Showing posts with label مولوي احمد ملاح، اصطلاح، ٻولي، سِر، جائزو، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts
Showing posts with label مولوي احمد ملاح، اصطلاح، ٻولي، سِر، جائزو، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts

Friday, November 4, 2022

مولوي احمد ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مولوي احمد ملاح جي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ’سِر‘ جي استعمال‘ جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



مولوي احمد ملاح، تجنيس حرفيءَ جو شھنشاهه، لاڙ پٽ جو ٻھڳڻو شاعر آهي. هن جي شاعريءَ کي فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ڏسڻ جي گهڻي گهرج آهي. فني لحاظ کان ٿيل ڪم جي بنياد تي ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته سندس شاعري ڪافي شاهوڪار آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي نسبت جملي جي جزن: اصطلاح ۽ محاوري جي استعمال جو جائزو وٺجي ٿو. سڀ پھريائين ته اصطلاح ۽ محاوري ۾ فرق معلوم ڪرڻ نھايت ضروري آهي، حاصل پيراميٽر بعد، مولوي صاحب جي ڪم آندل لفظ ’سِر‘ سان سلهاڙيل اصطلاح ۽ محاورن جو جائزو ممڪن ٿي سگهندو.