مَٿاڙِي - مُنھن رَکڻي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
مَٿاڙِي/ مَٿاري/ مُنھن رکڻي/ مَٿي رکڻي/ مَٿي داڻِي/ ديڙو/
ديڙِي/ دِڪِي/ مُتُو/ مَرکڙِي/ مورکڙِي/ چُلهِه/ مارگهُه/ مُنارو/ مُنھن رکِي/ مَٿي
رکِي/ مورکو/ مورکي هڪ اهڙي وٿُ آهي، جيڪا سنڌي سڀيتا سان ئي سلهاڙيل آهي. سنڌ ۾ ڪٿي
ساڳي شيءِ جا ٻه- ٽي نالا آهن، ته ڪٿي وري الڳ الڳ وٿُن جا نالا آهن. ٿي سگهي ٿو
ته جنھن ڪارڻ سنڌي ماڻهو ڪم آڻيندو رهيو آهي، ته ان ڪارڻ ٻين سماجن جا ماڻهو به ڪم
آڻيندا هجن، پر ڪٿي ان جا اشارا ملن نه ٿا. جنھن کي مٿاڙي يا منھن رکِڻِي ڪوٺجي ٿو،
سا گهڻي قدر چيڪي مٽِيءَ ۽ ٻن عام ڪاٺين/ ڪانن سان ٺاهي ويندي آهي. هيءَ وَٿُ هڪ ڍِڍ
۽ ٻن سِڱن سان سڃاتي ويندي آهي. يعني هيٺان هڪ گولائيءَ سان، چُلهه وانگر مٽيءَ جو
ديڙو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ هڪ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ اڀيون ڪاٺيون/ ڪانا لڳايا ويندا آهن، جيڪا
نئين ڄاول يا اٺن مھينن جي ٻار تائين سمهارڻ ۽ ٻنڌڻ سان ٻڌي سڌو رکڻ جي ڪم آندي
ويندي آهي. جيئن ته هن جي ديڙي جي شڪل گولائيءَ مائل ٿيندي آهي، ان ڪري هن کي
’چُلهِه‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙي مٿاڙي، جنھن کي چُلهه ٿا چون، سا ٺھندي به
چُلهه وانگر آهي، ليڪن ان ۾ مٿئين ڍڪَ لاءِ ڪاٺيون نه پونديون آهن. ان کي هيٺان سڌي
دِڪي ٺاهي، پويان ٿوري ٽيڪ رکي ويندي آهي ۽ اڳيان ٻه يا اڍائي انچن جا ٻه بونبا
رکيا ويندا آهن، ته جيئن اهي ڪنڌ ۽ ڳچيءَ جي پاسن کان اچن ۽ ٻار ڪنڌ موڙي نه سگهي.
ٻار جي ڪياڙي، ان سڌي دِڪيءَ تي، ڪو ڪپڙو وڇائي ۽ ڪنڌ کان ننڍڙي وهاڻي ڏيئي، رکي
ويندي آهي. ڪي وري ان مٿاڙيءَ کي چُلهه جي مارنگ وانگر به بيھاري، پاسن ۾ ٻه ٽيڙيَل
اڀيون ڪاٺيون ڏيئي ڇڏيندا آهن، جنھنڪري هن کي مارگهُه يا مارنگُ به ڪوٺين. مٿاڙِيءَ
جا ٻه اهم ڪم آهن، هڪ: ان جي مٿان ڪو سنهي ململ جو رئو يا ڪپڙو وجهي ڇڏبو ته جيئن ٻار
مک يا مڇر کان ڍڪيو رهي، ٻيو: ٻار جي مٿي
جو چوٽُ ۽ لوٽِ اهڙي ويھي جو مٿو هڪ ڪَرو سھڻو لڳي ۽ لوڻا به نه مرن! ان لاءِ ٻار
کي سڌي سمهارڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي.