابر: انڪاري

* ڪيڻ: وَٽن

* لاڳَ: ڏانَ، اجورو، عيوضو

* لِک: لحظو، پَل، ساعت

(۽ جي مَلڪ لاٿوسون، ته لِک ۾، لَٿو ليکو سارو)

* ھُوڙ (اکر ”ھ“ مٿان پيش): ھلڪي طبيعت وارا، تماشو مچائڻ وارا

* سِگهڙِي: جلدي

(جا ھَلڪائِي ڪن ھُوڙ، تِنھِنجِي پوندينِ سُڌِ سِگهڙِي)

لفظن جو ذريعو:

۱ - قرآن مجيد ”نورالقرآن.“ منظوم ترجمو: مولانا الحاج احمد ملاح.

۲ - معني'، ترتيب ۽ مصنف: علي محمد لغاري ”کيسانوي“

 

(علي محمد لغاري ”کيسانوي“ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان اڱارو ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع / ١٤ ربيع الاول ١٤٤٤ھ تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment