Sunday, October 7, 2018

پھاڪو ڇا کي چئجي - اظھر گيلاني


پھاڪو ڇا کي چئجي
اظھر گيلاني 
Image result for what is proverb and image
زندھ پھاڪو اھڙي وڻندڙ لفظن جي ميڙ کي ڪوٺيو وڃي ٿو، جنھن ۾ راز ۽ رمزون، معني، ڳجھ جي ڳالھين جو ذڪر، سچ ۽ حقيقت سمايل ھجي. پھاڪي جي پلاند ۾ سماجي حقيقتون ۽ انسانن کي پيش آيل واقعات، زماني جا حادثات ويڙھيل ھوندا آھن. انھن جي دھرائڻ سان نه صرف نثري جملو خوبصورت ۽ چست، وڻندڙ ۽ جاذب ٿئي ٿو، مگر انھن جي دھرائڻ سان سماجي برائي، سماجي ڀلائي، ملڪ ۽ ملڪي ماڻھن جي ڪا تاريخ، اچي جاءِ والاريندي آھي. پھاڪي ۾ سھڻا سخن، ۽ ڪارائتا قول سمايل ھوندا آھن. سنڌي زبان جي قدامت ۽ وسعت ان جي ورجيسن، محاورن، چوڻين ۽ پھاڪن مان ملي ٿي. ھن مختصر مضمون ۾ صرف پھاڪي جي صورت ۽ ساخت، نموني ۽ گھاڙيٽي جو ذڪر ڪيو ويندو.

Saturday, October 6, 2018

نئين فڪر ۽ خيال جو سرجيندڙ - امتياز احمد عرساڻي


نئين فڪر ۽ خيال جو سرجيندڙ
امتياز احمد عرساڻي
Image result for new thought provoking proverbial phrases
هر دور ۾ لفظ ۽ اصطلاح پنهنجي معنيٰ، منشا ۽ معيار مٽائيندا رهندا آهن. ڪلهه جي صحيح ڳالهه، اڄ غلط ۽ ڪلهه جي غلط ڳالهه اڄ صحيح ثابت ٿي چڪي آهي. ڪلهه جون سٺايون، براين ۾ جڏهن ته برايون، سٺايون بنجي ويون آهن. ماضي جي اخلاقيات، اڄ بداخلاقي چوائي ٿي، جڏهن ته اڄوڪي اخلاقيات، ماضيءَ ۾ بداخلاقي ليکبي هئي. جيڪي معيار، گذريل دور ۾ ساهميءَ جي پهرين پلڙي ۾ پيل هوندا هئا، اهڙن ڪيترن ئي معيارن جو وزن، ساهميءَ جي ٻئي پلڙي ۾ پئجي چڪو آهي. ائين کڻي چئون ته؛ زماني سان گڏ، اسان جي سوچ، سمجهه، فڪر جا سمورا معيار مسلسل مَٽجي رهيا آهن ته غلط نه ٿيندو. اهو سلسلو سدائين کان جاري آهي ۽ انهن معيارن جو وقت جي وهڪري سان گڏ مَٽجڻ ۽ ڦرڻ گهرڻ اڻٽر آهي.

Saturday, September 29, 2018

اصطلاح ڇا آهي - عبدالحي سومرو


اصطلاح ڇا آهي؟
سهيڙيندڙ: عبدالحي سومرو
اصطلاح عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “موافقت يا موزونيت”. عام تور تي اصطلاح ان کي چئبو آهي جنهن جي ظاهري پرهڻي هڪ معلوم ٿئي ته وري سوچ ويچار ڪرڻ سان ٻيو مقصد حاصل ٿئي.

سچ جي سچائي - رشيد آزاد

سچ جي سچائي
رشيد آزاد



سچ ته بيٺو نچ“، ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“، ”سچ جي ٻيڙي لڏندي آھي، پر ٻڏندي ناهي“، جهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون، هميشہ کان ٻڌندا پيا اچون. پر سچ، اهو سچ آھي، جنهن جي سچائيءَ کي سمجهڻ جي ضرورت اڃا باقي آھي.
سچ چوڻ سولو، تسليم ڪرڻ ۽ برداشت ڪرڻ اولو. دنيا ۾ ڪيئي، گامون سچار بڻجي گهمندا وتندا آھن ۽ هر وقت اهو راڳ پيا آلاپيندا آھن؛ ”سچ منهن تي چئبو، ڀل ڪنهن کي مٺيان لڳي.“ ۽ پنهنجي هر چيل ڳالهه کي حق سچ پيا سمجهندا آھن. جڏھن ته اھي ٻه-چپا، پاڻ ڪوڙ ۽ فريب جي گپ ۾ گوڏي جيڏا ڳتل هوندا آھن. پنهنجي ڪيل بڇڙاين ۽ بدڪارين کي، هزارين ڪوششن جي باوجود به لڪائي ڪين سگهندا آھن.

Saturday, September 22, 2018

پھاڪن جي دنيا - حاجي عبدالحميد سومرو


پھاڪن جي دنيا
حاجي عبدالحميد سومرو 
زندھ قومون پنھنجي ٻوليءَ جي بقا لاءِ، علمي ادبي سرمايو چڏينديون آھن. اھو علمي ۽ ادبي خزانو، ٻوليءَ جي لياقت ۽ سندس ترقيءَ جي ساک ڀريندو آھي. سنڌي علم و ادب جو قديم سرمايو، اھڙن سنڌ جي سپوتن جي ساراھ، سنڌ جا چارڻ، سنڌ جا رومانوي داستان ھيا. اھو سلسلو ھلندو پئي آيو، جيڪو انگريز حڪومت تائين زباني ۽ ڪجھ قدر لکت ۾ ھيو.

Friday, September 21, 2018

شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال - ڊاڪٽربشير احمد شاد


شاھ سائين جي ڪلام ۾ تشبيهن جو ڪمال
ڊاڪٽربشير احمد شاد
تشبيھ مان مراد آهي هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان سندس گڻن ۽ اوگڻن ۾ هڪ جهڙائي ڏيکارڻ. پوءِ اهي گڻ يا اَوگڻ، ڪهڙي به نوعيت جا هجن. مثلاً قد بت، شڪل شباهت، رنگ ڍنگ، عادات اطوار وغيره وغيره. سولن لفظن ۾ ٻن اسمن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ کي تشبيھ چئبو. ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ تشبيھ جو استعمال عام هوندو آهي. کڻي چئجي ته تشبيهون ادبي ٻوليءَ جي جان هونديون آهن.

Thursday, September 20, 2018

سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح - ڊاڪٽر بشير احمد شاد


سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
اصطلاح جو استعمال ٻوليءَ جي سينگار جو سبب بڻجي ٿو. هر هڪ ساهتيه يا سڌريل ٻولي اصطلاحن سان مالا مال هوندي آهي. جيئن هر ٻوليءَ جي اصطلاحن جو معنى توڙي مطلب جي لحاظ کان پنهنجو پنهنجو رنگ ٿئي ٿو، تئين انهن جي سٽاءَ ۽ بيهڪ جو به منفرد انداز آهي. سنڌي ٻولي پڻ انهي دولت کان وانجھي نه آهي بلڪه ان جي ڪجھ اصطلاحن جي سٽاءَ جو ته رنگ ئي نيارو آهي، جيڪو ٻين ٻولين ۾ ايڏو نظر نه ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن اصطلاحن جون جيڪي خصوصيتون مونکي نظر آيون آهن انهن ۾ اسمن ۽ فعلن جي بامعنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي وارا اصطلاح ۽ بيهڪ جي لحاظ کان لفظي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح اچي وڃن ٿا.