پھاڪن جي دنيا
حاجي عبدالحميد سومرو
زندھ قومون پنھنجي
ٻوليءَ جي بقا لاءِ، علمي ادبي سرمايو چڏينديون آھن. اھو علمي ۽ ادبي خزانو،
ٻوليءَ جي لياقت ۽ سندس ترقيءَ جي ساک ڀريندو آھي. سنڌي علم و ادب جو قديم سرمايو،
اھڙن سنڌ جي سپوتن جي ساراھ، سنڌ جا چارڻ، سنڌ جا رومانوي داستان ھيا. اھو سلسلو
ھلندو پئي آيو، جيڪو انگريز حڪومت تائين زباني ۽ ڪجھ قدر لکت ۾ ھيو.
انگريزن جي دور تائين
فارسي، سنڌ جي دفتري زبان ھئي. سنڌي ٻوليءَ جي ۵۲ اکرن تي الف-ب جڙڻ بعد، سر ايڇ بارٽل
اي فريئر برٽ ھڪ حڪم نامو جاري ڪري يورپين کي سنڌي سکڻ تي آمادھ ڪيو. ڊاڪٽر ٽرمپ
سنڌي عالمن جي مدد سان، ۱۸۶۶ع ۾ شاھ جو رسالو تيار ڪيو.
دنيا جي ڪا به زبان
پھاڪن کان خالي نه آھي. اھي ٽوٽڪا ۽ نسخا، ڪنھن جي عقل ريزي آھن، جنھن لاءِ ڪجھ به
چئي نه ٿو سگھجي.
ھن حوالي سان، دنيا جي
عالمن، اديبن ۽ محققن جا رايا اھميت رکن ٿا.
ڊزراييل چوي ٿو؛
”پھاڪن ۾ زندگيءَ جي جھلڪ موجود آھي.“
اي ايس جيڪر چيو ته؛
”پھاڪا قوم جي عادات اطوار ۽ خيالات جي عڪاسي ڪن ٿا.“
شري گووند ھنديءَ چيو
آھي؛ ”تاريخي واقعات، عام قصا، نقل ۽ نظير، پھاڪا ۽ چوڻيون، ٻھڳڻن جا ٻول، سگھڙن
جي سياڻپ جو آئينو آھن. جيتوڻيڪ مختصر آھن. ليڪن معني خيز ۽ مفصل آھن.“
ھاڻي اچو ته سنڌيءَ ۾
پھاڪن جي مقصد تي ويچار ڪريون:
پھاڪو: ”اھو سون ئي
گھوريو، جو ڪن ڇني.“
نوشيروان، ايران جي
بادشاھ جي دور ۾ عورتون ڪنن ۾ سون، در ۽ مرواريد جا زيور پائينديون ھيون. بادشاھ
کان سندس حرمن مطالبو ڪيو ته؛ ’اسان کي جھومڪ ٺھرائي ڏي.‘ تنھن تي بادشاھ چيو؛ ’يا
دو گوش بايد، يا دو نيلم.‘ (مطلب؛ يا ٻئي ڪن رھندا، يا ٻه نيلم رھندا.)
پھاڪو: ”دودو ڌوڙ،
چنيسر ڇائي.“
مطلب؛ ’ڪجھ به نه.‘
ھيءُ پھاڪو، دودي سومري ۽ چنيسر جي ناسازي (جنگ لڳڻ، حڪومت ختم ٿيڻ) متعلق چيايون.
ھيءُ پھاڪو سومرا دور جو چيل آھي.
پھاڪو: ”عمر وٺي وٺي
مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلھيندو.“
ھيءُ پھاڪو سومرن جي
دور جو چيل آھي. عمر بادشاھ، سومرا دور جو حڪمران ٿي گذريو آھي، جيڪو مارئيءَ کي
کوھ تان کڻي ويو ھيو. ان جي دھشت ۽ دٻدٻي تحت ھيءُ پھاڪو وجود ۾ آيو. مطلب ته عمر،
مارئيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، باقي سڄي ٿر سان ته ڪو نه وڙھندو.
پھاڪو: ”پارسي؛ گھوڙي
چاڙھسي.“
(گھوڙي چاڙھسي جو مطلب
آھي؛ عزت ملڻ.)
ڪلھوڙن جي دور ۾ فارسي
سرڪاري دفتري زبان ھئي. ان ڪري فارسي خواندھ جو وڏو قدر ھيو. ان ڪري ھي پھاڪو سن
۱۷۵۰ع جي دور ۾ وجود ۾ آيو.
پھاڪو: ”آيا مير، ڀڳا
پير.“
(ميرن جي حڪومت آئي ته پير يعني ڪلھوڙا ڀڳا)
ھيءُ پھاڪو ۱۷۷۲ع ڌاري، ڪلھوڙا حڪومت جي دؤر ۾ ٺھيو. حقيقت ھن
طرح آھي ميان شاھل محمد ۽ ميان الياس عباسي حڪمرانن سان گڏوگڏ پير به ھئا. ماڻھو
سندن درن تي دعا طلبي لاءِ به ويندا ھئا. ان ڪري پير چئي ھيءُ پھاڪو جوڙيو ويو.
پھاڪو: ”لاھي ويھ
لنگھا، آريجن تان آسرو، پني پرائو ڏيھ، اچي کاءُ آريجن ۾.“
آريجا ذات جا ماڻھو،
ضلع لاڙڪاڻو نزد ڏوڪري، ڳوٺ آريجا ۾ آباد آھن. ڪلھوڙا دور جو بزرگ مخدوم شھاب
الدين، ھڪ مفتي، با شرع، ولي ڪامل، اتي جو رھاڪو ھيو. اتي مڱڻھار به رھندو ھيو،
جنھن جو گذر معاش بند ٿي ويو. ان تي ماڻھن کيس سمجھايو ته؛ ’بابا! ھاڻي اسان دھل وغيرھ
نه وڄرائينداسون. تون ڀلي ٻين ڳوٺن مان وڃي پورائو ڪر!‘ ان چوڻ مان ھي پھاڪو وجود
۾ آيو.
پھاڪن جا، دنيا جي
مختلف زبانن ۾ ڪتاب ملن ٿا. مثال طور؛ عربي، فارسي، انگريزي، سنسڪرت، اردو ۽ سنڌي
وغيرھ.
عربي: عماني
پراوربس، ليکڪ؛ اي ايس جيڪر، سن ۱۹۰۶ع بمبئي.
فارسي: امثال
و حڪم، ليکڪ؛ علي اڪبر دھخدا (چار ڀاڱا) ۱۹۳۱ع تھران.
اردو: نجم
الامثال، تاليف محاورات، لغات خواتين، ڪليد زبانداني ۱۸۹۰ع دھلي.
ھندي:
ڪھاوت رتنا، محاورھ اور ڪھانيان، مالوي ڪھاوتين، ڪھاوتون ڪي ڪھاوتين، ليکڪ؛ مھابير
پرساد ۱۹۶۰ع نئين دھلي.
گجراتي: ڪھيوت
سنگرھ، ليکڪ؛ آشارام، احمدآباد ۱۹۲۳ع.
سنڌي: سنڌيءَ
۾ جيڪو پھريون ڪتاب لکيو ويو، سو آھي؛ ”سنڌي پھاڪا“ جيڪو اسان جي راءِ
بھادر ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻي ۱۸۸۹ع ۾ لکيو، جنھن ۾ ۱۲ سؤ پھاڪا ھيا.
ٻيو ڪتاب ”گلشڪر“ نالي
آھي. ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي ۱۸۶۹ع ڌاري لکيو ۽ اھو ۱۹۰۵ع ۾ شايع ٿيو.
ٽيون ڪتاب ”پھاڪن
جي حڪمت“ آھي، جو مرزا قليچ بيگ ۱۹۲۶ع ) ڇپايو، جنھن ۾ ھر ٻوليءَ جا جدا جدا
پھاڪا لکيا ويا.
چوٿون ڪتاب، ”گلقند“
نالي آھي. ھيءُ ڪتاب ڀيرومل مھرچند ۱۹۲۶ع ۾ شايع ڪرايو.
پنجون ڪتاب سنڌيءَ ۾
آھي، ”پھاڪن جي پاڙ“.
ڇھون ڪتاب، ”عجيب
نڪتا“، روچيرام گجومل جو آھي.
اھڙيءَ طرح ان سلسلي
جي ھڪ ڪڙيءَ جي ڪوشش ھن بندھ خاڪسار طرفان موتي ميڙي ”ماڻڪ موتي لعل“ الف-بي
وار، چوڻين ۽ پھاڪن تي مشتمل ۴۲ صفحن جو ڪتابچو ۴-۴-۲۰۰۲ع تي شايع ڪرايو ويو آھي.
جنھن ۾ ڪي قدر ڪوشش ڪري موجودھ ۽ آڳاٽي دور جا پھاڪا موتين جي مالھا ۾ سموھيا اٿم.
جنھن مان چند مثال حاضر خدمت آھن.
”الف“ مان ھڪ مثال:
پھاڪو: ”اڻ پرھيو
انسان، ڄڻ آھي حيوان.“
ھيءُ پھاڪو، تعليم
حاصل ڪندڙ ۽ تعليم حاصل نه ڪندڙ انسان جي فرق محسوس ڪرائڻ سبب چيو ويو آھي.
”ٻ“ مان مثال:
پھاڪو: ”ٻه ڀائر، ٽيون
ليکو.“
ھيءُ پھاڪو فارسي زبان
۾ ھيئن ٿيندو؛ ”دو برادر، سوئم حساب.“
”ت“ مان مثال:
پھاڪو: ”تڪڙ، ڪم شيطان
جو.“
عربيءَ ۾ وري اھو
پھاڪو ھيئن آھي؛ ”التعجيل فعل الشيطان.“
جنھن جو مطلب ٿيو؛ ’ھر
ڪم سوچ ويچار سان ڪرڻ گھرجي، تڪڙ نه ڪجي.‘ جنھن مان ٻيو پھاڪو وري وجود ۾ آيو؛ ”تڪڙي
ڪتي، انڌا گلر.“
”ھ“ مان مثال:
پھاڪو: ”ھڪ ھٿ جي
تاڙي، نه وڄندي آھي.“
ھن پھاڪي مان اسان کي
اتحاد جو درس ملي ٿو.
”ي“ واري ترتيب مان:
پھاڪو: ”يا تارازيءَ ۾
ڦير، يا وٽ کوٽا.“
ظاھر ۾ ته وٽ تارازيءَ
جھڙا الفاظ آھن، ليڪن ھن پھاڪي ۾ عجيب فلسفو سمايل آھي. يعني ٻن ڌرين جي نيتن جي
اختلافات جي نشاندھي متعلق چيو ويو آھي. جنھن مان حضور ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن
جي حديث شريف ڏانھن اشارو ملي ٿو.
”انما الاعمال
باالنيات“
(عملن جو دارومدار،
نيتن تي آھي.)
سنڌيءَ ۾ مطلب ٿيو؛ ”جھڙي
نيت، تھڙي مراد.“
اھڙيءَ طرح پھاڪا ھر دؤر
۾ ٺھيا آھن ۽ اڃان تائين ٺھندا رھن ٿا. پھاڪن کي سؤ سال به گذري ويا آھن. سندن
بنيادي وجود اھڙو ته مضبوط آھي جنھنجو مثال نه ٿو ملي. موقعي مھل جي استعمال ڪرڻ سان
نت نوان لڳندا آھن.
اميد ته ھيءَ ننڍڙي
ڪاوش اھل علم دوستن جي خدمت عاليہ ۾ قبول پوندي.
(ماھوار
نئين زندگي، حيدرآباد، جلد نمبر: ۵۵/۵۶، شمارو نمبر (۱۲/۱) ڊسمبر ۲۰۰۲-جنوري ۲۰۰۳ع
شوال-ذوالقعد ۱۴۲۳ھ، تان ٿورن سان کنيل)
No comments:
Post a Comment