هندورو/ پينگهو
سنڌي سڀيتا جو اهم اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
هندورو،
پينگهو، جهُولڻو، ڏولِي، لوڏِي، گنگُوٽِي، جهولِي، پِينگهَه وغيره لوڏي وارين وٿُن
جو نالو آهي، جيڪي سنڌي سڀيتا سان سلهاڙيل رهيا آهن. هونئن هندوري يا پينگهي کي ٻين
سماجن ۾ به ڏٺو ويو آهي، ليڪن سنڌي پينگهن/ هندورن جي سڃاڻپ ئي نرالي ٿئي ٿي. جڏهن
وڏا گهَر هيا، جايون هوادار رکيون وينديون هيون، بجليءَ جو ڪو تصور ئي ڪونه هيو.
گهر جي ڪمرن ۾ ’مَنگهه‘ (بادگير) هوندا هيا، اضافي طور جهَليون لڳل هونديون هيون،
جو ڏورڻ وارو ويٺو ڏوريندو هئو. گرمين ۾ ذهني سڪون وٺڻ لاءِ ان دور ۾ هندورو يا
پينگهو سنڌي ماڻهن جي هر گهر ۾ ملندو هيو. جيئن اڄڪلهه هر غريب غربي جي گهر ۾
بجليءَ جو پکو آهي، تيئن اڳي هر گهر ۾ هندورو ضرور هوندو هيو. ڪو ويچارو بد نصيب
هوندو، جنھن جي گهر ۾ هندورو نه به رهيو هجي. يعني گهر ۾ هندورو ڀلي ڀاڳ جي نشاني
رهي آهي. هينئر ته وڏا گهر ٽڪرا ٽڪرا ٿي پتيون ٿي ويا، هندوري کي رکڻ لاءِ ڪا جاءِ
ئي ڪانه بچي ۽ وري بجلي يا سولر جي سھولت ڪارڻ اها گهرج به نه رهي، ان سببان
هندورو ويو گم ٿيندو. بس ڪو شوقين هوندو ۽ ڪشادو گهر هوندس، ته وٽس گهر ۾ پينگهو
به هوندو، نه ته ٿيو خير!
هندوري
۾ لڏڻ به شاهاڻو شوق رهيو آهي. هندوري جي ڳَھَرَ (خمار) ته چڱن ڀلن کي موج مستي
بخشيندي آهي. شاهه لطيف پنھنجي بيت ۾ سُر ليلان چنيسر ۾، ليلان جي واتان هيئن
چورايو آهي:
هُيَس
هِندورِن ۾، پييم ڪانه پَرُوڙ،
مَڻِئي
سندي مامِري، ڪوجهي وِڌيَس ڪُوڙَ،
سامُهان
ٿيَم سُورَ، ويو وِلِٽِي وَلَھو.
مٿئين
بيت ۾ شاهه سائينءَ هندوري کي ’ڳھر/ خمار‘ ’موج مستي‘ ۽ ’بي پرواهي‘ جي علامت طور
پيش ڪيو آهي. يعني ’ليلان چوي ٿي ته مان هندورن جي لوڏ ۾ مست هيس، جنھن سبب مڻئي
واري معاملي منجهائي وڌو، جنھن سبب ڪانڌ چِڙي ويو ۽ سور پلئه پيا.‘
هندورو
يا پينگهو، ساڳي وَٿ جا ٻه نالا آهن، پر انهن ۾ هڪ ننڍڙو فرق ٿئي ٿو. هندوري جا سڀ
عضوا گول جنڊيءَ تي لاٿا ويندا آهن، جڏهن ته پينگهي ۾ گهڻي قدر چورسا ۽ پاون جا مٿيان
حصا گول رکيا ويندا. يعني هندوري ۾ گهوڙيءَ کان وٺي جهول تائين هر هڪ ڪُلهو، ٽَنگ،
پائو، سرائي، لوڏڻو، مُنو وغيره گول رکيا ويندا آهن. باقي سونھن سوڀيا خاطر نقش يا
گُڏيون وغيره وڌائي هڻڻ اضافي ليکيو ويندو آهي. جڏهن ته جهُولڻو يا جهُولو ڪرسيءَ
وانگر ٻن ماڻهن جي ويھڻ خاطر جوڙيو ويندو آهي. هونئن ٻوليءَ نسبت، ’جهُولو‘ پينگهي
يا پينگهه جي لوڏي يا جهُوٽي کي چيو ويندو آهي، پر هن جڳهه تي وٿُ مراد آهي. جهولو
پکين وغيره لاءِ به ٺاهيو ويندو آهي، جيئن چَتونءَ واري پِڃري جي سِري ۾ هڪ ننڍڙو
جهولو يا پينگهه رکي ويندي آهي ته جيئن چَتُون ان تي ويھي لوڏا کائِي، پنھنجو مَن
پِرڀائي سگهي. مزي جي ڳالهه ته ٻَٻر پکي (ڪوري/ درزي پکي) وڻ جي لام ۾ پنھنجو
آکيرو ڪمال جو اُڻندو آهي، جنھن جو مُنھن هيٺتي ٿئي ٿو. اهو آکيرو وڻ ۾ مٿي لوڏڻي
وانگر ٽنگيل هوندو آهي، جنھن ۾ هو لوڏا کائي پيو مزو وٺندو آهي. مطلب ته پينگهه يا جهُولي جا مزا هر قسم جو
جاندار وٺي ٿو. هِتي اها ڳالهه ڪرڻ به مناسب رهندي ته ’جهولِي‘ جيڪا مائِرُن جي ڪڇ
سان لاڳاپيل آهي، سا به لوڏي سان سڃاتي ويندي آهي. ٻارن کي سمهارڻ لاءِ جيڪا ڏولي ٻَڌي
ويندي آهي، ان کي به جهولِي چوندا آهن.
ماپن ۾
پينگها ننڍا وڏا به ٿيندا آهن. هڪ ٻار جي سمهڻ لاءِ پينگهڙو به ٿئي، ته وڏن جي لڏڻ
يا سمهڻ لاءِ پينگهو يا هندورو سڏجي، ليڪن منھنجي ڄاڻ موجب ’پينگهڙو‘ ته ٿئي ٿو،
ليڪن هندوري جو اسم تصغير (هندورڙو) نه ٻڌو آهي. پينگهَه وري ڪھڙي به قسم جي رَسي
يا زنجير وغيره کي وڻ جي ٽاريءَ ۾، ڇت جي هيٺئين حصي ۾، ڪامَ يا گارڊر ۾ ٻڌي، اڪيلو
لڏي لمي سگهجي ٿو. سرڪسن ۾ ڪرتب ڏيکارڻ وارا به پنھنجن وڏن تنبن ۾ پينگهه رکندا
آهن ۽ ڀولڙن وانگر لڏي لمي، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي لُڏي هليا ويندا آهن. باقي رهي ڏولِي،
ان جا ٻه نمونا آهن، هڪ ته اها جا پردي وارين زائفن لاءِ جهُولي طور ڪم ايندي هئي
يا ڪَجائي يا پالڪيءَ جي صورت ۾ اميراڻن ماڻهن کي چار ماڻهو ڪلهي تي، هڪ هنڌ کان ٻئي
هنڌ کڻي هلندا هئا ۽ ٻيو اهو لڄپال نمونو آهي، جيڪا غريب غربو، ننڍڙي ٻار کي سمهارڻ
لاءِ ڪنھن پوتِي، رَئي، چادر، گَندِي، چُني يا پوتِڙي وغيره کي ڪٿي به لڙڪائي ٻَڌندو
آهي، ان کي به ڏولِي چئجي. اهڙي قسم جي ڏولِيءَ کي لوڏِي جهولِي ۽ گنگُوٽِيءَ جي
نالن سان پڻ پڪاريو ويندو آهي. لفظ ڏولِيءَ کي لطيف سائينءَ هيئن ڪم آندو آهي:
اَللهَ
جي آسَ ڪري، هَليو هِيائِين،
چارَڻَ
ٻَڌا چَنگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏولِي
راءِ ڏياچَ جي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وَينَتِي
واحِدَ دَرِ، تَنھِن ويرَ ڪَيائِين،
سَٻاجها
سائِين، راءُ رِيجهائِين راڳَ سين.
هندوري
يا پينگهي لاءِ اڪثر سوال ٿيندو آهي ته اها ڪٿان جي ايجاد آهي؟ ڪنھن ان کي ان شڪل
۾ آندو؟ سنڌ ۾ ان جو رواج ڪڏهن کان پيو؟ وغيره. حقيقت اها آهي ته هن بابت ڪابه
پيرائتي ڳالهه ڪونه ٿي ملي. ڪي ان کي يوناني تھذيب سان به ڳنڍين ٿا، ڪي مصري تھذيب
سان به ملائين ٿا، ڪي وري ان کي عيسوي سن کان به ڏيڍ هزار سال اڳ جو ٻڌائين ٿا، ڪي
هندوري جا نقش ڏسي، ان کي هندو تھذيب سان به ملائين ٿا. بھرحال، اڃا تائين اهي سڀ
حوال آهن، جيستائين ڪنھن ڳالهه جو پيرو کڄي.
البت،
ايئن ضرور آهي ته جيئن انسان شروعاتي زندگي وڻن جي ويجهو رهيو ۽ ان جي ڏارن يا
لامن ۾ لڙڪي، لُڏڻ جو مزو ورتو، تيئن زندگيءَ جي سڌاري سان ان لڏڻ واري روپ کي به
سڌاريو هوندائين. هونئن به ڪا وٿُ هڪدم شڪل نه وٺندي آهي، ان لاءِ کيس مختلف مرحلن
۽ زمانن مان گذرڻو پوندو آهي. تڏهن وڃي ڪا هڪ مقرر شڪل وٺي بيھندو آهي. هندوري
لاءِ به ايئن ئي چئي سگهبو.
هندورو
يا پينگهو دراصل ڊکڻ جي ڪم جو امتحان هوندو آهي. ڊکڻ ته ڊکڻ آهي، ليڪن ڊکڻن جا به
مختلف کيتر ٿين ٿا. کٽ وارو صرف کٽ جو ئي سُگهڙ سڏبو، ڪرسي ميز وارو وري الڳ
هوندو، دَر- دريُن وارو خاص هوندو، ايئن ئي پينگهي جي عضون جي بيھڪ ۽ جڙوات جو وري
الڳ هنرمند سڏبو. سو پينگهو ۽ هندورو ٺاهڻ عام ڊکڻ جو ڪم ئي ڪونهي. يعني پينگهي ۾
پنجن ڪاريگرن: ’ماپ موجب، ڪاٺ وڍيندڙ- واڍو‘، جوڙيندڙ ’ڊکڻ‘، ’جنڊيءَ تي لائيندڙ-
وگهيو مل‘، ’لوهر‘ ۽ ’واڻائي ڪندڙ‘ ماهرن جي گهرج پيش اچي ٿي؛ ليڪن ايترو ضرور آهي
ته ڊکڻ جو ڪردار سڀني کان وزنائتو رهي ٿو. پينگهي جي واڻائي جِتي مُڃَ جي واڻ سان ٿئي،
تِتي نھوار (نَواڙ) سان به ٿيندي آهي، خاص طور پينگهي جي ٻانھيُن ۽ سيرُن واري
فريم جي!
هن وقت
جيڪڏهن هندوري کي ڏسجي ٿو ته هن جا ٻه اهم ڀاڱا آهن، هڪ: گهوڙِي، ٻيو: جهولَ يا
هنجَ. ساهتي پرڳڻي ۾ جهولَ يا هَنج کي ڏولِي يا کَٽ به چوندا آهن. گهوڙِيءَ ۾ ڪل
نَوَ ڪاٺيون پونديون آهن، اَٺ به رکندا آهن. هندوري يا پينگهي جي گهوڙيءَ ۾ ڪُلهي
جي مٿان واري ڪاٺي اضافي لڳائيندا آهن، جنھنڪري پينگهو مٿي ٿي بيھندو آهن، ان کي
’طُولي وارو پينگهو‘ چيو ويندو آهي. عام پينگهي ۾ ساڍا پنج فوٽ جون چار ٽنگون
پونديون، جڏهن ته طُولي واري پينگهي جون ٽنگون ساڍا چار فوٽ رکبيون آهن.
پينگهي
جي ڪُلهن (ٻه فوٽي ڪاٺي) ۾، ٽي سَل ڪڍبا، پاسن کان ٻه ٽيڙا، هڪ وچ تي سڌو. ٽيڙن
سَلن ۾ ٿوريون ٽيڙيل ٻن ٽنگن واريون چُوڙُون ڦاسائبيون ۽ ڪُلهي جي وچ واري سل ۾
طُولي واري ٻه فوٽي ڪاٺي وجهي، ان ۾ هڪ سل رکبو (جنھن ۾ سَرائي وجهبي)، اهو گهوڙيءَ
جو هڪ پاسو ٿيو، اهڙو ئي ٻيو جوڙبو. جڏهن گهوڙيءَ جا ٻه پاسا تيار ٿي ويندا، ته ٻنهي
حصن کي جوڙڻ لاءِ مٿين هڪ هڪ سلي طُولي وارين ڪاٺين ۾ ست فوٽِي سَرائيءَ (وڏو
داسو) واريون چُوڙون وجهبيون. سَرائيءَ جي
چُوڙ کي ٿورو وڌائي ٻاهر به ڪڍيو ويندو آهي، ته جيئن نڪتل چوڙ واري حصي ۾ ٽُنگ
رکي، ڪاٺيءَ جي ڪِيرِي (ڪِلِي) ڦاسائي، سرائيءَ کي قابو ڪيو وڃي. هاڻي پينگهي جي
گهوڙِي تيار ٿي ويئي. گهوڙيءَ جي ٽيڙين ٽنگن کي محفوظ رکڻ لاءِ وچ ۾ ڪاٺي يا چٽ نڪتل
ڪاٺي به ڦاسائبي آهي، جنھن کي ’بوريُون‘ يا ’گُڏيون‘ چئبو آهي.
هندوري
يا پينگهي جي ٻئي ڀاڱي کي جهولَ/ هنجَ/ ڏولِي چئبو آهي. جنھن ۾ چئن ڪُنڊن کان ننڍڙا
پاوا لڳندا آهن، جنھن کي ’مُنو ج مُنا‘ ٿو چئجي ۽ جهولَ جي مُنڍي کان وچ تي ٻه وڏا
پاوا، جيڪي گهوڙيءَ جي لوهي ڪَڙن ۾ لڙڪائبا آهن، تن مان هڪ کي ’لوڏِڻو‘ چئجي ٿو.
گهوڙِيءَ ۽ لوڏڻن جي وچ ۾ لوهه جا ڪَڙا ڪُنڍا لڳائبا آهن. هاڻي ته گاڏين وغيره جا
بيرنگ ڪم آڻجن ٿا، جن ۾ گاٺِ جو ڪو خاص امڪان نه رهندو آهي. پينگهي جي ڪُلهي يا
سَرائِيءَ ۾ هيٺئين پاسي کان، سونھن خاطر، گول لاٽُونءَ نما گٽڪا به وجهبا آهن، تن
کي ’لاٽمو ج لاٽما‘ چئبو آهي. هندوري يا پينگهي جي بيھڪ ۾، هنج يا جهول ۾ واڻائيءَ
وارو الڳ سان سانچو به رکيو ويندو آهي، جنھن ۾ کٽ وانگر ٻانھيُون/ اِيسُون ۽
سيرُون/ اوپريون ٿينديون آهن، جنھن کي واڻائبو آهي؛ اهو سانچو چئني ڪنڊن کان لڳل
لوهي پٽين تي بيھندو آهي. نه ته جهولَ ۾ عام طور کٽ وانگر ٻانھيون/ اِيسون يا
سيرون/ اوپريون ئي ٿينديون آهن، رڳو ان کي ٽيڪ لاءِ مٿان ٻانھيون وڌيون وينديون
آهن ته جيئن ڪو ٻار پينگهي جي جهول مان ڪِري نه پوي!
پينگهي
جو واڻُ يا نَھوار به کَٽ وانگر هلي هلي، جهولَ ڪري ويندي آهي، جنھن سبب واڏڻ کي ڇڪبو
آهي. ٻي صورت ۾ پينگهي جو جهول ڪري وڃڻ به ڀلو لڳندو آهي. عام طور کٽ جو واڻ جڏهن
جهولَ ڪري ويندو آهي، ته چوندا آهن ’کٽ ته صفا پينگهو ٿي ويئي آهي‘، يعني کٽ جي واڏڻ
کي ڇڪڻ گهرجي.
لوڪ
گيت لولِي/ لورِي، جيڪا ماءُ ٻارن کي ڏيندي هئي، ان جو تصور به پينگهي يا هندوري
سان ئي سلهاڙيل آهي. مائرون، ٻارن کي سمهارڻ لاءِ لوڏو به ڏينديون ۽ لولِيءَ جو
گيت به ڳائينديون، يا لوڏي لوڏي جي لَئي تي ’الله هو- الله هو‘ يا ڪلمو وغيره ٻولينديون.
مطلب ته هر مذهب جي ماءُ پنھنجي پالڻھار کي ياد ڪندي ۽ ٻار جي ڌيان ۾ هڪ لَئي کي
به اوتيندي. مون اهو رنگ پنھنجي امڙ ۽ گهرَ واريءَ جو ڏٺو. ڪڏهن ڪڏهن ته ماءُ ڪڇ ۾
ئي لوڏا ڏيئي، ٻار کي لولي ڏيندي آهي.
پينگهو
۽ هندورو، سنڌي سڀيتا جي اهڙي مَن پسند وَٿُ آهي، جو لطيف سائينءَ، پنھنجي شاعريءَ
۾ ٻنهي جو ذڪر ڪيو آهي:
هُوءِ
جي سُورَ سُڄَنِ، سي مون پينگهي ۾ پرائِيا،
سانڍيياسِ
سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرِتيُون.
---
هيٺِ
جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻراهِه،
اچي وَڃي
وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ،
لَڳي
اُتَرَ واءُ، ڪِينجهُرُ هِندورو ٿِئي. (سر ڪاموڏ)
اسان
جي گهر ۾ هندورو به هيو ته پينگهو به! هندورو چاچا محمد جمن جو هيو، جنھن تي چاچي
سَچُلَ کي لڏندي ڏسندا هياسين. باقي جنھن پينگهي ۾ بابا سائين تمام گهڻو لڏندو
هيو، تنھن جي مون کي يادگيري ناهي. امڙ ٻڌائيندي هئي ته ’پڻهين پينگهي جو وڏو ڪوڏيو
هيو، ڪنھن کي وارو ئي نه ڏيندو هيو. اسان جي پڦي به ايئن ٻڌائيندي هئي. ٻڌائينديون
هيون ته جڏهن به گهر ۾ ايندو، ته ساهي پٽي، اچي پينگهي ۾ ويھبو، پوءِ اهو خيال نه ڪبو
ته ڪو ويھي ٿو يا نه، بس جهُوٽ جهوٽان هوندي هيس. جيئن به ويھبو، پينگهي جي اوٽ موٽ
تيز هوندي. ڪنھن مھل پير لڙڪائي ويھبو، ته ڪنھن ويري پينگهي جي وچ ۾ پَلٿي هڻي
ويھبو. جيڪڏهن پير لڙڪيل هوندا ته پيرن جي اَڙيءَ سان پينگهي کي پوئتي اڇَلَ ڏبي،
جيڪڏهن ويٺو رهيو ته پينگهي جي لوڏ کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ پاڻ سڄو جهُڪي وري سڌو ٿي وڃبو.
هلندڙ پينگهي ۾ ٻيو ڪير ويھي! جيڪو ٻار ويٺو ته هلندڙ پينگهي ۾ سُڪ ٿي ويو. بابا
سائينءَ جو اهو شوق مون ڪچڙيءَ ننڍپڻ ۾ محسوس ڪريان ٿو، پر پڪي سانڀر ناهي. اهي امڙ
۽ پڦِيءَ جون ڳالهيون آهن. مان جڏهن وڏڙو ٿيس ته بابا کي رڳو لکندي ۽ خاموشيءَ سان
ويھندي ڏٺو. سچ ته مون پنھنجي سانڀر ۾ بابا کي پينگهي ۾ ويھندي ڪونه ڏٺو. شايد گهر
ڀاتين جي وڌي وڃڻ ڪري، يا ڪو ٻيو سبب هوندو. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته اُهو پينگهو
به هيو، جنھن ۾ بابا لڏندو هيو، جيڪو مون نه ڏٺو يا وري ساڳيو چاچي جمن وارو هيو،
يا وري اصل ڏاڏا سائينءَ جو ورتل هجي!
اسان
جي پڦي الهه بچائي، بابا سائينءَ کان ٽيھه سال وڏي هجڻ سبب کيس پاليو به هيائين، ڇاڪاڻ
ته ڏاڏو ۽ ڏاڏِي تڏهن ڌڻيءَ کي پرتا، جڏهن بابا اڃا کٽ کي وٺي، مَس هلندو هيو. اها
پُڦي، ڪچھريون ڪندي هئي، پراڻي جُڳ جون ڳالهيون ڏسيندي هئي، آکاڻيون ٻڌائيندي هئي.
تنھن هڪ مزيدار ڳالهه پئي ٻڌائي ته ’پينگهي ۾ گوڏا ڀڃي، سڌي سُتي پئي هيم، گهِلَ
سبب اکيون پوريل هيون، هڪ گوڏي جي لوڏي تي پينگهو پئي گِڙيو. اُتي هڪ مائي آئي، ڪو
ٻيو گهر ۾ موجود هيو ڪونه، سو هيڏانھن هوڏانھن نھاري هلي ويئي. وڃي هڪ ٻي مائيءَ
کي ٻڌايائين ته ادي بچي صفا ننڊ ۾ ستي پيئي هئي ۽ پينگهو پاڻهي پيو هلي، خبر ناهي
ته گهر ۾ ڪي جِنَ اٿن، الائي ڪو جادو اٿن، جو پينگهو پاڻهي پيو چري پُري.‘ سو ٻڌائڻ
جو مقصد ته پينگهي کي هلائڻ يا چورڻ به هڪ فن ٿي ويندو آهي. اهو فن ايئن بڻجي
ويندو، جيئن ٽائپنگ ڪندڙ جون آڱريون ڳالهائينديون آهن ته درست اکر تي آڱر جي نوڪ لڳي
يا غلط! سو پينگهي جي لوڏڻ جو ڀيرُ به ايئن ٿي ويندو آهي، جو ماڻهو ته ستو پيو
هوندو، ليڪن ننڊ ۾ به گوڏو پيو لوڏ کائيندو ۽ پينگهو پيو چُرندو. نويل ماڻهو ته ان
کي لوڏڻ ۾ ئي وائڙو ٿي ويندو ته پينگهي کي لوڏي ۾ ڪيئن رکجي!
مون کي
وڏي گهر ۾ چاچي محمد جمن جو هندورو ياد آهي. هيو ڪارو ڪِٺُ، پوءِ خبر ناهي ته ساڳوان
جي ڪاٺيءَ جو هيو يا ٽالهيءَ جو! پوءِ ٿيندو ايئن آهي ته گڏيل گهر ۾ مايون هڪٻئي
کي ڍِيڪ ڏيئي وٺنديون آهن. امڙ پَھُه ڪيو ته ڪو نئون پينگهو ٺھرائجي، جنھن تي صرف
سندس حاڪمي هجي. ڪنڊياري ۾ هڪ ڊکڻ هيو، جيڪو پينگهن ٺاهڻ ۾ مشھور هيو، اهڙي صلاح
اتان جي مامي ارباب جوکيي امڙ کي ڏني. تڏهن پنج سؤ ۾ ٽالهيءَ جو ڀلو پينگهو ٺھندو
هيو. پندرهن ڏينھن بعد، مامي ارباب، اهو پينگهو لاريءَ جي مٿان رکرائي کڻي آيو.
لاهيندي، ان جي هڪ پاسي کي چَٻ اچي ويئي. نيٺ، هڪ ڊکڻ کان مرمت ڪرائي، روان ڪيو
ويو. پينگهي کي کٽ وانگر ئي واڻايو ويو. نئون پينگهو ۽ نوان مزا! گهر جو ورانڊو ڪافي
ڪشادو يعني مُنڍو (ويڪر) 12 فٽ ۽ لامَ (ڊيگهه) چاليھه فوٽ هيس. امڙ اهو پينگهو، ان
ورانڊي جي هڪ پاسي ۾ رکرائي ڇڏيو. هاڻي گهر ۾ ٻه پينگها ٿيا، هڪ چاچي محمد جمن جو،
هڪ اسان وارو. چاچي وارن به پنھنجو پينگهو ڪنھن کي ڀڳڙن مٺ تي ڏيئي ڇڏيو.
پينگهي
جي لوڏ جو گهڻو زور، لوهي ڪَڙن تي رهندو آهي. ان ۾ هڪ ڳالهه ٿيندي هئي ته هلندي
هلندي، لوهي ڪَڙا گسندا هيا، پوءِ ويلڊنگ واري دڪان تي کڻي وڃي، اهي گسيل پاسا سڌا
ڪرائبا هئا. ڪو ورلي نوان ڪڙا ڪنڍا وٺي وجهي ڇڏبا هيا ته ڇماهي نڪري ويندي هئي.
اهو اسان وارو پينگهو اونهاري سياري ساڳي رفتار سان پيو هلندو هيو. اوڙي پاڙي جون
مايون دايون به اچي ويھنديون هيون، خاص طور اسان جون ماساتيون روزانو اچي، پينگهي
۾ لڏنديون هيون. منھنجي گهر واري به ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ لڏندي هئي. هاڻي ته پينگهو به
هڪڙو ٿي ويو، پوءِ ته هرهڪ کي پنھنجي واري جو اوسيئڙو! پينگهي کي جيئن تيزي ڏياربي،
تيئن پينگهو لڏندو هيو، پر گهڻي تيزيءَ جي صورت ۾ ڪو هڪ اڌ پائو ضرور کڄندو هيو،
پوءِ امڙ تاڪيد ڪندي هئي ته ان کي ايڏو ڇوهو (تيز) نه هلايو.
پوءِ ٿيو
ايئن، جو پنھنجن جي غير سنجيده رويَن، بي واهو ڪري ڇڏيو. گهرو شين جي سنڀال وائڙي ٿي
ويئي، اهو پينگهو به پراڻو ٿي ويو ۽ گهر ۾ پوڙهي ماڻهوءَ وانگر بارُ ٿيڻ لڳو. ڪنھن
مائيءَ کي ڏيئي ڇڏيَن ۽ مان چُپ جو اچرج کائيندو رهيس. واقعي، ڏينھن هڪجھڙا ڪونه ٿا
رهن؛ جنھن گهر ۾ ٻه پينگها هيا، اتي هڪ به نه رهيو. هاءِ هاءِ!
جڏهن
مھراڻ ڄائو ته سالَ کن کان پوءِ کيس ڏولِيءَ ۾ سمهارڻ شروع ڪيوسين. ڏولي عارضي
طور، ڪنھن به ڏاڍي رَئي يا سگهِي چادر جي پلوَن سان، ٻه پلوَ کٽ جي ٻانھينءَ/ ايسَ
جي هڪ پاسي کان ۽ ٻه پلوَ ساڳي ٻانھينءَ جي واڏڻ واري پاسي کان ٻڌبي هئي. ٻار کي ڏوليءَ
جو لوڏو اهڙو مزو ڏيندو، جو چَئِي کڻي بس ڪر! مھراڻ کي سمهاري لوڏو پيو ڏبو هيو،
ماڻهس کٽ تي ويھي، پير لڙڪائي، هڪ پير سان لوڏو به ڏيندي هيس، ’الله هُو- الله
هُو‘ جو وِرد پئي ڪندي هئي ۽ سُئيءَ تي ٽُڪ جو ڪم وغيره به ڪندي هئي. چارئي ٻار
ايئن ڏولِيءَ جي لوڏي تي پلجي وڏا ٿيا. مون کي ڪڏهن ڪڏهن مشڪري سُجهندي هئي ته هيٺ
منھن لڙڪائي ڏوليءَ ۾ اندر منھن وجهي، ڏند ٽيڙي ’هائِي- هائِي‘ ڪري وٺندو هُيومانِ
۽ ٻارَ کِلي پوندا هيا. مون کي خيال ٿيندو هيو، ته ٻار ان ڏوليءَ ۾ ڪرونڊڙا ستا
پيا آهن، هتي ته ڄڻ ٻنڌڻن وانگر ٻڌا پيا آهن، ضرور ڏکيا هوندا، پر نه سائين، ٻار
خوش! يعني ڏولِي به پينگهي يا هندوري جو غريباڻو نعم البدل آهي. ڏوليءَ جا قسم ته
گهڻيئي آهن، ليڪن رَئي يا چادر جي ڏولِي ائين ڪٿي به لڙڪائي ٻڌي سگهجي ٿي. ڪٿي ڳوٺن
۾ وڻن جي هيٺين ٽارين ۾ به ٻڌل ڏٺيون آهن ۽ ٻار ستا پيا آهن، ايئن جيئن ماءُ جي پيٽ
۾ سکيا هجن! ڪٿي ته ٻن فوٽن جي ٻن ڪاٺين ۾ ٻه ٻه پلوَ ٻڌي، مٿي ڇت سان به ٻڌل ڏٺم،
سي وري ڄڻ ٻَڌيون ئي پيون هونديون آهن.
پينگهڙو
ڪاٺ کان سواءِ لوهي به ٺاهرائبا آهن، جن ۾ ٻارن کي لوڏبو آهي، ان کي عام طور جهولو
ٿا چوَن. تنھن کان سواءِ سنڌ جي روايت ۾ اها ڳالهه به شامل رهي آهي ته ’قرآن پاڪ‘
لاءِ به ننڍڙا پينگها ٺھرايا ويندا آهن، جن کي لوڏو ڏيئي، سرهائي محسوس ڪئي ويندي
آهي. تنھن کان سواءِ ڪنھن پاپي يا آزاريندڙ ماڻهوءَ جي خلاف الله جي درٻار ۾ داد
رسيءَ لاءِ قرآن پاڪ پڻ جهولي، پينگهڙي يا ڏوليءَ ۾ لوڏيا ويندا آهن.
بھرحال،
پينگهي جو شان نرالو آهي، اڄ سوڌو اها آس اٿم، ته الله سائين وري ڪو وڏو گهر ڏيئي
۽ پينگهي رکڻ جي سگهه به عطا ڪري. ايئن ٿي به سگهي ٿو، پر ماڻهن پنھنجي سک لاءِ
جهنجهٽ وڌائي ڇڏيا آهن، ان لاءِ پينگهي يا هندوري ڏانھن توجه ئي ڪونه ٿو ٿئي.
اصطلاحي
طور، سنڌي ٻوليءَ جي گفتن ۾ ورجيسون ۽ پھاڪا وغيره، پينگهي يا ان سان منسلڪ مختلف
لفظن جو استعمال ضرور ٿئي ٿو، جيئن:
• اصطلاح/ ورجيسون
• پالڪيُن ۾
پالڻ"
(دادلو
ڪري پالڻ- حد کان وڌيڪ خيال رکڻ)
• هندوري
واري لوڏ هجڻ؛
(ڪنھن
نخريلي جو ناز ڀريو هلڻ)
• ڏولِي وٺڻ؛
(گهوٽيتن
جو ڪنواريتن وڃي، ڪنوار کي وٺي اچڻ)
• پھاڪا ۽ چوڻيون
• ڪُپتيو پٽُ، پينگهي ۾ پڌرو.
(ڪوڙو
ماڻهو، ڌُرئون ئي وائکو هوندو آهي)
• سدورو ٻار
پينگهي ۾ پڌرو، سمهار سنئون ته اُٿي اونڌو.
(صحتمند
ٻار، منڍ ۾ سيني تي زور ڏيئي، ڪَرُ کڻندو آهي)
• ٻار کي
پينگهي ۾ سمهاري، شھر ۾ نه ڳولهجي.
(هر
پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي)
• ٻليءَ کي، ڏوليءَ
اڳيان ڪھڻ گهرجي.
(آڳاٽي
رسم، جنھن تحت گهوٽ، ڪنوار کي هميشه لاءِ ڊپ ۾ رکڻ واسطي، سندس ڏوليءَ اڳيان، ٻليءَ
کي ڪھندو هو.)
• پينگهي کان
قبر تائين علم سکندو رهجي.
(ڄمڻ
کان مرڻ تائين علم حاصل ڪندو رهجي.
۲. علم سکڻ لاءِ عمر جي حد مقرر ناھي.)
• سڀاڳا پٽ
پينگهن ۾ پڌرا، تِنجي مَکي رک، اونڌي جا اونڌا.
• سڪيلڌن
سور، پينگهي ۾ پرايا.
(سڪيلڌي
ماڻهو کي ڄمڻ سان ئي ڏک پلئه پيا)
• هندوري جي
لوڏي سان، ڇا سونھندي کٽ.
(هندوري
جي لوڏ، کٽ واري آرام کان ڀلي آهي)
• لاڏلو ٻار،
سدائين ھندورن ۾.
(لاڏ ڪوڏ
سان پليل کي سکيو رکبو آهي)
• نه ڏولي،
نه ڪنوار؛ بيبي ويٺي آھي تيار.
(مسيت ٺھي
ناهي، اڳيئي مُلن جو زور)
(هن مضمون ۾ پينگهي جي حصن بابت ’پپن ميمڻ- هالا‘ واري جي رهنمائي رهي، جيڪو پينگهن ٺاهڻ جو ڪاريگر آهي. لکڻ کان پوءِ، ٻوليءَ جي اصطلاحن ۽ پھاڪن وغيره ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جو ڀرپور سھڪار رهيو. مان ٻنهي جو ٿورائتو)
Thank you for sharing this
ReplyDeleteماشاءالله بھترين
ReplyDelete