ٻاراڻا ٻول
محمد اشرف مصراڻي
ٻارڙن جا ٻول به انمول موتين جي
مثال آهن. جيڪڏهن اُهي ماڻڪ ميڙي ڪٺا ڪبا،
ته علم ۾ عاليشان اضافو ايندو ۽ اُجالو ايندو.
راند ۽ ٻار، لازم ملزوم شيون آهن.
هر هڪ ٻار جو، راند ڏانهن لاڙو رهي ٿو. انهيءَ اصول تي اڄڪلهه تعليمي
ادارن ۾ راند رچنا ۽ مانٽيسوري
طريقا چالو ڪيا ويا آهن.
راند رچائڻ وقت هر ٻار، ٻين ٻارن
کي ڪٺو ڪندو:
”اچو
ڙي ٻارو! راند جو
سعيو!
اُڪ جي ڪاٺي، نم جو پايو!
ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو
موٽي وڃي مار جهليو.“
هن هوڪي جي هُل تي ٻار اچي مڙندا.
اکٻوٽ راند ڪرڻي هوندن، ته هڪ ٻار کي ويهاري،
سندس مٿي تي مُٺيون رکي ٻول ٻوليندا. ”ڪنگري
ڪي لوٽو، پاڻيءَ ڀريو ڦوٽو، ڦوٽا
ڦڪيندس، لونگ لٽيندس، هيٺيئڙو يا
مٿيئڙو.“
ڇوڪريون چيڪلي راند کيڏندي هيئن
چونديون:
”چيڪلي
پايان، پير گسايان!
پير ۾ ڪڙي آ، لال سوناري گهڙي آ!
پير ۾ ڪنڊو، صاحبلوڪ منڊو.“
”صاحبلوڪ منڊو“ چئي، گويا انگريز سان نفرت جو اظهار ڪنديون آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن اسان جي
آزادي کسي هئي.
ڇوڪريون هيئن به چونديون آهن:
”پئسو لڌم
پٽ تان! پئسي ورتم گاهه! گاهه ڏنم ڳئونءَ
کي! ڳئون ڏنو کير! کير ڏنم امان کي! امان
ڏنو لولو! لولو ڏنم ڪانءَ کي! ڪانءَ ڏنو کنڀ!
کنڀ ڏنم راجا کي! راجا ڏني بگي! چڙهي گهمان، چڙهي گهمان!
پيءَ ماءُ کي پيار مان چون:
”ديڳڙو
دم تي،
بابل ويو ڪم تي.
بابو ويٺو ماڙيءَ ۾،
گل هڻانس ڏاڙهيءَ ۾.
امان ويٺي ڪوٺيءَ ۾
گل وجهانس چوٽيءَ ۾.“
ڪو اُٺ ڏاگهو ڏسن ته موج مان وٺي
آلاپيندا:
اُٺُ
ماما گوگڙو
سائو
لڪڙ پوئتون
منهنجا ماما ڪاٿي
جڙيا پنهنجي جاءَ تي.
سنڌ ۾ اونهاري جو گهڻي گرمي گُهٽ ۽
ٻُوسٽ ٿئي. مڇر به اچي مارو ڪن. ان وقت ٻهڳڻ ٻارڙا ٻول ٻڌائڻ شروع ڪندا:
”الله
الله الله_ آءُ ڏکڻ ڏيهي!
ڀڃ مڇرن جي پيهي!
ڏکڻ آيو هل سان_ گهوڙو ٻڌي گل سان!
ڏکڻ آيو ڇير سان_ گهوڙو ٻڌي ٻير
سان!
گهل ڙي ڏکڻ گهل.
مينهن نه وسندو ته پوءِ ڪارڙو
ڪمارڙو ڪندا ۽ چوندا:
”ڪارڙو
ڪمارڙو _ الله جو پيارڙو،
کلي ڏيو خيراتون _ وسن برساتون،
ڀت تي نوڙي _ مينهن اچي ڊوڙي،
ڀت تي جهرڪي _ مينهن اچي ترڪي،
اُکري ۾ ڪڪڙو _ مينهن اچي تڪڙو.“
ڪي متفرقا ٻول:
”حسبي
ربي الاالله
مير محمد صلي الله
نور نبيءَ جو جل الله.“
”ارچڪ
مرچڪ ڌاڻا ڌرچڪ آڳ پٽيهر_
ٽوئي ٽيهر نانگڻ جوڳڻ _
خيران کٽي، ٻٽي ڇُٽي.“
(ماھوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، مارچ ۱۹۷۴ع تان کنيل)
MashaAllah ❤️ behtreeen yaaad
ReplyDelete