Saturday, September 16, 2023

کانڀاڻي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

کانڀاڻي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



اَنَ جي ڪَڻَن جي پوک مان جهارِ هڪلڻ لاءِ جيڪو سِڻِي، سُٽ يا اڳڙين واري نوڙيءَ مان ٺھيل هٿَڻُ ٿئي، ان کي ’کانڀاڻي‘ چئجي ٿو. سنڌ جي طبعي ڀاڱن وانگر جهارِ هَڪلڻ لاءِ مختلف وَٿُون آهن، جن جا نالا به الڳ الڳ آهن، جيئن: ’کانڀاڻي‘، ’گوڦَڻَ‘،’کِٽَ‘،’گهُٻَڻِ‘، ’ٽاٽَ/ تراٽَ‘، ’ٽَنگڙُ/ ٽَنگڙو‘، ’نوڙُ‘ وغيره. ان کان سواءِ جهارِ تَڙڻ جا ٻيا ڍنگ به ٿين ٿا، جيئن: گُليلِي، اوڙو/ مُوئِرو (ڪانوَ تڙو)، ڪاري ڪُني، ڪَليءَ ڪڙ ڪڙ، ڍولڪي، دَٻي وڄت وغيره.

پِنڊِي - دَٻڪِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

پِنڊِي/ دَٻڪِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



پِنڊِي/ دَٻڪِي هڪ اهڙِي گول ۽ تراکڙي وَٿُ آهي، جيڪا سنڌ جي رنگين سماج جي سڃاڻپ سڏجي ٿي. کجيءَ جي ڪچن ڦرهن مان ٺھندي ته به پئي چمڪندي، ڪڻڪ جي تِيلين مان جڙندي، ته به پئي ٻھڪندي، پيش مان تيار ٿيندي، ته به سھڻي ڏِکَ پئي ڏيندي. وري جو پاسن جي وَٽ سان پٽَ، ريشم يا ڪشميري جا ٽَونر لڳندا ته ويٺو ڏس!

ٽِڦِڻِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ٽِڦِڻِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ماني ۽ ٽِڪي اٿلائڻ لاءِ ڪم ايندڙ ’ٽِڦِڻي‘ سنڌ ۾ ڪافي نالن سان سڃاتي ويندي آهي، جيئن: ’ٽه- ڦَڻي‘، ’وارِڻِي‘، ’وَرڻِي‘، ’وراڻِي‘، ’ورائِڻِي‘، ’ڇيتِ‘، ’ڇيتِي‘، ’اُٿلاڻو‘، ’کُرپِي‘، ’ڪُرفِي‘، ’کرپيو‘، ’انبِي‘، ’پَلٽو‘، ’ٺپڻِي‘، ’ٽِپِڻِي‘, 'چَپَرَ'. هيءَ لوهر جي ٺھيل اهڙي وٿُ آهي، جيڪا هر گهَر جِي سونھن ۽ گهرج رهي آهي. گهر جي رنڌڻي ۾ جيڪڏهن ٽِڦِڻِي نه هوندي، ته گهر ڌَياڻيءَ کي چين نه هوندو. جيستائين لوهر جي هَٽَ تان گهرائي رکبي نه، تيستائين رڌپچاءُ وارو ڪم ئي اڌورو هوندو. هاڻي کڻي مشينن ذريعي اسٽيل يا ڪاٺ جون وَٿُون اچي ويون آهن، پوءِ به سنڌي گهرن ۾ ٽِڦڻي اوس هوندي.

ڏاٽو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڏاٽو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



’ڏاٽو‘، ’ڏانٽو‘، ’ڏانٽرو‘، ’ڏاٽُ‘، ’ڏاترو‘، ڏاٽرِي جي نالن سان پوکي راهيءَ جو هڪ هٿڻ، جيڪو گاهه لڻڻ، ڊڀُ يا سَر ڪٽڻ، لابارو ڪرڻ، ڪانا ڪٽڻ يا ٽاري وغيره ڪٽڻ لاءِ ڪم آڻي سگهبو آهي. پوک کان سواءِ هن هٿڻ کان ٻيا ڪم به ورتا ويندا آهن، جيئن: رسي ڪٽڻ، نارنگي ڪٽڻ، انب ڪٽڻ، گدرو ڪٽڻ، مطلب ته ڪاتي ڇُريءَ جو اوسيئڙو نه ڪبو، ڏاٽي مان ئي ڪم ڪڍي وٺبو. گهرن ۾ ته هڪ سنهڙي صندليءَ تي لڳل ڏاٽو پڻ آهي، جيڪو ڀاڄي ڀُتِي وغيره ڪٽڻ ۾ ڪم ايندو آهي. هن سَمي مشيني دور آهي، ليڪن پوءِ به ڏاٽا ٺھن ٿا، ٺپجن ٿا، ڏَندائجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي، ته ننڍڙن ڪمن لاءِ ڪي مشينون ڪم نه آڻبيون آهن، ان لاءِ تڪڙ ۾ ڏاٽي کان ڪم ورتو ويندو آهي. يعني هر دور ۾ هيءَ وَٿُ نيبھه رهڻي آهي.

ڏِيئو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڏِيئو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ڏِيئو، ديِپُ، ديپَڪُ (اسم تصغير)، ڏياٽُ، ڏياٽِي (اسم تصغير) وغيره نالن سان سھائو ڪندڙ وٿُون سنڌي سڀيتا جي اهڃاڻن ۾ شامل آهن. ڏِيئو ٻارڻ مان مراد ٻين لاءِ سھائو ڪرڻ- ڪو ڪارنامو سر انجام ڏيڻ- شعوري روشني ڦھلائڻ وغيره. ڏِيئي مان ڏِيئو ٻارڻ روشنيءَ جي سلسلي کي وڌائڻ وغيره. اهڙا کوڙ اصطلاح، محاورا، پھاڪا، چوڻيون ملنديون، جيڪي سماجي زندگيءَ مان اسريون آهن. اهڙا ئي سڀيتائن جا اهڃاڻ هوندا آهن، جن سان ٻولي وڌي ويجهي ٿي. سماجي علمن جھڙا مضمون به اهڙن وٿُن جا محتاج هوندا آهن. ان لاءِ اهڙن وٿُن کي ياد ڪجي، جيڪي اسان جي ٻوليءَ ۾ ته ڪم اچن ٿيون، ليڪن انهن جو سماجي ڪارج گهٽبو ٿو وڃي. شايد اهڙو به وقت اچي جو اسان جو نئون نسل پڇي ته اهو ’ڏِيئو‘ وري ڪھڙي بلا آهي! اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڏِيئو قلمبند آهي، جيئن شاهه لطيف، سر راڻي جي داستان ۾ چيو:

Wednesday, September 6, 2023

پَٽڪو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

پَٽڪو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



پَٽڪو، پَٽڪِي (اسم تصغير)، پَڳ، پَڳَڙُ، پَڳڙِي (اسم تصغير) دَستار، پاڳ، ڦينٽو، ڦينٽِي (اسم تصغير) ڦيڙهَه، عِمامو، ڀِينڊي (نرڙ ۽ مٿي تي رومال وغيره ٻڌڻ) مَٿي تي ٻڌڻ جي هڪَ وَٿ (شيءِ) جا نالا آهن. نالن ۽ ماپن آهر انهن جا نيارا روپ ۽ ٻَڌ جا طريقا ٿين ٿا. سنڌي پٽڪو گهڻو ڪري ’ململ‘ جي ڪپڙي سان، سوا پنج والن (ساڍا ڏهه هٿ) کان سوا ست وال (ساڍا چوڏهن هٿَ) تائين ٿيندو آهي، جنھن جا ٻه طُرا (پٽڪي کان ٻاهر نڪتل ڇيڙا) ٿيندا آهن، هڪ: ننڍو طُرو، جيڪو پٽڪي جي چوٽيءَ کان ڇڏبو آهي، ٻيو: وڏو طرو، جيڪو ڪنڌ کان ڦيرائي، اڳيان کاٻي پاسي دل جي مٿان رکي ڇڏبو آهي. ڪي ڪوڏيا وري پٽڪي جي مٿان ٻه طُرا رکندا آهن، يعني ڪياڙيءَ وارو وڏو طرو، پٽڪي کي ڦيرائي، مٿان طرو ڪري بيھاريندا. ٻڌڻ مھل ساڄي کان کاٻي پاسي وَرَ مٿان وَرُ ڏيئي، پٽڪي جي وَڻِي (وَر مٿان وَرُ) بيھاري، آخر ۾ کاٻي پاسي کان طُرو ڏيئي بند ڪندا. پٽڪي جي وَرن جو ڌيان رکندي، ڪپڙي جي ماپ ۾ سوائي (سوا پنج يا ست وال) ضرور رکندا ته جيئن وَرَ پورا بيھن. اهو ٻَڌندڙ جو هٿ اهڙو ته بيٺل هوندو آهي، جو جيڪڏهن ڪا گهٽ وڌائي ٿي ته چين ڦٽي ويندس.

Sunday, September 3, 2023

ڪَونرو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪَونرو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺڪر جو اهڙو ٿانءُ، جنھن ۾ پاڪائيءَ لاءِ پاڻي وجهي ڪم آڻجي، ان کي ’ڪَونرو‘ ٿو چئجي. ’ڪَونرو‘، ’ڪَرو‘، ’ڪَرِي‘، ’بَدنو‘، ’ڪُوزو‘، لوٽو‘ (Ewer) وغيره نالن سان سڃاتو ويندو آهي. دراصل هاڻي ڪَونرو هڪ ڪارب يا دُڏي جو نالو ٿي ويو آهي ۽ پَوِترائيءَ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. هونئن ڪَونري جي سڃاڻپ ٺڪر جي ٿانوَ سان آهي، جنھن جي بيھڪ، هڪ گول گهُگهِيءَ نما ٿانءَ جھڙي آهي، رڳو هڪ ڪَڙو ۽ پيٽ ۾ تُنِ (ڪَونري جو تُنرو جنھن مان پاڻي نڪري) واڌاري اٿس، ان ڪري گهُگهِي به سڏجي ٿو. هاڻي ته جست جو هجي، لوهه جو هجي يا پلاسٽڪ جو، سڀني کي ڪَونرو ٿو چئجي.

Friday, September 1, 2023

هندورو - پينگهو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

هندورو/ پينگهو

سنڌي سڀيتا جو اهم اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



هندورو، پينگهو، جهُولڻو، ڏولِي، لوڏِي، گنگُوٽِي، جهولِي، پِينگهَه وغيره لوڏي وارين وٿُن جو نالو آهي، جيڪي سنڌي سڀيتا سان سلهاڙيل رهيا آهن. هونئن هندوري يا پينگهي کي ٻين سماجن ۾ به ڏٺو ويو آهي، ليڪن سنڌي پينگهن/ هندورن جي سڃاڻپ ئي نرالي ٿئي ٿي. جڏهن وڏا گهَر هيا، جايون هوادار رکيون وينديون هيون، بجليءَ جو ڪو تصور ئي ڪونه هيو. گهر جي ڪمرن ۾ ’مَنگهه‘ (بادگير) هوندا هيا، اضافي طور جهَليون لڳل هونديون هيون، جو ڏورڻ وارو ويٺو ڏوريندو هئو. گرمين ۾ ذهني سڪون وٺڻ لاءِ ان دور ۾ هندورو يا پينگهو سنڌي ماڻهن جي هر گهر ۾ ملندو هيو. جيئن اڄڪلهه هر غريب غربي جي گهر ۾ بجليءَ جو پکو آهي، تيئن اڳي هر گهر ۾ هندورو ضرور هوندو هيو. ڪو ويچارو بد نصيب هوندو، جنھن جي گهر ۾ هندورو نه به رهيو هجي. يعني گهر ۾ هندورو ڀلي ڀاڳ جي نشاني رهي آهي. هينئر ته وڏا گهر ٽڪرا ٽڪرا ٿي پتيون ٿي ويا، هندوري کي رکڻ لاءِ ڪا جاءِ ئي ڪانه بچي ۽ وري بجلي يا سولر جي سھولت ڪارڻ اها گهرج به نه رهي، ان سببان هندورو ويو گم ٿيندو. بس ڪو شوقين هوندو ۽ ڪشادو گهر هوندس، ته وٽس گهر ۾ پينگهو به هوندو، نه ته ٿيو خير!

شاھ لطيف جي اصطلاحي شاعري - سپت لطف

شاھ لطيف جي اصطلاحي شاعري

سپت لطف



اصطلاح عربي ٻولي جو لفظ آهي. اصطلاح، لفظن جي ان ميڙ کي چئجي ٿو، جنهن جي ظاهري پڙھڻي هڪ معلوم ٿئي، پر ان جي معنيٰ ڪا ٻي نڪري، جنهن ۾ ڪا سوچ، ويچار ۽ مقصد جي ڳالھ چيل هجي.