سچ جي سچائي
رشيد آزاد
”سچ ته بيٺو نچ“،
”سچ وڏو ڏوهاري آهي“، ”سچ جي ٻيڙي لڏندي آھي، پر ٻڏندي ناهي“، جهڙا پهاڪا ۽ چوڻيون،
هميشہ کان ٻڌندا پيا اچون. پر سچ، اهو سچ آھي، جنهن جي سچائيءَ کي سمجهڻ جي ضرورت
اڃا باقي آھي.
سچ چوڻ سولو، تسليم ڪرڻ ۽ برداشت ڪرڻ اولو. دنيا ۾ ڪيئي، گامون سچار بڻجي گهمندا وتندا آھن ۽ هر وقت اهو راڳ پيا آلاپيندا
آھن؛ ”سچ منهن تي چئبو، ڀل ڪنهن کي مٺيان لڳي.“ ۽ پنهنجي هر چيل ڳالهه
کي حق سچ پيا سمجهندا آھن. جڏھن ته اھي ٻه-چپا، پاڻ ڪوڙ ۽ فريب جي گپ ۾ گوڏي جيڏا ڳتل هوندا آھن. پنهنجي
ڪيل بڇڙاين ۽ بدڪارين کي، هزارين ڪوششن جي باوجود به لڪائي ڪين سگهندا آھن.
سائنسي
علوم موجب، انسان اگهاڙي اک سان، جيڪي به لقاءَ ۽ شيون ڏسي ٿو، اهي اڪثر ايئن
هونديون ناهن جيئن نظر اينديون آھن. نظر جو دوکو ۽ منڌل تصور يا ڪا لاشعوري ڪيفيت،
بظاهر انسان کي منجهائي ۽ ورغلائي سگهي ٿي. جيڪا شيءِ جيئن آھي، کيس اها ايئن نظر
اچڻ جي بجاءِ، ڪجهه ٻيو نظر ايندي آھي.
هر سچ
جو پنهنجو فلسفو آھي. جيڪو ”سچ“ اسان وٽ سچ آھي، اهو ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي، يا ڪنهن ٻئي
وٽ، نسورو ڪوڙ به ٿي سگهي ٿو. مثال طور؛ توهان درياهه جي هڪ ڪناري تي بيٺا آھيو.
توهان جي پٺ، اتر ۽ منهن ڏکڻ طرف آھي ته دريا توهان جي ساڄي پاسي آھي. جڏھن ته ان
جي ابتڙ جيڪڏهن توهان جو منهن اتر ۽ پٺ ڏکڻ طرف آھي ته درياهه توهان جي کاٻي پاسي
آھي ۽ اهو ئي سچ آھي. سچ ڪو جامد يا ساڪن ناهي، پر وقت ۽ حالتن پٽاندر بدلجندو رهي
ٿو. جنهن جا ڪيئي رنگ ۽ روپ ٿي سگهن ٿا. هڪ سچ، جيڪو توهان لاءِ سچ آھي، اهو ڪنهن ٻئي
لاءِ سچ ڪيئن ٿو ٿي سگهي. اصل ڳالهه اها آھي ته وقت ۽ حالتن جي عين مطابق، ڪنهن به
شيءِ جي فطري لقاءَ ۽ ان ۾ پيدا ٿيندڙ تبديلين کي ويچار ڌارا ۾ آڻي، علم ۽ عقل جي
صحيح استعمال سان سچ کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت، ھڪ حد تائين پيدا ڪري سگهجي ٿي.
پر پوءِ به پوري سچ لاءِ، وڌيڪ جاکوڙ جي ضرورت ختم نٿي ٿئي. مسلسل جاکوڙ ۽ جستجو،
توهان جي سامهون نوان نوان سچ آڻي ٿي، جيڪو ڪڏھن به نه ختم ٿيندڙ سلسلو آھي.
مختلف
۽ مخالف نظريا رکندڙ هر ماڻھوءَ جو سچ، پنهنجو پنهنجو هوندو آھي. جيئن هڪ مزدور جو
سچ اهو آھي ته هن وٽ پاڻ کي زندھ رکڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب جي پرورش ڪرڻ واسطي وڪڻڻ لاءِ
فقط پورهيو ئي آھي. جنهن جي بدلي، کيس ۽ سندس آڪھ کي جيئڻ لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ ڪجهه
ضرورت جون شيون ملي وڃن ٿيون. جڏھن ته سرمائيدار جو سچ اهو آھي ته هو هر قسم جون
شيون خريد ڪرڻ جي قوت رکي ٿو، جنهن ۾ مزدور جي محنت به شامل آھي.
مسلسل
تبديليءَ جي عمل مان گذرندڙ هن دنيا ۾ موجود، کوڙ ساريون شيون، جيڪي جيئن ڏسڻ ۾
اچن ٿيون، اصل ۾ اهي ايئن هونديون ناهن. نظر جو دوکو، پنهنجي جڳهه تي پر سوچ ۽
سمجهه جي اڻھوند، ضعيف الاعتقادي ۽ آسپاس جو ماحول، وقتي مصلحت پسندي، فائدي جي
لالچ ۽ نقصان جو خوف، سچ جي سچائيءَ کي سمجهڻ ۾ وڏي رنڊڪ پيدا ڪندا آھن. حقيقي سچ
کي صحيح سمجهڻ بدران، ڪوڙ کي سچ سمجهي، پاڻ کي مطمئن رکڻ جي پئي ٿيندي آھي. پاڻ کي
ئي دوکو ڏيڻ سان گڏ، پنهنجي طاقت، مختلف طريقن ۽ روين ذريعي، ٻين حوالي ڪري، انهن
کي وڌيڪ طاقتور بڻائي، وري پاڻ ئي انهن اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڪمزور سمجهي، جهڪڻ کي
پنهنجي تقدير يا لکئي جو ليک پيا ڀائيندا آھيون. تدبير کان وانجهيل انسان جي
لاشعور ۾، موجود کوڙ سارا وسوسا، ’کوٽي سچ‘ جو روپ وٺي، معاشري تي پنهنجا ناڪاري
اثر وجهي، کيس سماج ۾ اڳتي وڌڻ کان روڪيندا رھندا آھن.
انسان،
جڏھن کان هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيو آھي، تڏھن کان مسلسل ارتقائي عمل ذريعي، ڪڏھن تڪڙو
ته ڪڏھن آهستي، هڪ تبديليءَ جي عمل مان گذري رهيو آھي. ڪنهن به سماج جون سياسي يا
معاشي حالتون، تبديليءَ جي ان عمل کي تيز ۽ ڍرو ٿيڻ لاءِ راھ ھموار ڪن ٿيون. ڪن
حالتن اندر سماج ۾ ايڏي ته تڪڙي تبديلي ايندي آھي جو ماڻھو حيران ٿي ويندو آھي. توڻي
جو، ان تڪڙي تبديليءَ جي پويان، پورو هڪڙو سماجي ۽ معاشرتي پس منظر هوندو آھي، جيڪو
عام ماڻھوءَ جي نظر کان اوجهل هوندو آھي.
دانش ۽
آدرش، مارڪيٽ جو وکر بڻجي ويندا آھن. جنهن کي جتان جهٽ لڳندو آھي، سو تتان گهٽ نه
ڪندو آھي. هڻ ھڻان ۽ وٺ وٺان جي هن دور ۾، انسانيت جو ملهه ٽڪي برابر ٿي ويندو آھي.
وڪامندڙ، وچ منڊيءَ ۾ بيهي، پنهنجي وڪري جا هوڪا پيو ڏيندو آھي. پوءِ ”ڪي پر وڪاڻا، ڪي ھيل
وڪاڻا.“
مطلب
ته ڪم سڀني جو لھي ويندو آھي.
منڊيءَ ۾ ڪوئلي جو ڪاروبار، چوٽ تي آھي. هر ڪو منجھس هٿ ڪارا ڪرڻ جو خواهشمند آھي.
جڏھن
ته ”منڊي؛ رنڊي آھي“. ڪڏھن هيٺ، ڪڏھن مٿي. ڪن کي خريدار تڪڙا ملي وڃن
ٿا، ڪي واري جي انتظار ۾ پنهنجي منهن تان ڌوڙ ۽ رک اڏاريندي نظر اچن ٿا. شايد اهو ئي
هنن جو سچ هجي.
جڏھن
ته تاريخ جو سچ، ڏاڍو خوفناڪ ۽ ڀوائتو هوندو آھي. جيڪو نائونمل، مير جعفر ۽ چنيسر جهڙن ڪردارن
کي ڪڏهن به معاف ناهي ڪندو.
No comments:
Post a Comment