Friday, November 4, 2022

مولوي احمد ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مولوي احمد ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



مولوي احمد ملاح، تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه، لاڙ پٽ جو ٻھڳڻو شاعر آهي. هن جي شاعريءَ کي فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڏسڻ جي گهڻي گهرج آهي. فني لحاظ کان ٿيل ڪم جي بنياد تي ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته سندس شاعري ڪافي شاهوڪار آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي نسبت جملي جي جزن: اصطلاح ۽ محاوري جي استعمال جو جائزو وٺجي ٿو. سڀ پھريائين ته اصطلاح ۽ محاوري ۾ فرق معلوم ڪرڻ نھايت ضروري آهي، حاصل پيراميٽر بعد، مولوي صاحب جي ڪم آندل لفظ ’سِر‘ سان سلهاڙيل اصطلاح ۽ محاورن جو جائزو ممڪن ٿي سگهندو.


عام طور جملي جي جز: اصطلاح ۽ محاوري کي هڪٻئي جو بدل سمجهيو ويندو آهي. دراصل، سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج ’اصطلاح‘ ۽ ’محاورو‘ اهڙا لفظ آهن، جن جو دائرو الڳ الڳ آهي ۽ هجڻ به گهرجي. مذڪوره لفظن (terms) جي دائري تي اصولي ڪم جي گهٽتائيءَ سبب، اڄ به عام اڳيان مونجهاري جو سبب بڻبا آهن. ڄاڻايل لفظن جي اکيڙ هن ريت ڏجي ٿي:

* اصطلاح جي اکيڙ

* اصطِلاح: [اصطِلاح- اِفتِعال- اِصتِلاح > اِصطِلاح- مصدر (صَلَحَ = هن درست ڪيو)] ڪنھن لفظ يا تشريح جي استعمال تي مڙني جو اتفاق هجڻ- ڪنھن لفظ جي لغوي اعتبار کان هٽي ڪري عام رواجي يا سماجي معنى هجڻ. سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح جو لفظ ٻن مفھومن ۾ ڪم آندو ويندو آهي:

* جملي جي اهڙي جز لاءِ جيڪو رواج پٽاندر، لغوي معنى کان هٽي ڪري، ٻي معنى رکي، جيئن:

اڀ ڏارڻ = وڏيون رڙيون ڪرڻ- هنيانءُ ڦاڙي دانھون ڪرڻ...

اڀ ڦاڙڻ = ٻٽاڪون هڻڻ- وڌائي ڳالهه ڪرڻ- ڊاڙون/ لٻاڙون هڻڻ...

* ڪنھن خاص مضمون سان سلهاڙيل، جنھن اندر لغوي اعتبار کان هٽي ڪري، اتفاقي طور تي، ان جو مخصوص دائرو بيھاريو ويو هجي، جيئن:

ناول: لغوي اعتبار کان ان جي معنى، نئين يا عجيب و غريب شيءِ، ليڪن ادبي کيتر ۾ سماجي لحاظ کان ’هڪ اهڙي ڪھاڻي، جيڪا پوري زندگيءَ جي حقيقي يا ٿيڻ جوڳن واقعن تي مبني هجي.‘

اسم: لغوي اعتبار کان ان جي معنى نالو، ليڪن ’لکڻ- پڙهڻ- اميري- چڱائي- برائي‘ وغيره اسم جي دائري ۾ اچن ٿا.

حرف: لغوي لحاظ کان اکر کي ٿو ڪوٺيو وڃي، ليڪن گرامر ۾ ڪن مخصوص لفظن لاءِ ڪم اچي ٿو، جيئن: حرف جر، حرف جملو، حرف ندا وغيره. (جوکيو، ۲۰۲۲: ۲۰۰)

واضح رهي ته ’اصطلاح‘ جي معنى يا مراد، لغوي يا اکري نه ورتي ويندي. ان ڪارڻ اهو لفظ (term) سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن مرادن لاءِ ورتو ويندو آهي، هڪ: اهڙي جملي جو جز، جيڪا سماجي معنى رکي، ٻي: اهڙي مضمون لاءِ مخصوص ڪيل لفظ (term) جنھن جي سماجي طور طئي ٿيل وصف هجي.

* محاوري جي اکيڙ

* محاورو: [محاوره- مُفاعَله- مصدر (حَوَرَ/ حَارَ = هن موٽائي چيو) ڪنھن ڳالهه جي موٽ ڏيڻ- ڳالهه ٻولهه ڪرڻ] گڏيل گفتگو- روزمرهه جي گفتگو- لھجي جي احاطي جو حصو- اپلھجو- اهڙو جملي جو جز جيڪو پنھنجي اکري يا لغوي معنى ۾ ڪم اچي- گفتو- ڳالهه ٻولهه لاءِ تڪيل توريل جملي جو جز- گفتگوءَ ۾ پختي ترڪيب جيڪا سڌي سنئين معنى ڏئي.

اصطلاح، جملي جو اهڙو جز تصور ڪيو ويندو آهي، جيڪو اصطلاحي يا سماجي مراد ۾ ڪم اچي؛ جڏهن ته ’محاورو‘ ساڳئي گهاڙيٽي سان جيڪو سڌي سنئين يا اکري مراد ۾ ڪم اچي، جيئن:

* ’آئي ويل ڪم اچڻ‘ جي مراد ۾ ’آئي ويل‘ ڏکي يا سکي ٿي سگهي ٿي، ۽ ان صورت ۾ گهربل شين يا گهڻگهرن جي ضرورت پوندي آهي. ظاهري طور هيءُ جملي جو جز اصطلاح جھڙو آهي، ليڪن معنى ۽ مراد سڌي سنئين آهي، تنھنڪري ان کي ’اصطلاح‘ بجاءِ ’محاورو‘ ڪوٺبو.

* پرائي پچار ڪرڻ- پنھنجو مٽ پاڻ هئڻ- اَلي وڃڻ- اونو هئڻ- ترت توبھه ڪرڻ- تکو ٿيڻ- ٽاري ڇڏڻ- ٽانءِ ۾ ڀرجڻ- ڀنڊي ٻارڻ- ٿڌو ٿيڻ- ٺڪي ٺوڪي وٺڻ- پڪو پھه ڪرڻ وغيره، محاوري جا مثال آهن. (جوکيو، ۲۰۲۲: ۲۲۴- ۲۲۵)

واضح رهي ته ’محاوري‘ جي معنى يا مراد، عام رواجي ڳالهه ٻولهه پٽاندر، لغوي يا اکري ورتي ويندي. ان ڪارڻ اهو لفظ (term) پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن مرادن لاءِ ورتو وڃي ٿو، هڪ: اهڙي جملي جو جز، جيڪا سڌي سنئين معنى رکي، ٻي: ٻوليءَ جي لھجي جو اهڙو احاطو، جتي جي ماڻهن جي ٻوليءَ جون خاصيتون ساڳيون هجن. يعني هيءُ لفظ، عام رواجي مراد موجب، اُپلھجي (accent) لاءِ پڻ ڪم آندو ويندو آهي.

* اصطلاح ۽ محاوري ۾ فرق

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي مثالن آڌار، اڻسڌيءَ طرح، اصطلاح ۽ محاوري جو فرق ٻڌايو آهي، هو صاحب اصطلاح بابت لکي ٿو: ”اصطلاح معنى صلح ڪرڻ، ڪنھن لفظ جي ٻي معنى مقرر ڪرڻ. مثال: ۱، ’پراڻو ٺڪر ڀڳو ته ڀلو ناهي‘، ۲، ’هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو آهي، تنھن جو ارمان اٿم‘. پھرين مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنھنجي حقيقي يا اصلي معنى ۾ ورتل آهي، يعني ٺڪر جو ٽڪر ٽڪر ٿيڻ، ٻئي مثال ۾ ’ڀڳو‘ فعل پنھنجي حقيقي يا اصلي معنى ۾ نه پر رواجي معنى ۾ ورتل آهي يعني ڪوڙو الزام! واضح ٿيو ته اصطلاح جون ٻه معنائون ٿيون: ’هڪڙي مقرر ٿيل‘ جنھن کي ’لغوي يا اصلي‘ معنى چئجي ٿو ۽ ٻي رواجي جنھن کي اصطلاحي معنى چئجي ٿو. تنھنڪري ’اصطلاح‘ جي معنى ٿي: ’رواجي معنى يا مطلب‘. مطلب ته اصطلاح هميشه عام رواج مان ٺھندا آهن.“ (سنديلو، ۱۹۹۳ع : ۱۲)

يعني ڊاڪٽر سنديلي ٻه مثال ڏنا آهن:

* ’پراڻو ٺڪر ڀڳو ته ڀلو ناهي‘

* ’هن مون تي خوامخواه ٺڪر ڀڳو آهي، تنھن جو ارمان اٿم‘

پھريون جملو پنھنجي سڌي سنئين معنى ۽ مراد رکي ٿو، جنھن کي اصطلاح ته نه چئبو، البت اهو اصل يا حقيقي معنى سان سلهاڙيل آهي، ان سبب ان کي ’محاورو‘ ڪوٺبو. جڏهن ته ٻيون جملو، سماجي يا رواجي معنى ۽ مراد سان سلهاڙيل آهي، جنھن جي مراد سڌي سنئينءَ کان هٽي ڪري اصطلاحي وٺبي، جنھن سبب ان کي ’اصطلاح‘ ڪوٺبو.

اصطلاح ۽ محاوري جي فرق کي واضح ڪرڻ لاءِ اعجاز احمد ميمڻ پنھنجي هڪ مقالي ’سر پرڀاتيءَ ۾ ڪم آندل اصطلاحي ٻوليءَ‘ ۾ فرق ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي. هو صاحب لکي ٿو: ”لفظن جي بنياد ۽ ان جي استعمال مان واضح ٿئي ٿو ته اصطلاح ڪنھن لفظ جي حقيقي معنى نه ٿو ڏئي، جڏهن ته محاورو ڳالهه ٻولهه ۾ آيل جملي جي اهڙي جز کي چئي سگهجي ٿو، جيڪو اصطلاح جي گهاڙيٽي جھڙو ته آهي، ليڪن اهو جملي جو جز پنھنجي حقيقي معنى ڏئي ٿو.“ (اعجاز، ۲۰۱۰: ۲۳۵- ۲۴۶)

اڳتي ميمڻ صاحب انهن لفظن/ Terms کي آسان سمجهائڻ لاءِ هيٺيان مثال ڏئي ٿو:

* ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ. (اصطلاح)

* ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ. (محاورو)

انهن مثالن جي وضاحت ڪندي لکي ٿو: ”پھرئين مثال ۾ ’ڪلهو ڪلهو سان ملائي هلڻ‘ وارو جملي جو جز پنھنجي حقيقي معنى ان حوالي سان نه ٿو ڏئي سگهي، جو ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي هلڻ ۾ ڪا رواني پيدا ڪانه ٿيندي، بلڪه اهو عمل تھائين ڏکيو ٿي پوندو؛ اهڙي انداز سان هلڻ ۾ ضرور ڪٿي جهول پوندو يا اٽڪاءَ جي صورت ۾ قط پوندو. ان صورت ۾ ان کي اصطلاح ئي چئي سگهجي ٿو، جنھن جي معنى بيھندي: هڪٻئي جي ڏکن سکن ۾ شامل حال رهڻ. جڏهن ته ٻئي مثال ۾ ’ڪلهو ڪلهي سان ملائڻ‘ پنھنجي حقيقي معنى ان صورت ۾ به ڏئي سگهي ٿو ، جيئن نماز وغيره ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيھبو آهي؛ يعني هن فقري ۾ جملي جو جز پنھنجي حقيقي معنى سان به سلهاڙيل آهي. ان صورت ۾ مذڪوره جملي جي جز کي محاورو چوڻ روا ٿيندو؛ ڇو ته اهڙا جملي جا جز اسان جي ڳالهه ٻولهه يا عام ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جو حصو آهن.“ (اعجاز، ۲۰۱۰: ۲۳۵- ۲۴۶)

* حاصل مطلب

* اصطلاح: اهڙو لفظ يا ترڪيبَ، جيڪا پنھنجي حقيقي معنى کان هٽي ڪري سماجي يا رواجي معنى ڏئي ته ان کي اصطلاح چئبو؛ پوءِ اهو جملي جي جز طور ڪم آيو هجي يا ڪنھن مضمون جي مخصوص لفظ لاءِ ڪم آيو هجي.

* محاور: اهڙو لفظ يا ترڪيب، جيڪا پنھنجي حقيقي معنى ۾ ڪم اچي، ان کي محاورو ڪوٺبو؛ پوءِ اهو جملي جي جز طور ڪم آيو هجي، يا ڪنھن عام گفتگو لاءِ ڪم آيو هجي. ياد رهي ته ٻوليءَ جي لھجي (dialect) يا اپلھجي(accent) لاءِ به هيءُ لفظ ڪم آندو ويو آهي.

* مولوي ملاح جي شاعريءَ ۾ ’سِر‘ سان سلهاڙيل اصطلاحن ۽ محاورن جو جائزو

مولوي صاحب، لفظ ’سِر‘ جو استعمال، مختلف معنائن ۾ ڪيو آهي، مثال طور:

سِر هَڻن تان سِر نمايان، سِر ڏنم تان سِر چيَئون

ڏس ته محبن پيش منھنجو، مانُ مُل ڪھڙو نه هو.

(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۴۹۰)

ڄاڻايل شعر ۾پھريون: ’سِر‘ = ’اشارو‘- اسم ذات (سِر هڻڻ مان مراد سِر ڪٽڻ به آهي)، ٻيون: سِر = ’مٿو‘- اسم عام، ٽيون: سِر = ڳجهه- راز- انت ۽ چوٿون: سِر = سِرڻ يا اڳتي رڙهڻ / نڪرڻ جو امر (فعل) طور ڪم آندو اٿس. تنھن کان سواءِ هيٺئين شعر تي نگاهه ڌرجي:

سِر ڏيان تان سِر وڃي ٿو، سِر ڌَريان تان سِر سَڃين،

ڪانه سُئي هن شھر ۾، شاباس شابا مون اچي.

(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۵۴۳)

ڄاڻايل شعر ۾ پھريون: سِرُ = راز- ڳجهه (اسم ذات) ٻيون، ٽيون چوٿون ۽ پنجون: سِرُ = مٿو (اسم عام) طور ڪم آندو اٿس، البت، سِر (مٿو) کي اصطلاحي معنائن ۾ پڻ ڪم آندو اٿس.

سِر ڪلهن ڇوڙي ڇڏيا، نازڪ پِرين نِروار وار،

حسن اهڙي سان هِنيون، هٿ ڪيو هڻِي هوشيار يار.

(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ۲۴۴)

هتي ’سِر‘ = ’مٿان‘ لفظ، ظرف طور ڪم آندو اٿس. تنھن کان سواءِ هن شعر تي ڌيان ڌرجي:

سَوَن چَيم سَردار ٿِي سِر اَسان،

پَلنگن تي پاتم پَٽيءَ ته به نه پَڳ.

(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ...)

هتي ’سِر اسان‘ = ’اسان جو‘ (البت، ’اسان تي‘، حرف جر، جي معنى به جڙي ٿي) لفظ، ’حرف اضافت‘ طور ڪم آندو اٿس.

تُون قَبر جي هيٺ قابُو، قَيد هُوندين سين قِيام،

پيا اِتي وَسندا مُدامي، مِينھن مُند سِر ڪيترا.

(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، ۲۰۱۷: ...)

هتي ’مند سِر‘ = ’مند سان/ مند آهر‘، لفظ، حر ف جر طور ڪم آندل آهي.

مطلب ته مولوي صاحب، صنايع بدايع جي مھارت رکڻ کان سواءِ، مختلف ٻولين جي ڄاڻڻ سان گڏوگڏ، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هيو، ان ڪارڻ سندس شاعريءَ ۾ ڄاڻايل لفظ جو استعمال جهجهي مقدار ۾، ليڪن مختلف معنائن سان ملي ٿو. لفظ ’سِر‘ جون معنائون ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ هن ريت ملن ٿيون:

* سِرِ: ظرف. ڏي- وٽ- ڏانھن- تي- اُتي- مٿي- ۾. اڳڀرو- اڳتي- ويجهو- لڳ- ڀر ۾ (پھچڻ). سان. بابت. (بلوچ، ۱۹۸۵: ۱۵۹۹)

* سِرُ ج سِرَ: بدن جو عضوو- مٿو- سِرِي- سِسي- منڍي. ڪمال- ڇيھه- ابتدا- شروعات.

* سِرُّ ج سِرَّ: ڳجهه- راز- ڀيد- منجهه- انت- وچُ- سُرُ- پيٽُ- پوشيدگي- حيرت. خوشي. (بلوچ: ۱۹۸۵: ۱۵۹۹)

مٿيان لفظ آخري اعراب تي اختلاف رکن ٿا، جيڪي لاڙي لھجي جي مزاج ۾ ساڪن هوندا آهن. تنھن هوندي به انهن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهجي ٿو. لفظ ’سِر‘ (ر سان اعراب جي رعايت ڪندي) جيڪڏهن وياڪرڻ موجب، مولوي صاحب جو استعمال ڏسجي ته هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو:

* اسم طور، جيئن: ”ڌَڙ وِڌم دَرپيش ڪانگن، سِر مُڪم سُھڻي سَلام“، ’سِر معنى مٿو‘.

اسم طور: ”هاريءَ مَٿي هارِي ڏيئي، سِر سِر سين سِينگارِي ويئي“، ’سِر‘ يعني مٽيءَ جو ٺھيل پڪل ٽڪر، جيڪو ڀت وغيره جوڙڻ ۾ڪم اچي.

* ضمير مشترڪ طور، جيئن: ”عَورتن سان عام ايندا، اَولياءَ سِر ٿو ڏِسان“، ’اولياءَ سِر‘ يعني’اولياءَ پاڻ‘- ’خود اولياءَ‘. ”مُلڪ سارو مِلڪ تُنھنجي، ڪو نه پَنھنجي سِر ڪَپار“، ’پنھنجي سِر‘ يعني ’پاڻ، خود‘. ”ماتام هو مُون سِر مِيان، جانِبَ، ڏِسيو توکي جِيان“، ’مون سِر‘ يعني ’مون پاڻ تي‘ (منھنجي جان تي).

* حرف اضافت طور، جيئن: ”سَير بَخشي سِر سَمائَن، ساهه صاحب، سيرِيينم“، ’سِر سمائَن‘ مان مراد ’آسمانن جو‘. ”سَوَن چَيم سَردار ٿِي سِر اَسان“. ’سِر اسان‘ مان مراد ’اسان جو پنھنجو‘، ’اسان جي جان جو‘ (اسان تي). هتي لفظ ’سِر‘، حرف اضافت ۽ حرف جر، ٻنهي جو رنگ رکي ٿو.

* امر/مصدر/ فعل طور، جيئن: ”سِر هَڻن تان سِر نمايان، سِر ڏنم تان سِر چيَئون“، ’سِرُ‘ چيئون‘ يعني ’سِري اڳتي ٿيڻ‘- ’رڙهي اڳتي ٿيڻ‘. هتي ’سِر‘ امري صورت ۾ ڪم آيو آهي، جنھن جي مصدر ’سِرڻ‘ ٿيندي. فعلي صورت: ’سِري اڳتي ٿي‘.

* ظرف طور، جيئن: ”ٿيون ٿيَن عِيدُون اَسان لئي، سِر اڱڻ آئي عَجيب“، ’سِر اڱڻ‘ يعني ’اڱڻ مٿي‘. ”ماڻڪن جا مِينھن وَسائي، سِر مَڱڻھارن مُدام“، ’سِر مڱڻھارن‘ يعني ’مڱڻھارن پاسي/ مڱڻھارن مٿي‘. ”ٿيا تَھه مَٿي تَھه، ڀَڳيون سِر ڀَڳيَن“، ’ڀَڳيون سِر ڀَڳيَن‘ يعني ’قبرن مٿان قبرون‘.

* حرف جر طور، جيئن: ”سِر قِلعي ڪاهي پيا، ڪَريو ڪَٽڪ ڪافر ڪَٽا“، ’سِر قلعي‘ يعني ’قلعي تي/ وٽ‘. ”قَدم ڪوهياري لڳل، ڪنھن ڏِينھن قَبر سِر هُونِ شال“، ’قبر سِر‘ يعني ’قبر وٽ‘/ ’قبر سان‘. ”اُڀرندي سِج کي سَماءَ سِر، سؤ لَکين سالُون لَنگهيون“، سماءَ سِر = سماءَ/ آسمان تي. ”مُنھنجي پِنبڻيَن سِر پِيارا، پير تُون پائين ڀَلين“، ’پنبڻين سِر‘ يعني ’پنبڻين تي‘. ”نِـيَر ۾ نِياپا نَوان سِر نَـوَن“، نَوان سِر نوَن يعني ’نئون/ نئين سان نئون‘. ”اَندر ڳَڻتيَن ٻَڌا ڳارا، ڳَلن سِر ڳاڙِيان ڳوڙها“ يا ” تِر ڳلن تي، وار ڪارا، سِر ڪُلهن ڪَر ڪوڙڪيون“.’ڳلن سِر‘ (ڳلن تي)، ’سِر ڪلهن‘ يعني ’ڪلهن تي/ سان‘. ”وِير وِڳھه وَقت سِر، ڀَنڀور ڀَر مھراڻ سِنڌ“، ’وقت سِر‘ يعني ’وقت تي/ وقت سان‘.

* مولوي صاحب جي شاعريءَ ۾ ’سِر‘ (مٿي) سان سلهاڙيل اصطلاحن جو جائزو

هتي مولوي صاحب جي شاعريءَ مان ’سِر‘ (مَٿو) صرف اهڙي ’اسم‘ جي چونڊ ڪجي ٿي، جيڪو اصطلاح يا محاوري طور، فعلي صورت ۾ ڪم آيو هجي. طوالت کان بچندي، شعر جي صرف گهربل سٽر (سطر) پيش ڪجي ٿي.

آسپاس سِر هجڻ (ماڻهن تي مالڪي هجڻ- حاڪمي هجڻ- اختيار هجڻ- هٿ وس هجڻ) ”سؤ سَڄي ۽ سؤ کَٻي، سؤ پوءِ، سؤ سِر تو اڳيان.“

سجدي ۾ سِر هجڻ (جهڪڻ- مطيع ٿيڻ- احترام ڪرڻ) ”سِر سَجدي ۾ سَڀن جا، سَر سَچي صاحِب اڳيان“

سڄا سِر سيڄ سينگارڻ (پاڻ ڪھائڻ لاءِ تيار ٿيڻ- عشق ۾ پاڻ گهورڻ) ”نه پُڇ اِن سُور جِي سُڌ مُون، سَڄا سِر سيڄ سِينگاريا“

سِر ۾ سِرڪ هڻڻ (وڪڙ چاڙهي ڦاسائڻ- ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهڻ- اندر ۾ خيال هجڻ- لاڙو ٿيڻ) ”هاڻي ئي هَڻن هاڻُو، سِر ۾ به سِرڪ جَهٽ پَٽ“

سِر اڏيءَ تي پھچڻ (قربان ٿيڻ لاءِ پيش ٿيڻ- ڪسڻ لاءِ تيار هجڻ- قربان ٿيڻ- پرينءَ جي حوالي ٿيڻ) ”اک اِشاري ساڻ ’احمد‘ سِر اَڏي پھتو اَچي“

سِر اَڏِيءَ وٽ اڌ ڪرڻ (قتل ڪرڻ- محبت اندر مارڻ- ماري مڃائڻ) ”مَڙهه کي آڻي سِر اَڏي، اَڌ اَڌ ڪَندا آڌار اَڄ“

سِر اگهاڙي ٿيڻ (لوفر ٿيڻ- ڇڙواڳ ٿيڻ- بدڪار ٿيڻ) ”ٿيَس هن علم مان آئون، اگهاڙي سِر ٿيڻ وارو“ (۳۵۹)

سِر بچڻ (خطري مان نڪرڻ- سلامتي هجڻ) ”سِر بَچڻ جو، گَهر اَچڻ جو، اَمر ۽ اِرشاد باد“

سِر ٻرڻ (اندر ۾ درد هجڻ- تڪيلف ۾ گذارڻ- ذهني دٻاءُ هجڻ) ”سِر، جِسم، سِينان، سَنڌيون، مَنجهه سوز سَچ سَچ، ٿا ٻَرن“

سِر ٻرڻ (بيچيني پيدا ٿيڻ- گهڻو ياد ڪرڻ- تانگهه هجڻ) ”سِر ٻَريَم ٻارڻ ٻِپارا، دوست ڪنھن ٻئي ديس ويا“

سِر ٻه اڌ ٿيڻ (ٽٽي پوڻ- سخت تڪليف ۾ هجڻ) ”سِر ٻه اَڌ سُوريءَ مَٿي، مَنجهه ساهه ساجن جِي پَچار“

سِر ڀر اچڻ (هرحال ۾ ڀيرو ڪرڻ- تڪليف هوندي به پرينءَ در اچڻ- لاچاريءَ ۾ به ڀيرو نه ڀڃڻ) ”عُمر سارِي ۾ اَچان، سِر ڀَر اَوهان جي دَر عَجيب“

سِر پيش ڪرڻ (حاضر ٿيڻ- جهڪڻ) ”ڪَريان سِر پيشوا جي پيشڪش پيش“

سِر تان پاء هجڻ (سراپا هجڻ- سراسر هجڻ- مڪمل هجڻ) ”ڪنھن چيو ته راڻِي راءَ جِي، سُونھن صاف سِر تا پاءِ جِي“

سِر تان ٽونري ٽرڻ (مڳي ختم ٿيڻ- لئي پوري ٿيڻ- مغز مان هوا نڪرڻ) ”ٽَري سِر تان ويَس ٽَونري، صَحيح وارن جو سائو مُنھن“

سِر تان سنبل لھڻ (سونھن جهڪي ٿيڻ- موج مستي ٽٽي وڃڻ- لئي گهٽجڻ) ”گُل اَچن گُوماٽ ۾، سِر تان لھي سُنبُل وَڃن“

سِر تان مال فدا ڪرڻ (صدقو ڏيڻ) ”مال سِر تان، سِر لَڄ تان، لَڄ فِدا تان دِين ڪاڻ“

سِر تي اچڻ (ڏکيائيءَ کي منھن ڏيڻ- حڪم ٿيڻ- ذميواري هجڻ) ”اَڄ ته صَدقي جو حُڪم سِر تي، اَچي جيڪو اَچي“

سِر تي بار بيھڻ (مسئلو/ معاملو هجڻ- ذميواري هجڻ- ڪم جو زور پوَڻ) ”وَقت بَروي جو لنگهيو، بيٺو اَسان سِر بار اَڄ“

سِر تي بار هجڻ (ذميواري هجڻ) ”سؤ ڪَبيرا، سؤ صَغيرا، بار سِر تي، ڪاربار“

سِر تي بديون هجڻ (خواري هجڻ) ”سِر بَندي بُھتان بَديون، بِرهه ڪيو بَدنام خاص“

سِر تي بيھڻ- اصطلاح (ويجهو ٿيڻ- تنگ ڪرڻ- مٿان وزن ٿيڻ ) ”سُور سُوريءَ جي چَڙهڻ کان، سَرس مُون سِر تي بيٺا“

سِر تي ٻيلڙا کڻڻ- محاورو (مٿي تي ٻٽا دلا/ ٻٽيون کاريون کڻڻ- گهربل وزن کڻڻ) ”کڻي سِر ٻيلڙا سَرتيَن، پَلوَ لويَن لُڏايا ڪي“

سِر تي تاج نه هجڻ (مٽ نه هجڻ- جوڙ جيس نه هجڻ- اعلى هجڻ- مٿانھون شان هجڻ- تعريف جو محتاج نه هجڻ) ”هو شان عالي شاهه ڪو، ته به تاج تنھن سِر ناهه ڪو“

سِر تي ڇَتيون/ ڇَتا ڇوڙي ڇڏڻ- محاورو (سونھن جو نماءُ ڪرڻ- وار کولي ڇڏڻ) ”مَٿي کنئين مُنھن، ڪَر موڙي، ڇَتيون سِر تي ڇَڏيَئين ڇوڙي“

سِر تي ڇڏڻ (هموار ڪرڻ- پاڻ تي ڀاڙڻ) ”سَڄڻ سِر تي ڇَڏيا ڇوڙي، زُلف زوري زَهر وارا“

سِر تي حڪم ٿيڻ (قربان ٿيڻ جو سڏ ٿيڻ- بار پوَڻ- ذميواري هجڻ) ”اَڄ ته صَدقي جو حُڪم سِر تي، اَچي جيڪو اَچي“

سِر تي خوف خطرا کڻڻ (اهنجو ڪم ڪرڻ- ڏکيي ڪم لاءِ تيار ٿيڻ- بي ڊپو ٿي ڪم ڪرڻ) ”خَوف خَطرو سِر کيوسُون، خَلق خَستي تنھن مَٿان“

سِر تي سڃ وسائڻ (تڪليفون سھڻ- پاڻ کي اهنجن ۾ وجهڻ) ”ناهِه ساعت شَھر ۾ سُک، سُڃ وَسايم سِر مَٿي“

سِر تي سختي اچڻ (تڪليف ۾ پوڻ- مصيبت ڪڙڪڻ) ”سوڀ يا سَختي سِرن تي، صادِقن سامهين اَچي“

سِر تي سڏ هجڻ (اندر ۾ يادون هجڻ- تانگهه هجڻ) ”سِر تي سَنجهي صُبح سَڏ، ڌاران ڌَڻي نه ڌُر گَڏ“

سِر تي سَمر کڻڻ (سفر لاءِ تيار ٿيڻ- لڏي وڃڻ) ”سِر سَفر کڻيو سَمر، ساٿي وَڃن سَڏڙا ڪَندا“

سِر تي سُنت لازم سمجهڻ (اطباع ڪرڻ- سنت تي هلڻ جو احتياط ڪرڻ) ”سَچي اِنسان جي سِر تي، سُنت سَردار جِي لازِم“

سِر تي سوريءَ سڏ ٿيڻ (حياتيءَ جا ڏينھن پورا ٿيڻ- مرڻ جو وقت ٿيڻ- موت جو فرشتو اچڻ) ”سُڻائين ٿو سَڄڻَ، سُوريءَ جو سَڏ ٿيندم سُڀا سِر تي“

سِر تي سونو ڇَٽُ رکڻ (سرداري ڪرڻ- سرواڻي ڪرڻ- حاڪمي هلائڻ- چڱي هجڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ) ”سِر تي سونو ڇَٽ رَکي، سَڀني سَندو سَردار هُج“

سِر تي سھڻ (پاڻ تي تڪليف کڻڻ- برداشت ڪرڻ- معاملي کي پنھنجي ذمي ڪرڻ- ٻئي جي تڪليف ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ- ٻئي جي تڪليف پاڻ تي کڻڻ- ساٿ نڀاهڻ) ”سَچ، سَزا اِن سَرڪشيءَ جِي، سَنجهه صُباح سِر تي سَھين“

سِر تي شِر هجڻ (ذهن ۾ برائي هجڻ- اندر ۾ شرارت هجڻ- سرڪشيءَ ڏانھن مائل هجڻ) ”شامتي شَيطان جو، سِر تي مَٿم شر شور زور“

سِر تي شھادت جي شمشير چمڪڻ (ڌڻيءَ جي راهه ۾ قربان ٿيڻ جو سعيو هجڻ- شھادت جي جام پيئڻ جو وقت هجڻ) ”سِر تي شَمشيرُون شَھادت، چَمڪنديون چَوڌار اَڄ“

سِر تي گهنگهر گهيرا ڪرڻ (تڪليفون وڪوڙي وڃڻ- آزار ۾ هجڻ- مشڪلات ۾ هجڻ- تڪليف ۾ پوَڻ) ”گَدا سِر هِت گَهنگهر گُوندر، ڪَرڻ گهيرا لڳا آهِن“

سِر تي گهورڻ (ٻئي تان صدقي ڪرڻ- ڪا شيءِ قربان ڪرڻ) ”سِر مِٺي نالي مُحمد، گهوريان مَڏيون، مايا، مَتاع“

سِر تي وارَ ڇوڙڻ (سونھن جو نماءُ ڪرڻ- وارَ سنوارڻ) ”سَنئون سَنواري سِينڌ کي، سِر وار سُھڻي ڇوڙِيا“

سِر تي ويرون ورڻ (اندر ۾ مانڌاڻ مچڻ- تڪيلف ۾ پوَڻ) ”سِر مَٿي وِيرُون وَريَم، ڪَر وَهر واحِد با وَفا“

سِر تي هار سونھڻ (حقدار هجڻ- اڳواڻيءَ جو حق هجڻ) ”سَدا سُونھن سَلامن هار، سِر سَيد مُحمد جي“

سِر ٺھڻ (نوان ماڻهو مطيع ٿيڻ- اتباع ڪندڙن ۾ اضافو ٿيڻ- مڃيندڙن جو انگ وڌڻ- هرڪو قربان ٿيڻ لاءِ تيار هجڻ- گهڻن جو حاضر ٿيڻ)”سِر لھن، سؤ سِر ٺھن، سَھسين سَرن سامان جِت“

سِر جو سانگ ڇڏڻ (پنھنجو خيال نه ڪرڻ- جان جوکم ۾ وجهڻ- پوئتي نه هٽڻ- اڳتي جو اونو نه رکڻ) ”ڇَڏي سانگ سِر مال، وَر پوئتي“

سِر جو سانگو نه سونھڻ (نفساني خواهشن جي پورائي کي ڀلو نه ڀانئڻ- جسم جي پرواهه مناسب نه هجڻ- عشق ۾ حياتيءَ جو احتياط ڇڏڻ) ”جان، سِر، سامان جا، سانگا نه سُونھَن اَڄ سُڄاڻ“

سِر جو سودو هلڻ (جان جي قرباني گهربل هجڻ- عيوضي ۾ پاڻ قربان ڪرڻ- پاڻ کي ٻئي حوالي ڪرڻ) ”سِر جو سودو بِرهه جِي بازار ۾، سِر جو هَلي سَودو سَلف“

سِر جو سونڪو هجڻ (ڳڻتي هجڻ- اونو هجڻ- اندر ۾ هراس هجڻ) ”صَحيح وارن کي سَونڪو سِر، ڏِنئون ڏَڪندي دُڪانن دَر“

سِر جو ملهه ڪرڻ (پاڻ ٻئي حوالي ڪرڻ- پاڻ وڪڻڻ) ”مِل مٺا، ڪھڙي به مُل تي، جِيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا“، سِر، ڪِ گَهر، گوهر، ڪِ گُل تي، جِيئن مِلين تِيئن مِل مِٺا.

سِر جُھد ۾ هجڻ (ڪوششون ڪرڻ- جاکوڙ ڪرڻ- حق خاطروڙهڻ) ”’جيم‘ جُرئت ڏي اَسان کي، سِر جُھُودن مَنجهه جِھاد“

سِر جهڪائڻ (لاڙو ڪرڻ- تابعداري ڪرڻ- اتباع ڪرڻ) ”مُنجهايو مُلڪ کي مُلا سِڪُولن، جُهڪايو جَوف کي سِر جِن جُھُولن“

سِر جهلڻ (سختيون سھڻ-جان تي سھڻ- برداشت ڪرڻ) ”سَر سِيارو سِير ۾، سِيءَ سَخت، سَرديون سِر جَهلينِ“

سِر جي بازي لڳائڻ (بھادري ڏيکارڻ- حق تي قربان ٿيڻ) ”ڪِٿي صُوفيَن سَنديون سِر بازيون سَرڪار کي سامهيون“

سِر چانئٺ تي هجڻ (محبوب ڏانھن ڌيان هجڻ- اندر ۾ جهڪاءُ هجڻ- لاڙو هجڻ-فرمانبردار رهڻ) ”تُون سَڄڻَ، سَرچين نه سَرچين، ته به سَدا سِر چانٺ تي“

سِر حاضر ڪرڻ (حڪم مڃڻ- فرمانبردار ٿيڻ- سڀڪجهه پيش ڪرڻ) ”نِھارين گرم ٿو ناظِر، حُڪم جِي دير، سِر حاضِر“

سِر ڏيڻ (پاڻ ارپڻ- حال حاضر ڪرڻ- فدا ٿيڻ- جان قربان ڪرڻ ) ”جِيئن پُڇين سُھڻا، ته ڏِيندين سِر گَهڻي، تِيئن ٿو وَڻين“

سِر ڌار، ڌڙ ڌار ٿيڻ (محبت ۾ ڪٺل هجڻ- ڪسجي وڃڻ- بيحد بيقرار هجڻ) ”توکان ڌار، سِر ڌار، ڌَڙ ڌار دوست“

سِر ڌرڻ (جهڪڻ- ڪسڻ لاءِ تيار ٿيڻ- سڀڪجهه حاضر ڪرڻ) ”سِر ڏِيان تان سِر وَڃي ٿو، سِر ڌَريان تان سِر سَڃينِ“

سِر ڌڙ جي بازي لڳائڻ (سخت ڪوشش وٺڻ- بي خوف ٿي ڪم ڪرڻ- هدف لاءِ هر ڏکيائيءَ کي منھن ڏيڻ) ”دوستَ، اَڄ دَربان سان، سِر ڌَڙ جِي بازي دُوبدُو“

سِر ڌڙ ڌار ٿيڻ (محبت ۾ پريشان ٿيڻ- اندر ۾ ڪٺل هجڻ) ”دوست گڏجڻ دُور ٿيو، ٿا ٿِينِ سِر ڌَڙ ڌار اَڄ“

سِر ڌڙ کان ڌار پيو هجڻ (مئل هجڻ- بيڪار هجڻ- بي حوصلو هجڻ) ”دائم وَسن ڌُوڙيون مَٿس، سِر ڌار پيو ڌَڙ کان اَٿس“

سِر ڌڙ کان ڌار ٿيڻ (ڪسجي وڃڻ- موهجي وڃڻ- مائل ٿيڻ- عشق ۾ مبتلا ٿيڻ) ”ڌَڙا ڌَڙ ڌار سِر ڌَڙ کان، دوناليون دُور ڌَڪ ڌَڪ ۾“

سِرَ ڌڙا ڌڙ در تي هجڻ (ڪيئي ڪٺل هجڻ- عام جو مطيع هجڻ- پتنگن جيان قربان ٿيڻ) ”دُور پَنڌان ڌار ڌَڙ کان، سِر ڌَڙا ڌَڙ دَر مَٿي“

سِر ڌوئڻ (معاملن کان آجو ٿيڻ- تڪليف مان نڪرڻ- بيماريءَ مان اٿڻ- سڪون وٺڻ) ”چَوايان پڻ نه چُوڙيلي، نه ڌوئي سِر سَنواريندس“

سِر راس هجڻ (چوٽي هجڻ- آڪڙ هجڻ) ”رُس مَ راڻا، سِر سَندم تان، راس ڪھڙي آهِه رُوح؟“

سِر رکڻ (حاضر ٿيڻ- جهڪڻ) ”تُون صَمد کان سِر رَکين، پاريا صَنم سان هُن سِھا“

سِر سارڻ (خيال رکڻ- جان جي پرواهه ڪرڻ) ”مِٺو سائينءَ ڪَنان سِر يارَ، سارڻ ڪِينَ ٿو سُونھي“

سِر سان سَري سگهڻ (ڳالهه موافق هجڻ- برداشت ڪري وڃڻ- ڪم ڪرڻ جي سگهه هجڻ) ”سَري سِر سان، سَھانگو آهِه اَلبت“

سِر سان سھنج ڪرڻ (سولائي ڪرڻ- رعايت ڪرڻ- قريب ڪرڻ) ”سِر سَندم سان سَھنج ڪَر، هوءِ سَدا تان مَنجهه سُجُود“

سِرَ سان ياري ڪرڻ (ماڻهوءَ سان دوستي ڪرڻ) ”’يي‘ يَڪي سِر ساڻ يارا، ياوري ياري ڪجا“

سِر ساهه جو سودو لڳڻ (جان جو سودو لڳڻ- عشق لڳڻ- محبت ٿيڻ) ”ساهه سِر جو، ساهه جي سِينگار سان سَودو لڳو“

سِر ساهه صدقو ڏيڻ (دان ۾ سِر ڏيڻ- سِر خيرات ۾ ڏيڻ- پاڻ کي ڌڻيءَ در حوالي ڪرڻ) ”ڏِينِ صَدقو صِدق مان سِر ساهه بَس، باقي هَوَس“

سِر ساهه صدقو ڪرڻ (گهور وڃڻ- قربان ٿيڻ) ”ساهه سِر صَدقو ڪَريان صَدبار، صَلَي الله عَلَيه“

سِر سَٽائڻ (مارائڻ- هارائڻ) سَرڪشن جا سِر سَٽائي، بَخش سَرهايون سُرُور،

سِر سَٽڻ (سيکيت ڏيڻ- تڪليف ڏيڻ- ڪُٽي سَٽي سڌو ڪرڻ) ”چيَئين، اِيءُ سِر سَٽي تنھنجو، مَٿي سُوري سَنواريندس“

 سِر سَٽي سڃ ڪرڻ (تباهه ڪرڻ- ناس ڪرڻ- مصيبت ۾ وجهڻ) ”سَٽي ڪَئين سِر ڪَيائون سُڃ، صَبر جا ڦَٽ وَهي ڇُٽندا“

سِر سڃ ۾ هجڻ (ويران ٿيڻ- تباهه ٿيڻ) ”ڌار آهِن ڌَڙ ڪَنان، سُڃ ۾ پيا سِر ڪيترا“

سِر سَڃڻ (پاڻ نذرانو ڪرڻ- پاڻ حاضر ڪرڻ) ”ڏي سُکائون، سيڪڙو، ۽ سِر به سَجدي ۾ سَڃي“

سِر سڄڻ کي سوکڙي ڪرڻ (محبت جي پيشڪش ڪرڻ) ”سِر سَڄڻ کي سُوکڙي، پوءِ ڪَک لھي يا لَک لھي“

سِر سُکا ڪرڻ (پاڻ ارپڻ- صدقو ڪرڻ) ”سِر سُکا صَدقي نِيت، تو لئي پِرين، پازي ڪَئي“

سِر سلام ڪري موڪلڻ (محبت جو سنيھو موڪلڻ- پرينءَ در درد پيش ڪرڻ- محبت جو اظھار ڪرڻ) ”ڌَڙ وِڌم دَرپيش ڪانگن، سِر مُڪم سُھڻي سَلام“

سِر سنگَ تي هجڻ (ڪسَڻ لاءِ تيار هجڻ- بي خوف هجڻ- حال حاضر ڪرڻ) ”چي، فِدا سَنگت مَٿان، سِر سَنگ تي، پَر سَنگ تي“

سِر سنگسار ٿيڻ (سزا ملڻ- سيکيت ملڻ- ڏوهه ۾ ڦاسڻ) ”سَڏيَس سُورن، نه سُوريءَ سين، نه سِر سَنگسار جِي حاجت“

سِر سنوارڻ (هار سينگار ڪرڻ- ٺاهه ٺوهه ڪرڻ) ”سِر سَنواري صاحِبن، ڪيو گُل تي سُنبُل سائبان“

سِر سنيھو موڪلڻ (بيحد محبت جو اظھار ڪرڻ) ”موڪليان مُنھنجي سَڄڻ ڏي، سِر سَنيھو ۽ سَلام“

سِر سوريءَ تي اچڻ (مصيبت سامهون اچڻ- تڪليف ۾ پوڻ) ”نه سالِڪ سَندرو ڇوڙينِ، سُوريءَ سِر مَٿي ايندي“

سِر سيج تي رکڻ (سڪون وٺڻ- سٺن خوابن جي اميد رکڻ- اوسيئڙو ڪرڻ) ”سِر نه رَکنديَس سيج تي، سَڀ رات سوڍلَ، تو سَوا“

سِر صدقو ٿيڻ (قربان ٿيڻ) ”چوَن صَدقو ٿيو سِر هِي، وَري مَنَ، وَصل جو وارو“

سِر صدقو ڪرڻ (قربان ٿيڻ- گهور وڃڻ- اول گهول وڃڻ- محبت جو اظھار ڪرڻ- محبت ۾ گرفتار ٿيڻ- پاڻ ارپڻ) ”پوءِ وَڃي سُڃ ۾ سَڄڻَ، صَدقو ڪيَم سِر تو سَوا“

سِر فدا ڪرڻ (پاڻ گهورڻ- سڀڪجهه قربان ڪرڻ) ”گوهر گهوريان، به گُل گهوريان، فِدا سِر، ساهه، سَرمايو“

سِر قدمن ۾ هجڻ (مطيع هجڻ- محبوب ڏانھن لاڙو هجڻ- ڪنھن اڳيان تڇ هجڻ) ”قِياماً ڪَنڌ متنھنجو آهِه، قَدمن سِر قَريبن جي“

سِر قربان ڪرڻ (سڀ ڪجهه لٽائڻ- پاڻ گهورڻ- پاڻ ارپڻ) ”قُربان سِر ڪَرڻ لئي، قابُو قَدم اَسان جا“

سِر کپائڻ (بيزار ڪرڻ- تنگ ڪرڻ) ”خود خُدا سان خارِ جِن کي، سِر کَپايو ٿا کَڻن“

سِر کڻڻ (ڪھڻ- مارڻ) ”هاڻ سَرڪشَ، پَنھنجي سَڳ لئي، هِيءُ سَندم سِر کَڻ کِلي“

سِر کڻي سڏ ڪرڻ- محاورو (وڏي واڪي سڏڻ- دل جي صدق سان سڏڻ- ياد ڪرڻ- ذڪر ڪرڻ) ”سؤ صَغيرا، سؤ ڪَبيرا، سِر کڻيو جي سَڏ ڪَريونس“

سِر کڻي نروار اچڻ (پيش ٿيڻ- سرهو ٿي اچڻ- خوشيءَ مان ظاهر ٿيڻ) ”سُتت سُھڻا، کڻي سِر پو، نيھي نِروار ٿِي آيس“

سِر کي بار سمجڻ (قربانيءَ لاءِ تيار هجڻ- حق خاطر وڙهڻ لاءِ تيار هجڻ) ”آئي ساعت، سِر کي سَمجهن بار، سوڀُون سي کَٽينِ“

سِر ڪپڻ/ ڪپائڻ (قربان ٿيڻ- سِر جو سانگو نه ڪرڻ) ”قُرب وارن سِر ڪَپي، قُربان قَدمن تان ڪَيا“

سِر ڪلهن تان ڪاٽڻ (قربان ٿيڻ- جسم جان گهورڻ- بيحد محبت جو اظھار ڪرڻ- پاڻ ارپڻ) ”ته ڪاٽي سِر ڪُلهن تان موڪليان سَوغات، ڪِيئن ڪَريان“

سِر گهرڻ (آزمائڻ- قربانيءَ جي صدا ڪرڻ) ”سِر گُهرين، سو ڪنھن نه گُهرجي، پَر مِٺا، تُون مُون ڪَنان“

سِر گهورڻ (سڀڪجهه حاضر ڪرڻ) ”تو مَٿان سِر گهورِيان، گَهر گهورِيان، گُل گهورِيان“

سِر گهورڻ (قربان ٿيڻ- گهور وڃڻ- بيحد محبت جو اظھار ڪرڻ- مطيع ٿيڻ) ”مَرحبا مَحبُوب مُنھنجا، تو مَٿان سِر گهورِيان“

سِر لاهڻ (قتل ڪرڻ- مارڻ) ”لاههِ ڌَڙ تان ڌار ڌَڙ سِر، پَر دَران تُون ڪَر نه دُور“

سِر لڄ تان فدا ڪرڻ (عشق ۾ نه هٻڪائڻ- قربان ٿيڻ کان نه لھرائڻ) ”مال سِر تان، سِر لَڄ تان، لَڄ فِدا تان دِين ڪاڻ“

سِر لڪائڻ (شرم ڪرڻ- ڊڄڻ- لھرائڻ- پاڻ کي لڪائڻ) ”سِج سَڄڻ کان سِر لِڪائي، سِر سَويري راتڙي“

سِر لھڻ (ڪسجي وڃڻ- محبت ۾ لٽجي وڃڻ) ”سِر لھن، سؤ سِر ٺھن، سَھسين سَرن سامان جِت“

سِر مال قربان ڪرڻ (سڀڪجهه ٻئي حوالي ڪرڻ- الهه تلهه پيش ڪرڻ- پاڻ ارپڻ) ”قَريبن ساڻ گُهرجي قُرب، ڪَر سِر مال قُرباني“

سِر مٿي ٿيڻ (فخر ڪرڻ- سرخرو ٿيڻ- خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ) ”ٿيو سِر مَٿي ساري شَھر، طَرفان حُڪم طُوفان کي“

سِر مٿي سُور سختيون هجڻ (تڪليفن ۾ مبتلا هجڻ- مشڪلاتن سان منھن ڏيڻ) ”سُور، سَختيون، ٻيا به صَدمان، سِر مَٿي سارِي ڄَمار“

سِر مٿي شِر هجڻ (سرڪشيءَ ڏانھن آماده هجڻ- اندر ۾ شيطانگيري هجڻ) ”شامتي شَيطان جو، سِر تي مَٿم شر شور زور“

سِر مٿي موت هجڻ (مرڻ جو وقت قريب هجڻ- ڏينھن پورا ٿيڻ- خوف خطرو هجڻ( ”نه جُريَت ساڻ جاني تِل، مَٿي سِر مَوت، جَلدي مِل“

سِر نائڻ (جهڪڻ- مطيع ٿيڻ- پيش پوڻ- تابعداري ڪرڻ) نائي سِر سَڀئي سِتارا، پيش پيا پَروين سان.

سِر نذر ڪرڻ (پاڻ ٻئي کي ارپڻ- قربان ٿيڻ) ”سِر نَذر، ناڻو نِڌر، نِروار نِيندي ٿي ڏِٺم“

سِر نمائڻ (مٿو ٽيڪڻ- محبت سان پيش اچڻ- جهڪي سلام ڪرڻ- دلي لاڙو ٿيڻ- آڻ مڃڻ- پيش پوڻ- پاڻ ارپڻ- تعظيم ڪرڻ- تابعداري ڪرڻ) ”سوز وارو ساز چوري، سِر نمائي ڏيئي سُجُود“

سِر نمائي سلام ڪرڻ (دل جي حضور سان احترام ڪرڻ- حاضر ٿيڻ) ”صِف ٻَڌي بيٺا سِپاهي، سِر نمايو ڪَن سَلام“

سِر نيَڻ (مارڻ- پريشان ڪرڻ) ”سِر سَندم نِيو ڪالهه ڪانگل، چيَس ڪاوڙجي قَريب“

سِر وڃائڻ (سِر ڪٽائڻ- قربان ٿيڻ- شھيد ٿيڻ- سڀ ڪجهه وڃائڻ- جهجهي تڪليف کڻڻ/ ڏيڻ) ”اَنديشو آهِه سُھڻن ڏي، وَڃڻ ۾ سِر وِڃائڻ جو“

سِر وڃڻ- اصطلاح (مصيبت ۾ پوڻ- خاتمو ٿيڻ- ساهه پورو ٿيڻ- مري پوڻ- جان وڃائڻ- انت ٿيڻ- هاڃو ٿيڻ- تڪڙ هجڻ) ”ساهه گهوريو، ماهه گهوريو، سِر ويو صَدقي ٿيو“

سِر وڍڻ (ماري ڇڏڻ- مطيع ڪرڻ- تابع ڪرڻ) ”سَڄڻَ، سِر وَڍي وئين ڪَري ڌار ڌَڙهه“

سِرُ هٿ ۾ ڏيڻ (پاڻ حوالي ڪرڻ- محبوب اڳيان هڪيو حاضر هجڻ) ”لاهي سانگو ساهه جو، ساجنَ، ڏِنم سِر تُنھنجي هَٿ“

سِر هنج ۾ هجڻ (قريب هجڻ- پرينءَ جي ويجهو ٿيڻ) ”حُسن تي حَيران حُورُون، هَنج جو سِر هَنج ۾“

سِر هڻڻ (اشارو ڪرڻ- حڪم ڪرڻ- ڪنڌ لاهڻ- ڪھڻ) ”سِر هَڻن تان سِر نمايان، سِر ڏِنم تان سِر چيَئون“

سَروَ وانگر سِر ڏيڻ (بي خوف ٿي قربان ٿيڻ- قربان ٿيڻ ۾ نه هٻڪائڻ- فخر سان گهور وڃڻ) ”سَروَ وانگر سِر ڏِنو، نائي صَنوبر تُنھنجي هَٿ“

سُوريءَ تي سِر چڙهڻ (قربان ٿيڻ- عشق جي انتھا تي رسڻ) ”سَبق سُوريءَ سِر چَڙهڻ جو، تنھن ڏِنم تَلقين سان“

سَوَن اڳيان سِر جهڪائڻ (هرڪنھن جي ڪاڻ ڪڍڻ- غير جي تابعداري ڪرڻ) ”سائين تو سَوا ناهِه، سَوَن سِر نه جُهڪايان“

قدمن تان سِر قربان ڪرڻ (گهور وڃڻ- بيحد محبت جو اظھار ڪرڻ- تابعداريءَ لاءِ هڪيو هجڻ- جان ڀيٽا ڪرڻ) ”تُنھنجي قَدمن تان ڪَريان، سِر قُرب مان قُربان روز“

ڪنھن تي سِر ڪڏڻ (ڪنھن تي خوش ٿيڻ- ڪنھن تي ٽڏڻ) ”غَرض ڪي ڪِن ته ڪي ڪِن سِر ڪُڏن ٿا، تنھنجي قُدرت مَٿي قادِر، ڪُڏن ٿا“

مالُ سِر مڙئي وڃائڻ (پاڻ لٽائڻ- سڀڪجهه قربان ڪرڻ- جان مال گهور ڪرڻ) ”مال، سِر مِڙئي وِڃائڻ سان، مِلي مَحبُوب مَس“

نيزي تي سِر نيڻ (ڪسڻ لاءِ تيار هجڻ- پاڻ فدا ڪرڻ ) ”نِينھن نيزي سِر نِيوسُون، خَلق خَستي تنھن مَٿان“

هٿ، پير، سِر ڌارو ڌار هجڻ (الڳ الڳ حيثيت وارو هجڻ- هرڪنھن جو الڳ ڪم هجڻ) ”هَٿ، پير، سِر، هَڏ، چَم، هِنيان، هر هيڪ ڌارو ڌار آهِه“

* نتيجو/ نچوڙ/ حاصل مطلب

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ڪافي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو ڀنڊار ملي ٿو. ان لحاظ کان سندس شاعريءَ ۾ نراليون ترڪيبون ۽ عام فھم اصطلاح به ملن ٿا. هتي سندس شاعريءَ مان اهڙن اصطلاحن جي چونڊ ڪئي وئي، جيڪي لفظ ’سِر‘ يعني مٿي سان سلهاڙيل هجن. جيئن ته لاڙي لھجي ۾ لفظ جو آخري سُر (vowel) ساڪن ڪيو ويندو آهي، ان لحاظ کان ’سِر‘ لفظن جي چونڊ ڪئي وئي. ان بعد انهن لفظن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي ته اهو معلوم ٿيو ته ساڳيو لفظ مختلف معنائن ۽ وياڪرڻي حيثيت سان ڪم آندو ويو، جيئن:

* اسم طور: ”ڌَڙ وِڌم دَرپيش ڪانگن، سِر مُڪم سُھڻي سَلام“، ’سِر معنى مٿو‘. ”هاريءَ مَٿي هارِي ڏيئي، سِر سِر سين سِينگارِي ويئي“، ’سِر‘ يعني پڪي مٽيءَ جو ٺھيل پڪل ٽُڪر، جيڪو ڀت وغيره جوڙڻ ۾ڪم اچي.

* ضمير مشترڪ: ”عَورتن سان عام ايندا، اَولياءَ سِر ٿو ڏِسان“، ’اولياءَ سِر‘ يعني’اولياءَ پاڻ‘.

حرف اضافت: ”سَير بَخشي سِر سَمائَن، ساهه صاحِبَ، سيرِيينم“، ’سِر سمائَن‘ مان مراد ’آسمانن جو‘.

* امر/مصدر/ فعل طور، جيئن: ”سِر هَڻن تان سِر نمايان، سِر ڏنم تان سِر چيَئون“، ’سِرُ‘ چيئون‘ يعني ’سِري اڳتي ٿيڻ‘- ’رڙهي اڳتي ٿيڻ‘.

* ظرف : ”ٿيا تَھه مَٿي تَھه، ڀَڳيون سِر ڀَڳيَن“، ’ڀَڳيون سِر ڀَڳيَن‘ يعني ’قبرن مٿان قبرون‘.

* حرف جر طور، جيئن: ”سِر قِلعي ڪاهي پيا، ڪَريو ڪَٽڪ ڪافر ڪَٽا“، ’سِر قلعي‘ يعني ’قلعي تي/ وٽ‘.

اهڙن مٿين لفظن کان پاسو ڪندي، باقي لفظ سھيڙي انهن مان ’سِر‘ (مٿو- سِري) سان سلهاڙيل اصطلاحن جي چونڊ ڪري، انهن جي معنى ڏيڻ جي ڪوشش ورتي وئي. انهن معنائن ڏيڻ ۾ پروفيسر ضرار رستماڻيءَ ۽ انجنيئر عبدالوهاب سھتي سان پڻ مشورو ڪيو ويو. ڊيگهه کان پاسو ڪندي مثال طور، مولوي صاحب جي شعر جي هڪ سٽر (سطر) ڏني وئي آهي. چند اصطلاح خيال خاطر رکجن ٿا:

* سِر اڏيءَ تي هجڻ (ڪسڻ لاءِ تيار هجڻ- قربان ٿيڻ- پرينءَ جي حوالي ٿيڻ) ”اک اِشاري ساڻ ’احمد‘ سِر اَڏي پھتو اَچي“

* سِر اگهاڙي ٿيڻ (لوفر ٿيڻ- ڇڙواڳ ٿيڻ- بدڪار ٿيڻ) ”ٿيَس هن علم مان آئون، اگهاڙي سِر ٿيڻ وارو“ (۳۵۹)

* سِر اندر سُور پوَڻ (ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻ- فڪر ٿيڻ- ڳڻتي ٿيڻ- مصيبت ۾ پوڻ) پيَن سِر اَندر سُور سِرسام جو، ڀَلا، ڪَر ڀَلو دِين اِسلام جو.

* سِر ڀر اچڻ (هرحال ۾ ڀيرو ڪرڻ- تڪليف هوندي به پرينءَ در اچڻ- لاچاريءَ ۾ به ڀيرو نه ڀڃڻ) ”عُمر سارِي ۾ اَچان، سِر ڀَر اَوهان جي دَر عَجيب“

* سِر پيش ڪرڻ (حاضر ٿيڻ- جهڪڻ) ”ڪَريان سِر پيشوا جي پيشڪش پيش“

* سِر تان پاء هجڻ (سراسر هجڻ- مڪمل هجڻ) ”ڪنھن چيو ته راڻي راءَ جِي، سُونھن صاف سِر تا پاءِ جِي“

* حوالا/ ذريعا

بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (۱۹۸۵) جامع سنڌي لغات- جلد چوٿون. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.

جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر (۲۰۲۲) درسي اشتقاقن جي تشريحي لغت. محرابپور: ميم جيم پبليڪيشن.

رستماڻي ضرار، پروفيسر (۲۰۱۷) ڪليات احمد (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون ۽ ٻيون. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن.

سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر (۱۹۹۳ع) اصطلاحن جي اصليت- ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي ڪراچي/ لاڙڪاڻو.

ميمڻ، اعجاز احمد (۲۰۱۰) پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي. مرتب: محمد علي مانجهي، ’سر پرڀاتي‘. ص: ۲۳۵- ۲۴۶. حڪومت سنڌ: ثقافت کاتو.

 

(ٽه-ماهي مھراڻ، نمبر ۳، ۲۰۲۲ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد/ ڄام شورو ۾ ڇپيل.)

No comments:

Post a Comment