نئين فڪر ۽ خيال جو
سرجيندڙ
امتياز احمد عرساڻي
هر دور
۾ لفظ ۽ اصطلاح پنهنجي معنيٰ، منشا ۽ معيار مٽائيندا رهندا آهن. ڪلهه جي صحيح ڳالهه،
اڄ غلط ۽ ڪلهه جي غلط ڳالهه اڄ صحيح ثابت ٿي چڪي آهي. ڪلهه جون سٺايون، براين ۾ جڏهن
ته برايون، سٺايون بنجي ويون آهن. ماضي جي اخلاقيات، اڄ بداخلاقي چوائي ٿي، جڏهن
ته اڄوڪي اخلاقيات، ماضيءَ ۾ بداخلاقي ليکبي هئي. جيڪي معيار، گذريل دور ۾ ساهميءَ
جي پهرين پلڙي ۾ پيل هوندا هئا، اهڙن ڪيترن ئي معيارن جو وزن، ساهميءَ جي ٻئي پلڙي
۾ پئجي چڪو آهي. ائين کڻي چئون ته؛ زماني سان گڏ، اسان جي سوچ، سمجهه، فڪر جا
سمورا معيار مسلسل مَٽجي رهيا آهن ته غلط نه ٿيندو. اهو سلسلو سدائين کان جاري آهي
۽ انهن معيارن جو وقت جي وهڪري سان گڏ مَٽجڻ ۽ ڦرڻ گهرڻ اڻٽر آهي.
بليڪ
هول ۾ جذب ٿيندڙ جسم ۽ ٽُٽندڙ تارا، ڪائنات ۾ اٿل پٿل ۽ مستقل تبديليءَ جي علامت
آهن. پنهنجو ميعاد پورو ڪندڙ جسم، ڪائنات جي ڪنهن ڇيڙي ۾ هجن يا اسان جي ڌرتيءَ جي
گولي تي، سمورا وقت سارُو پنهنجو مادو تبديل ڪري ٻي شڪل اختيار ڪن ٿا. ڪائنات جي ڪا
به شيءِ هڪ هنڌ بيٺل نه ٿي رهي، ان منجهه تبديلي ۽ ردوبدل اٽل آهي. تبديلي هڪ اهڙِي
ته چٽِي پٽي حقيقت آهي جو اها فنا جي فلسفي کي به ميساريو ڇڏي. فنا، شبيهه کي ضرور
آهي پر مادي جو ميسارجڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ مادي جي ڪا به تاريخ ابتدا ۽ تاريخ
انتها نه آهي، پر سندس شڪل و صورت جي تاريخ ابتدا ۽ تاريخ انتها ضرور آهي ۽ سندس جٽا
۽ بقا پڻ بلڪل به مختلف آهي.
آفاقي
اسرارن کي ڦلوڙڻ ۽ ڳولڻ جو گڻ سکڻو هجي يا ڪائنات جي راهداري جي قائدن قانونن جا
اصول ٺاهڻا هجن. سموريون گهرجون نئين خيال و فڪر ۽ سوچ جي وهڪري سان سلهاڙيل آهن.
دنيا ۾ ايندڙ تبديلين جا اصول فطرت جي اصولن سان لاڳاپيل آهن. جتي اسان کي وقت جي
پابندي سورج منڊل کان سکڻي آهي، اتي اسان کي موسمن جي لاهن چاڙهن ۽ بي وقتائتي
اثرن ۽ حادثن جي سببن کي پڻ سمجهڻو آهي. اهو ضروري آهي ته قائده قانون ٺاهي، حادثن
۽ غير توقعاتي صورتن کان بچجي ۽ مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين کي پنهنجي ضبط هيٺ آڻجي. ڇا
اهو سمجهڻ ضروري نه آهي ته جڏهن تبديلي اڻٽر آهي ۽ لازمي اچڻي ئي آهي ته ڇو نه ان
کي اڳ ئي پڙهي سمجهي ۽ پنهنجي ضابطي هيٺ آڻجي.
جتي
دنيا اندر تبديلين ۾ بادشاهت جي جاءِ جمهوريت والاري آهي، مذهب جي جاءِ سياست ورتي
آهي، ويڄ جي جاءِ ڊاڪٽر گهيري آهي، عقيدي جي جاءِ تحقيق والاري آهي، اتي فلسفي جي
سچائي پڻ پنهنجي وقعت وڃائي سائنس ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ڪلهه جي ديو مالائي قصن جي
فلاسافرن جي تصوير، سائنس جي تخليقڪارن والاري آهي. پر سڀ کان وڌيڪ جنهن صنف ۾
تبديلي آئي آهي اهو آهي استاد! استاد جي تصوير هر رخ مٽائي هڪ نئون رخ اختيار ڪيو
آهي. اهو استاد جيڪو ڪلهه جنهن وسعت ۽ معيار ۾ ماپيو ويندو هو، اهو ڪينواس ۽ معيار
جو ماپو هاڻي بدلجي چڪو آهي.
پٿر
وارو زمانو هجي يا زراعتي دور، قبل مسيح جو ايام هجي يا انڊسٽريل سنسار، سمورن ميعادن
۾ استاد جي صورت بدلجندي رهي. استاد جي ماضيءَ جا گڻ، اوگڻ جي صورت اختيار ڪري ويا
۽ ماضيءَ جا اوگڻ، گڻن جي صورت ۾ سامهون ٿي آيا. جيتوڻيڪ استاد جي ڪم جو دائرو ۽
اختيار سڪڙجي چڪا آهن، پر تڏهن به سندس اهميت ۽ افاديت ۾ هر دور کان وڌيڪ اضافو ٿيو
آهي. جيئن مادو صورت مٽائي ٻي شڪل اختيار ڪندو آهي، پر سندس اها حالت به افاديت ۽
اهميت رکندي آهي. تيئن ئي انسان جون صلاحيتون پڻ پنهنجي شڪل و شبيهه تبديل ڪري اڃا
به وڌيڪ اثرائتي طريقي سان سامهون اينديون آهن ۽ سماج ۾ پنهنجو اڃا به وڌيڪ متحرڪ ڪردار
ادا ڪنديون آهن.
پٿر
واري دور جي تربيتي اشارن کان شروع ٿيندڙ تعليم اڄ ڪمپيوٽر تي ورچوئل تصوير جي
صورت ۾ سامهون آئي آهي. استاد مرڪزايل تعليم اڄ شاگرد جي مرڪزي حيثيت سان ظهور
پذير آهي. اڄ جو دور استاد جي معتقدي کان نڪري اعتقادي نظرين کي پٺ ڏئي بيهڻ کي
درست سمجهي ٿو. دور جديد ۾ استاد جي احترام جا معيار پڻ ٻي شڪل اختيار ڪري ويا
آهن. ”سر“ يا ”سائين“ جو خطاب معيوب سمجهي استاد کي ”مسٽر“ يا ”جناب“ جو خطاب عطا ڪيو
ويو آهي. ”استاد جي مار، ٻار جي سنوار“ جهڙا پهاڪا
۽ اصطلاح پنهنجي معنيٰ ۽ وقعت وڃائي ويٺا آهن. هن دور ۾ شاگرد کي دوستانه ۽
برابريءَ جو درجو ڏيڻ ۽ کيس سهوليت فراهم ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ کي سٺي استاد جو
خطاب ڏنو وڃي ٿو.
جيئن
ويڄ حڪيم پنهنجي دور عروج ۾ مريض جي ڪيفيت ڏسي پنهنجي تجربي جي روشني ۾ سندس مرض
جو اندازو لڳائي جڙي ٻوٽي کارائيندا ۽ ڦڪي ڦڪائيندا هئا. پوءِ اها دوا صحيح جڳهه
تي لڳي ته ٺيڪ نه ته ويڄ جي تجربي ۾ اضافو ٿيندو هو. ”همراهه
مئو پر وزن جي ته خبر پئي.“ دورِ قديم ۾ استاد کي به ڄاڻ جي کاڻ سمجهو
ويندو هو. هر سوال جو جواب استاد وٽ موجود هئڻ ضروري هوندو هو. استاد پنهنجي تجربي
۽ مشاهدي منجهان هر مسئلي جو حل ڳولي لهندو هو. شاگرد هجن يا بادشاهه جي درٻار،
سياسي ۽ سماجي مسئلن جو حل محلاتي استاد پنهنجي فهم ۽ فراست سان پيش ڪندا هئا. چند
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاگرد سندن صحبت ۽ قربت حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏ رهندا ۽ خدمت
گذاري ۾ چوويهه ڪلاڪ پيش پيش هوندا هئا. استاد جو ليڪچر ۽ ڳالهيون حرف آخر سمجهيون
وينديون هيون. سوال ڪرڻ ۽ بحث ۾ پوڻ جهڙا عمل خراب ۽ قبيح سمجها ويندا هئا.
استاد
جي مانَ مرتبي ۽ حاجت، فروغ پاتو. عبادتگاهن، درسگاهن جو درجو ورتو. مدرسن ۽ پاٺشالائن
۾ شاگرد پنهنجي ڄاڻ جي اڃ اجهائڻ ۽ سکڻ لاءِ ولر ڪري پهتا. استاد جي هن مڪتب ۾ به
مرڪزي حيثيت ئي رهي. سماج جون ريتون، رسمون، طور طريقا، عقيده عقد، جو سارو سنسار
استاد جي ئي هٿ ۾ رهيو. ”هڏ منهنجو، چم تنهنجو“ جي
چوڻي سماجي حلقن ۾ اسرڻ لڳي. شاگرد جو سمورو وجود هڪ ئي سوچ فڪر جو داعي ٿيڻ لڳو.
شاگرد جي ڄاڻ سان آشنائي جي وسعت، استاد جي سوچ جي محتاج ٿي بيٺي، سمورو ڪارونهوار
هڪ ئي بند جو پابند ٿي، هڪ ئي چال سان چلڻ لڳو! گويا سوچ و فڪر جو محور هڪ ئي مرڪز
سان سلهاڙجي ويو.
دور مٽيا
ڪيترن ئي فردن ۽ سماجن قربانيون ڏنيون. ڪيتريون ئي رياستون ۽ رعايائون پنهنجي
منطقي انجام ڏانهن پهتيون. ضرورتن آڌار ميڪنيڪل کان اليڪٽريڪل سائنسي ايجادن وجود
وٺي جهان ۾ اٿل پٿل آندي، بندگي جو اثر گهٽجي خود مختياري ڏانهن منتقل ٿيو. قائده ٺهيا
قانون ٺهيا، مضبوط رياستن وجود ورتو ۽ِ عقيدن ۽ ريتن، رسمن ۽ روايتن جي جاءِ تحقيق
والاري. تحقيق جي ترويج سان استادن جي به وسعت نظري وڌي. باقاعده درسگاهن جنم
ورتو، نصاب بنيو، ليبارٽريون ٺهيون، لائبرريون جڙيون، هم نصابي سرگرميون لازمي
قرار ڏنيون ويون. استادن جا طور طريقا ۽ انداز فڪر جا نوان زاويا سامهون آيا ۽
شاگرد مرڪزايل تعليم وجود ورتو.
دور
جديد ۾ استاد جو تصور ڄاڻ جي کاڻ جو نه پر هڪ سهولتڪار جو بنجي ويو آهي. ان جو
مقصد اهو هرگز به نه آهي ته ڪو استاد جو ڪردار تعليم جي تاڃي پيٽي ۾ اثرانداز ٿيو
آهي. جتي دورِ قديم ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ واسطي هڪ استاد ئي ذريعو هوندو هو، اتي هاڻي ڄاڻ
جا ڪيترا ئي وسيلا سامهون نروار ٿيا آهن. ڳڻپيوڪر جي دنيا نه صرف اسان کي سموري
دنيا سان ملائي ڇڏيو آهي، بلڪ سمورين ٻولين ۾ ٿيندڙ تحقيقن توڙي تحريرن کان هر وقت
آشنا رکيو آهي. دنيا ۾ ٿيندڙ هر منٽ جي تبديلين کان اسين باخبر رهون ٿا ۽ ان لاءِ
اسان کي ڪنهن به بشري مدد جي ضرورت پيش نه ٿي اچي.
جيئن
مادو پنهنجي صورت مٽائيندو آهي ۽ انرجي ڪڏهن ختم ناهي ٿيندي، بلڪل فطرت جي ان اصول
تحت صلاحيتون پڻ ختم ٿيڻ جوڳيون نه آهن ۽ ضرورتن کي ڪڏهن به فنا نه ايندي آهي. توڙي
جو هن وقت ڄاڻ جا ڀنڊار اسان سامهون رکيا آهن، پر تڏهن به استاد جو ان ۾ ڪردار
پهرين کان به وڌيڪ متحرڪ ۽ منفرد آهي. استاد جي ضرورت، اهميت ۽ سندس ڪم جي نوعيت
مختلف ضرور ٿي آهي، سندس صلاحيتن جو رخ ضرور تبديل ٿيو آهي پر سندس سماج ۽ ٻار جي
سنوارڻ ۾ عمل دخل پهرين کان به وڌيڪ اثرائتو آهي.
ٻار جي
جنم تي سندس ذهن جي سليٽ خالي هوندي آهي، اڳي ته ان تي چٽ چٽڻ جو اختيار يقينن
استاد کي ئي هوندو هو، جيڪو ڪم ايترو اوکو نه هو. استاد پنهنجون ڳالهيون، پنهنجو
سبق، پنهنجا خيال ۽ پنهنجا جذبا جيئن جو تيئن شاگرد جي ذهن ۾ وجهي پنهنجو ڪم مڪمل ڪندو
هو. شاگرد جو بڻ بڻياد ۽ سوچ جو طريقو اهڙو ئي هوندو هو جهڙو سندس استاد. شاگرد ڄڻ
ان ئي استاد جو عڪس ۽ آئينو ٿي بيهندو هو، جنهن کيس تعليم و تربيت عطا ڪئي هوندي
هئي. مخصوص تعليم ۽ گهڙيل نصاب سبب شاگرد جي وسعت نظري ۽ سوچ جو انداز سماج کان ٻاهر
نه نڪري سگهندو هو. تخليق، تحقيق جا عنصر کيس مليل گردان ۾ ئي گهمندا هئا.
پر هن
وقت استاد جو ڪم يقينن پنهنجي بناوت ۽ ڪيفيت تبديل ڪري چڪو آهي. استاد جو هاڻي ڪم ٻار
جي ذهن تي نقش چٽڻ نه پر نقش اڀارڻ آهي. اڄ جي استاد کي هر وقت اهو خيال ڪرڻو آهي
ته ڪٿي سندس ذاتي پسند ناپسند، ذاتي سوچ ويچار ۽ ذاتي صحيح غلط جي معيار جو اثر
سندس شاگرد نه وٺي! اسان جي مڃتا، اسان جا عقيدا، اسان جو فڪر ۽ اسان جي سوچ صرف
اسان جي آهي، ان تي ٻئي کي آماده ڪرڻ ۽ ٻئي تي مڙهڻ جو اختيار هاڻي هڪ استاد وٽ نه
رهيو آهي. استاد جا تجربا ۽ عمل ئي شاگرد جي ذهن تي نوان نقش اڀاري سگهن ٿا. استاد
جي اصل ڪاميابي اها آهي ته سندس تعليم سان شاگرد جي سوچ ۽ سندس ذهن جو سوال خودرو
سرشتي تحت اڀري اچي ۽ سندس زندگي جا معيار قائم ڪرڻ ۾ پاڻمرادو ڪردار ادا ڪري.
دورِ
قديم ۾ استاد مرڪز هو، بعد ۾ استاد سان گڏ درسگاهه کي حيثيت حاصل ٿي ۽ آخرڪار
شاگرد کي مرڪزي اهميت ملي پر هاڻي ان جي حقيقت شاگرد جي مرڪزيت کان به اڳتي نڪري
شاگرد جي شخصيت، ذهني اوسر ۽ سندس ذهني ڪيفيت سان وڃي ملي آهي. تعليم جي معنيٰ ۽
منشور استاد جي گردان نه پر شاگرد جي چوگرد ڦرڻ لڳا آهن. استاد جو ڪم سوچ ڏيڻ نه
پر سوچ اڀارڻ جو بنجي ويو آهي. سوال اپائڻ ۽ ان تي تحقيق ڪري دريافت ڪرڻ جي عنصر
جو وجود هر شاگرد ۾ پيدا ڪرڻ استاد جي فرضن ۾ شامل آهي. نيون معنائون، نوان مطلب،
نوان مظهر، نيون کوجنائون ۽ نوان معيار جوڙڻ جو ڪارخانو استاد کي بنجڻو آهي.
رهبر،
رهنما، سرواڻ، مرشد ۽ اڳواڻ جا الفاظ وقت سان گڏ پنهنجي وقعت، اهميت ۽ حيثيت ڦيرائي
چڪا آهن. معتقد، چيلو، عقيدتمند، مريد توڙي شاگرد جا اصطلاح پڻ پنهنجي معنائن ۽
مطلب ۾ بيگانه بنجي پيا آهن. اسان استاد کي اها ڳالهه ڀلي ڀت سمجهڻي پوندي ته
سائنس ۽ تحقيق وقت جا ورق مٽائيندي اڳتي وڌي رهي آهي. نوان خيال، نوان تجربا، نئين
طرز ۽ طور طريقا ريتن ۽ رسمن کي ميساريندا اڳتي اچي رهيا آهن. مختلف عقيدا، مستقبل
جي اڳوٽ ڄاڻ ملڻ ۽ قانون جي روح سبب پنهنجون معنائون مٽائي ويٺا آهن. اسان کي
پنهنجي شاگردن کي روايتي ريتن رسمن مان آجو ڪري، تحقيق ۽ سائنس جي بنياد تي نوان
لاڙا ڏئي سندن سوچ کي اڀارڻو آهي، جيئن ايندڙ نسل اسان جي ٻڌايل قدمن تي نه پر
تحقيق وسيلي پنهنجي رستي جو تعين پاڻ ڪري. هو پاڻ، سوچڻ، سمجهڻ ۽ فيصلا ڪرڻ سکي.
اچو ته پاڻ عهد ڪريون ته اسين پنهنجي آئيندن کي نئين سوچ ۽ نون خيالن جي ترويج ڏينداسين،
اسين پنهنجي فرسوده روايتن، رسمن ۽ خيالن جي آبياري ڪرڻ بجاءِ پنهنجي نسلن کي نئين
فڪر و خيال جو ريج ڏينداسين.
No comments:
Post a Comment