Showing posts with label اصطلاح، ضد، فعل، اسم، تجنيس حرفي، معنوي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد. Show all posts
Showing posts with label اصطلاح، ضد، فعل، اسم، تجنيس حرفي، معنوي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد. Show all posts

Thursday, September 20, 2018

سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح - ڊاڪٽر بشير احمد شاد


سنڌي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن جي با معنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
اصطلاح جو استعمال ٻوليءَ جي سينگار جو سبب بڻجي ٿو. هر هڪ ساهتيه يا سڌريل ٻولي اصطلاحن سان مالا مال هوندي آهي. جيئن هر ٻوليءَ جي اصطلاحن جو معنى توڙي مطلب جي لحاظ کان پنهنجو پنهنجو رنگ ٿئي ٿو، تئين انهن جي سٽاءَ ۽ بيهڪ جو به منفرد انداز آهي. سنڌي ٻولي پڻ انهي دولت کان وانجھي نه آهي بلڪه ان جي ڪجھ اصطلاحن جي سٽاءَ جو ته رنگ ئي نيارو آهي، جيڪو ٻين ٻولين ۾ ايڏو نظر نه ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ جي اهڙن اصطلاحن جون جيڪي خصوصيتون مونکي نظر آيون آهن انهن ۾ اسمن ۽ فعلن جي بامعنى بيهڪ ۽ تجنيسِ حرفي وارا اصطلاح ۽ بيهڪ جي لحاظ کان لفظي توڙي معنوي تضاد وارا اصطلاح اچي وڃن ٿا.