Sunday, September 3, 2023

ڪَونرو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪَونرو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



سنڌي ٻوليءَ ۾ ٺڪر جو اهڙو ٿانءُ، جنھن ۾ پاڪائيءَ لاءِ پاڻي وجهي ڪم آڻجي، ان کي ’ڪَونرو‘ ٿو چئجي. ’ڪَونرو‘، ’ڪَرو‘، ’ڪَرِي‘، ’بَدنو‘، ’ڪُوزو‘، لوٽو‘ (Ewer) وغيره نالن سان سڃاتو ويندو آهي. دراصل هاڻي ڪَونرو هڪ ڪارب يا دُڏي جو نالو ٿي ويو آهي ۽ پَوِترائيءَ لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. هونئن ڪَونري جي سڃاڻپ ٺڪر جي ٿانوَ سان آهي، جنھن جي بيھڪ، هڪ گول گهُگهِيءَ نما ٿانءَ جھڙي آهي، رڳو هڪ ڪَڙو ۽ پيٽ ۾ تُنِ (ڪَونري جو تُنرو جنھن مان پاڻي نڪري) واڌاري اٿس، ان ڪري گهُگهِي به سڏجي ٿو. هاڻي ته جست جو هجي، لوهه جو هجي يا پلاسٽڪ جو، سڀني کي ڪَونرو ٿو چئجي.



ڌات جو اهڙو ٿانءُ جنھن جي پاسي ۾ مُڙيل نلي/ تُنِرو هجي، ان لاءِ اسان عام طور لفظ ’بدنو‘ ئي ڪم آندو آهي. هندي/ اردو ٻوليءَ ۾ ’لوٽو‘ ڪوٺيندا آهن. پَوِترائيءَ لاءِ انهيءَ لوٽي کي ڪي وري مٿان ڍَڪڻي به ڪَڙي سان ڦاسائي رکندا آهن. سنڌي سماج ۾ لوٽو، ڌاتوءَ جي اهڙي وٿُ (شيءِ) کي ٿو چئجي، جنھن کي پاسي ۾ تنرو يا هَٿيو نه هجي، بلڪ نِلو گول هجي، ان مٿان الڳ سان ساڳئي ڌات يا ٺڪر جي ڍَڪڻي رکي ڇڏبي. ان ۾ گيھُه ٿيو، لسيءَ لپَ ٿي، پاڻي ٿيو، مطلب ته ڪابه کاڌي پيتي جي شيءِ رکي سگهجي. لوٽي جو اسم تصغير ’لوٽِي‘ به ٿيندي آهي، جيڪا ڌات ۽ ٺڪر جي صورت ۾، کاڌي پيتي جي شين لاءِ ڪم ايندي آهي. ان کان سواءِ ’نار/ هُرلي‘ جي ڍينگي تي ڦرندڙ مالھ ۾ ٺڪر جي ’لوٽي‘ به هوندي آهي، جنھن کي ڪِنگري پڻ چئجي ٿو، شاهه لطيف اهو لفظ هيئن ڪم آندو آهي:

تَري ڀَڳي ڪِنگري، ٺلها ڦيرا ڏئي،

نه آڻي نه نئي، ته به سلهاڙي وتي سڄڻين.

يعني ’ڪونري‘ واري ڪارج لاءِ اسان لوٽو/ لوٽِي ڪم نه آڻيندا آهيون. بَدني کي لوٽو، يا لوٽي کي بَدنو به گهڻي قدر نه چوندا آهيون. اسان جا وڏڙا جيڪي ٺِڪر جي ڪَونري تي هريَل رهيا، سي وري بدني کي ڪَونرو به ڪوٺي وٺندا آهن. يعني سنڌي ٻوليءَ ۾ ’گلاس‘ (شيشي، جست، ٽامي، پتل، پلاسٽڪ وغيره) وانگر ’ڪَونرو‘ به هڪ ڪارب ۽ ڪارج جو نالو ٿي ويو آهي. هاڻي اسان به ڪڏهن ڪڏهن مختلف ڌاتن مان ٺھيل ’بَدني‘ کي ’ڪَونرو‘ چئي وٺندا آهيون.

جڏهن اسان جا هندستاني ڀائر، سنڌ ۾ آيا ته جيڪي وَٿُون ساڻ کڻي آيا، انهن ۾ ڏينھن رات ڪم ايندڙ ’لوٽو‘ وڏي سنڀال سان کڻي آيا، سي گهڻي قدر ٽامي جا، ڪُٽ جا، جِستِي يا لوهي هئا. سنڌ جي عام ماڻهن وٽ ٺِڪر جو ڪَونرو هوندو هيو. جڏهن ٻنهي سماجن جي انهن وَٿُن، پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي ته ٺڪر جي ٺھيل ڪَونري کڻي ماٺ ڪئي ۽ ڌات جي لوٽي سرسي حاصل ڪري ورتي. ان کان پوءِ ٺڪر جو ڪَونرو ويو پنھنجا ڪَن لڪائيندو. نيٺ هاڻي ڳولهيو ڪونه ٿو لڀي. پوءِ ٿيو ايئن جو ڪَونري وري ڪيو ڳوٺن ڏانھن مُنھُن! هاڻي ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪي بزرگ وڃي بچيا آهن، جن جي وري ڪَونري سان اهڙي ياري آهي، جو مرڻ گهڙيءَ تائين هڪٻئي کي ڪونه ڇڏيندا. خاص طور ڳوٺاڻين اوطاقن ۾، مسيتن ۾، درگاهن ۾ اهي ڪونرا موجود آهن.

ماڻهوءَ جي سڀيتا ۾ پٿر جا هٿَڻ ۽ ٿانوَ بنيادي رهيا آهن، ليڪن اهي گهڙڻ ۽ ٺاهڻ ايترا سَولا ناهن. ان سبب ٻِي وکَ مِٽيءَ جي رَڇَ ڏانھن وڌائي ويئي، اهو ان لاءِ ته مٽيءَ جا رَڇ ٺاهڻ ۾ ماڻهوءَ جو وس هليو ٿي، جيئن گهري تيئن مِٽيءَ کي موڙَ ڏيئي، رَڇَ تيار ڪري سگهي. ان لاءِ ماڻهوءَ جي سڀيتا ۾ ٺڪر جا ٿانوَ مکيارِي ۽ وڻَت وارا رهيا آهن.

ٿانوَن جي گهاڙيٽي جي لحاظ کان سنڌ جي طبعي ڀاڱن جي مِٽيءَ سبب ۽ ڪنڀرن جي مختلف هٿن سبب، ٿانوَن جي جوڙجڪ ۾ ٿورا سنڌا رهيا آهن؛ پر ڪَونري جي بيھڪ جيئن اتر سنڌ ۾ هوندي، اهڙي ئي وچولي ۽ لاڙ جي هوندي. ساڳيو گهُگهِيءَ وانگر سوڙهو ۽ اڀو ٻُوٿ، پاسي ۾ ساڳيو ڪَڙو ۽ ساڳي تُنِ! ان ڪَونري جي بيھڪ ان ڪري به ياد آهي ته ننڍپڻ ۾ هڪٻئي کي هڪ ’ڌمڪي پرولي‘ ڏيندا هياسين ته ’ٻه ٽُنگڙا هڪ ڪَڙو، جيڪو نه ڀَڄي، تَنھن جو ٻُوٿ دَڙو‘. ان موقعي تي هڪ ٻي بيتي پرولي پڻ ياد آئي آهي ته ’جُونءَ کي نماز پڙهائي ڏي’، ڀڄڻي: ٽِيٽِيھر کي ٽي ٽنگون، هڪڙي کڻي ويُس بازُ، ڪَونرو رکي ڪرڙ تي جونءَ پڙهي نماز.‘ يعني اسان جي تفريح وارين سرگرمين ۾ به ’ڪَونرو‘ ضرور ياد ڪيو ويندو آهي.



دنيا جي قديم آثارن ۾ ٺڪر جي ٿانون کي وڏي اهميت مليل آهي. پراڻين تھذيبن مان جيڪي به وَٿُون مليون آهن، انهن ۾ چند پٿرن ۽ ڌاتن جي، باقي گهڻائي ٺڪر جي وٿُن جي آهي. مھين جي دڙي، آمريءَ جي دڙي يا ڪاهوءَ جي دڙي وغيره کي جاچي ڏسبو ته پڪل مِٽيءَ جون وٿُون ضرور ملنديون. ڪوهستان ۾ رتن ناٿ جي مڙهيءَ جي کوٽائيءَ مان ٻُڌمت دور جو هڪ ڪَونرو مليو آهي، جنھن جو مٿو ۽ تُنِ ڌڪيل آهي، ليڪن ان جي شڪل هوبھو اڄ واري ڪونري جھڙي آهي. هيءَ اهڙي وَٿُ آهي، جنھن جي ماڻهوءَ جي روزاني زندگيءَ سان گھري ويجهڙائپ رهندي آئي آهي. امير هجي غريب هجي، پوڙهو هجي، جوان هجي، زائفان هجي، ٻار هجي، سڀني جي گهرج آهي.

ڪنڀر جيڪي به مٽِيءَ جا ٿانوَ ٺاهيندو آهي، ان ۾ ڏکيي ۾ ڏکيو ۽ گِھِلَ وارو ڪم ڪَونرو بيھارڻ آهي. جتي ٻيا مٽيءَ جا ٿانوَ آسانيءَ سان ٺھندا اتي ڪَونرو آسانيءَ سان نه ٺھندو. بناوت ۾ گهُگهِي بيھارڻ بيشڪ ڏکي آهي، ليڪن ڪَونرو ان کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ سنهو ڪم آهي؛ ڇاڪاڻ ته هن جي منھن بيھارڻ سان گڏوگڏ، الڳ سان ڪَڙو ۽ تُنِ بيھارڻ ۾ هٿ جي صفائي ٿي گهرجي.

هن ٿانوَ جو هيٺان ويھڪ وارو گهيرو ويٺوڙو ٿئي ٿو، وچ تي گول پيٽُ ۽ پيٽ کان تُنِ، جنھن مان مناسب پاڻي نڪري سگهي. مٿي ڪَني سان سنهو ٻوٿُ، جنھن مان رڳو نلڪي جي گيڙي وارو پاڻي وڃي سگهي ۽ هن وَٿُ جي استعمال سان پاڻيءَ جو گهڻو زيان به ٿو ٿئي. هروڀرو ڪتو ٻلو به هن ۾ ٻوٿ ڪونه وجهي سگهندو، جنھن سبب پيَلُ پاڻي اُجرو رهي ٿو. گرمين ۾ رکيَلُ پاڻي هروڀرو گرم نه ٿيندو ۽ سردي ۾ به ڪم ڪڍڻ جوڳو هوندو. مطلب ته ڪَونري جي گرمي پَد پٽاندر پاڻي وچٿرو رهي ٿو.

ڳوٺن جي مسجدن ۾ اڪثر موجود هوندا هئا ۽ هاڻي به آهن، ان لاءِ ته پاڻيءَ جي سھولت نه هوندي به هن ۾ پيَلُ پاڻي وضُو سارڻ لاءِ مناسب هوندو آهي. اڄڪلهه جيڪو هٿ آيو، سو گهر کڻي وڃڻ جو رواج عام آهي ته ٺڪر جو ڪَونرو ڪير به کڻي نه ويندو. رهندو جيڪو گهر کڻي ويندو، ته گهر وارا ئي بڇڙو ڪندَس.

مسجدن جي حوالي سان ’هاشمي ڪوزا‘ هڪ خاص تاريخي حوالي ڏانھن اشارو ڪري پيو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کي شيخ الاسلام (قاضي القضاة) مقرر ڪيو. مخدوم صاحب هڪ شرعي تحريڪ هلائي ۽ ان تي ايترو ته زور ڏياريو جو وضو ۽ غسل لاءِ شرعي مقدار تي پاڻيءَ جي استعمال جو حڪم ڏنائين ۽ پوري وزن جا ڪوزا ٺھرايائين، جن کي ان دور ۾ ’هاشمي ڪوزا‘ ڪوٺيو ويو. اهڙي پائبندي ڪجهه وقت ته بھتر هلي، پر پوءِ ڪن حلقن کي ڳالهه نه وڻي. ٻڌيون ڳالهيون ته بدين پاسي هڪڙن ماڻهن ’هاشمي ڪوزا‘ جي ضد ۾ هڪڙا وڏا ڪوزا/ ڪونرا ٺھرايا، جن لاءِ طنز طور لازمي ڪيو ته ان ڪوزي کان وڌيڪ يا گهٽ ڪوبه پاڻي ڪم نه آڻي. بھرحال، اهڙا تاريخي واقعا به ٿين ٿا.

اسان جو شھر محرابپور جڏهن اڃا وڌيو ويجهيو ڪونه هيو ته اسان جي پاڙي ۾ زوار ٽُوهه ۽ ان جي گهر واري ماسي راڄُل مٽيءَ جا ٿانوَ ٺاهڻ جا ڪاريگر هئا. امڙ زيب ۽ ماسي راڄل جي پاڻ ۾ گهڻي سِڪَ هوندي هئي. ماسي راڄُل مٽيءَ جا ٿانوَ (دلو، ڍَڪڻِي، پارو، ٽڀو، اکري وغيره) ۽ رانديڪا (جنڊ، اکري، اُٺ وغيره) کڻي ايندي هئي، ليڪن ڪَونرو ڪڏهن گهر ۾ نه ڏٺو. البت، ماسي راڄل جي گهر اهي سڀ ٿانوَ ڏسندا هياسين. اهو چَڪُ به ڏٺو جيڪو ماسي پاڻ ڪاهيندي هئي. جيتري قدر مون کي ياد ٿو پوي ته ڪَونري کي ٺاهڻ ٺاهڻ ۾ چار ڀيرا ڪم ڪرڻو پوندو هئَس. پھرين ته ڪَونري جي ڳچيءَ سواءِ، گولائي بيھاري، ان جو ننڍو منھن رکندي هئي، ان کي ٿورو سُڪڻ ڏيندي هئي. بعد ۾ ان جي ڳڄيءَ جو حصو الڳ سان چَڪ تي ٺاهي، ڪَونري جي پيٽ مٿان منھن تي رکندي هئي ۽ ان کي آلي هٿ سان ڦيرا ڏيئي سوگهو ڪندي هئي. جڏهن گهُگهِيءَ نما جڙي تيار ٿي ويندو هيو ته چڪ تان لاهي، ڌاريو ڪَڙو ۽ پيٽ ۾ ٽُنگ ڪڍي، تُنِ لڳائيندي هئي ۽ هٿ سان مھٽا پڻ ڏيندي هئي ته جيئن ڌاريو نه لڳي. اهو سڄو ڪجهه اهڙي ته ڌيان سان ٺاهيندي هئي جو ڪٿان به ڪو جهول نظر نه ايندو. سُڪڻ بعد جڏهن آوِيءَ ۾ پچائڻ لاءِ پوندو هئو ته ان تَوَ تي لڳندو هئو ته ڪجهه وائڙو ٿي ويو آهي.

هاڻي ٿو پتو پوي ته ڪنڀر، تيار مِٽيءَ مان ڪَونري کي ڇَھن وارَن ۾ تيار ڪندو آهي. پھرئين واري، چَڪ تي تراکڙي گول چڪري بيھاريندو، جنھن کي ’مَنجِي‘ ٿو چئي. ان کي ٿورو سُڪائيندو. ٻئين واري ان جي مٿان ٻي مِٽي رکي، مٿي اڌ تائين گولائي بيھاري، وري ان کي سڪائيندو، جنھن کي ’ڍڪِڻي‘ ٿو چئي. ڍَڪڻي ڦٽري ٿيڻ بعد، ٽئين واري، ٻي مٽيءَ سان ان جي رهيَل مٿِين اڌ گولائي چڪ تي بيھاريندو، جنھن کي ’ڪالر‘ ٿو چئي ۽ ان جو مُنھن پڻ رکندو. ان کي وري سوڪھڙو ڏيندو. چوٿين واري، ان جي مٿان الڳ سان چڪ تان ڪونري جي مُنڍي بيھاري، منھن مٿان رکندو، جنھن کي ’دُون‘ ٿو چئي. پجين واري، هٿ تي، الڳ سان ڪَڙو ۽ تُنِ ٺاهي، ڪَونري سان ملائيندو ۽ چڪَ تي رَهيَل مٽيءَ سان چنبڙائيندو. چون ٿا ته چَڪ واري مِٽي، سيمينٽ جھڙي ڏاڍي ٿيندي آهي. ڇھين واري وڃي، پچڻ لاءِ آوِيءَ ۾ وجهندس. حقي يا چلمَ جو ’ڍڍرُ‘ (هيٺيون حصو، جنھن ۾ پاڻي پوي) به ساڳئي ڪونري وارن مرحلن مان گذرندو آهي.

بھرحال، ڪنڀر جي ايڏي محنت کان پوءِ به ڳنھندڙ ايئن ڪونه وٺندو، ضرور ان جا آسا پاسا ڏسندو، ڏوڏين جا ٺونگا هڻي ڏسندو، ته متان ڪٿان ڪو ڏار هجيس يا ڍانڍو هجي. تڏهن وڃي اهو ڪَونرو اگهامبو ۽ ڪم آڻڻ کان اڳ، وڃي پاڻي ۾ اُمائبُس. باقي پوءِ اهڙي لنئون لائبس جو وڃي ٿين ست خير!

ڪنڀر جي هٿن جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي، قدرت واري کيس ڏات ۽ ڏانءُ ڏنو آهي. لطيف سائينءَ ته کيس خلقڻھار جي روپ ۾ ڏٺو آهي:

پَڪو آن ته ڀَو ڪَر، ڪَنبج ڀَئي ڪنڀارَ،

متان ٻِيھارَ، ڪُٽي هڻئي ڪَٽُ ۾.

(اي پڪا ٿانوَ، تون پچي راس ته ٿي ويو آهين، پر پوءِ به ان ڪنڀار کان ڊڄ، جنھن توکي ٺاهيو آهي. ايئن نه ٿئي جو وري توکي ڪُٽي ڀور (ڪَٽُ) ڪري، اهڙي مٽِيءَ ۾ ملائي، جنھن مان باهه تي پچندڙ ٿانوَ ٺھن ۽ تون ٻارهو ئي باهه تي پيو سڙين.)

۲۰۱۷ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي آرٽ سينٽر ۾ استاد هرجي لال سان ڪچھري ڪرڻ ويم. پاڻ ٻه هڪڙيون وٿُون اهڙيون ته ڏيکاريائين، جو اڳ مون ڪڏهن ڪونه ڏٺيون. هڪ: جنڊيءَ لٿل کٽ جو پائو، جنھن جي مُنڍِيءَ ۾، زيور وغيره رکڻ لاءِ داٻلو گهڙيل آهي، ٻيو: ڪونرو، جنھن جي هيٺان ٽنگ آهي. ان ڪونري ۾ پاڻي به وجهي ڏيکاريائين ۽ تُنِ مان اوتي به ڏيکاريائين، هيٺان پاڻي به ڪونه ٿي نڪتو. ڏسي حال في الحال، ته سوچڻ تي مجبور ٿي وياسين، جاچڻ بعد پتو پيو ته هيٺان ٽُنگ جي مٿان، اندرئون هڪ مٽيءَ جي نالي رکيل آهي، جنھن مان هيٺان ڦوڪ ڏيو ته به مٿي نڪري اچي، ۽ جي مٿان ڦوڪ ڏيو ته به هيٺان نڪري اچي. واهه ڙي واهه ڪنڀر، تنھنجو هنر ۽ کيڏَ!

اسان جي چاچي جمن جو سڀاءُ گهڻو ماٺيڻو هئو، پر ڪڏهن ڪڏهن ٽوٽڪا اهڙا ٻڌائيندو هئو، جو کلندي پيٽن جا سورَ! هڪ دفعي هڪ ٽوٽڪو ٻڌايائين: ”هڪ ملان جو ڪَونرو ڀڄي پيو، اچي ويچارو روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ڪنھن دوست پڇيس ’ڇو ٿو روئين‘، چيائين ته ’بس مڙيئي نه سَلڻ جھڙو ڪو ڏک آهي‘. وري ڪن ٻين پڇيس، لاچار ٻڌايائين ته ’منھنجو ڪَونرو ڇا ڀَڄي پيو آهي، اصل هنيانءُ ڇڄي پيو آهي‘. اتي هڪ چيس ته ’سڳورا، اهو ته ڪو وڏو مسئلو ڪونهي، ٻيو اچي ويندو. نئون وٺي آڻي ٿو ڏيانءِ!‘ ته به هن کي سڪون نه مليو. نيٺ هڪ دوست پڇيس ته ’ان ۾ ڪھڙو نرالو لَڇَڻ هئو، جيڪا ٻئي ڪَونري ۾ نه هوندو.‘ نيٺ ڪروڌ ڪندي ٻڌايائين ته ’ان ڪَونري منھنجي اوگهڙ ڏٺي هئي، هاڻي وري ٻئي کي ڏيکاريان.‘

چاچو چوندو هئو ته ’سنڌي ماڻهو اوگهڙ جي معاملي ڏاڍو محتاط رهندو آهي. جڏهن مرد ماڻهو، جهنگ جي خيال سان، ڪَونرو کڻي نڪرندو ته ايترو ته پري نڪري ويندو، جتي ڪو پکي پکڻ به کيس نه ڏسي، ڄڻ ته خون لڪائڻ پيو وڃي.‘ ٻڌائيندو هئو ته ’جڏهن ڌاريا آيا ته انهن وٽ ته اهڙو ڪو تصور ئي ڪونه هيو، پوءِ هوريان هوريان اهي به پير تي اچي ويا.‘ حقيقت ۾ اهي ڪنھن سماج جي نفسيات هوندي آهي، جنھن مان ماڻهن جي مزاجن کي پرکي سگهجي ٿو.

اڳي سنڌي سماج ۾ غربت ضرور هئي، ليڪن بک تي ڪوئي ڪونه ويھندو هئو. ماڻهو پيسي ڪمائڻ لاءِ ڪم ڪونه ڪندو هئو، بلڪ هڪٻئي لاءِ ڪم ڪندو هئو. آهت جو سلسلو هئو، ڪڙمي، حجم کي، موچيءَ کي، ڪنڀر کي، حڪيم کي، درزيءَ کي، رازي کي، مطلب ته ڪنھن به پورهيت کي ان داڻي جي ونڊي ڏيندو هئو ۽ کانئن ڪم پيو وٺندو هئو. يعني هڪٻئي سان سلهاڙيل هيا. حجم سيرب ٺاهڻ لاءِ سڀني وٽ ويندو هئو، ۽ فصل لھڻ واري خوشحاليءَ وقت پيو اوڳاڙي ڪندو هئو. ايئن سڀني جي زندگي خوشحال گذرندي هئي. ڪڙمي، ٻنيءَ جي ڪم ڪار لاءِ ٻين کان ونگار وٺي وٺندو هئو. ان انداز جي زندگي گذارڻ به هڪ سڀيتا هئي. جيئن جيئن دنيا جا دستور مٽجڻ لڳو ته اسان سڀ ان پويان ڀڄڻ لڳاسين، نتيجو اهو نڪتو جو سڀڪجهه هوندي به زندگيءَ جو مزو ڇڏائجي ويو، محبتون گهٽجي ويون، نفسا نفسيءَ واري ڇڪ ڇڪان وڌي ويئي. اسان مان هڪٻئي جي واهر ڪرڻ جو تصور ٻوساٽجي ويو، هڪٻئي مان سھپ ۽ ڀائپي ناس ٿي ويئي. ان ڊوڙ ۾ جيڪي اڳتي نڪري ويا، سي نڪري ويا، جيڪي ڊوڙي نه سگهيا، اهي ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ گذارڻ لڳا. ان اهڙي دَور ۾ ڪير ڪنھن کان پڇي ئي ڪونه! آسائش واري وٿُن جي پويان لڳي، پنھنجي سڀيتا کي ئي وساري ڇڏيوسين. اهڙي ماحول سبب، اسان جي زندگيءَ جون گهرجون ۽ وٿُون پائيداريءَ ڏانھن سوچڻ لڳيون. ٺڪر جي ٿانوَن مان پھرين سٽ سان جند ڇڏائي وياسين. ان سان اهو ٿيو جو کاڌي جو ذائقو به ختم ٿي ويو. تندرستيءَ وارين کاڌي جي شين مان به بيزاري ٿيڻ لڳي. هٿرادو کاڌي جي شين ڏانھن وڌيڪ لاڙو ٿيڻ لڳو، جنڊ جي اَٽي مان اچي اسپيشل اٽي تي لٿاسين، ديسي چانورن مان هائبرڊ ٻج وارين جنسن تي ڪِري پياسين، ڪڪڙِ مان اچي مُرغيءَ تي بيٺاسين. تازين شين کي ريفريجريٽر ۾ رکي، پاروٿيون ڪري کائڻ تي پاڻ کي هيرائي ڇڏيوسين. هاڻي ته نه پنھنجون شيون سنڀالي سگهياسين نه وري آرٽيفيشل شين مان پنھنجي صحت کي نيبھه رکي سگهياسين. اڳي کائبو گهر ۾ هئو، پر جهنگ جي خيال سان ٻاهر وڃبو هئو، هاڻي کائجي ٻاهر ٿو ۽ واش روم گهر ۾ ئي آهي. اڳي بيماري بڙيءَ ۾ ٽِڪي فوٽي تي ڪم هلي ويندو هئو، هاڻي ٿورو مٿي ۾ سور ته ڀڄ ڊاڪٽر ڏي! ڊاڪٽر به ائين ڪونه ڇڏيندو، نپوڙي پوءِ ڇڏيندو.

اهڙي ماحول ۾ رهندي، پنھنجو اصل وڃائي چڪاسين، ان صورت ۾ هاڻي ٺڪر جي اهميت ۽ افاديت ڏانھن ڌيان ئي ڪونه ٿو وڃي. ڪونري مان بدنو ۽ بدني کان پوءِ لوٽو کڻي هٿ ۾ کنيوسين. ان صورت ۾ ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهيندڙ ويچارا بکن ۾ پاهه ٿي ويا. انهن لاءِ ٻه ئي صورتون آهن، يا ته اهو ڌنڌو ڇڏي، ڪنھن ٻيءَ ڪرت يا پروفيشن ڏانھن وڃن، يا وري پنھنجي اباڻي ڪم جي نمائش ڪري، پيٽ سان پٿر ٻڌي ڇڏين.

ان اهڙي ڊوڙ واري ماحول ۾ پوءِ به ڪافي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ان ڌنڌي سان چُھٽيا پيا آهن. سنڌ جي ڪافي شھرن ۾ ٺڪر جي ٿانوَن جو ڪم ٿئي پيو. ڪنڌڪوٽ، خيرپور، ڪنب، راڻيپور، پنگريو، ٽنڊو باگو، هالا، دادو، سيوهڻ، جوهي، اڏيرو لال، عمرڪوٽ، ميرپور ساڪري ۽ بٺوري وغيره ۾ اڄ به ٺڪر جا ٿانوَ ٺھن ٿا، جن ۾ ڪونرو به شامل آهي.

شاهه لطيف، جتي پورهيت لڏي کي مانُ ڏيئي، پنھنجي بيتن ۾ ياد ڪيو آهي، تِتي ’ڪنڀر‘ کي وڌيڪ مانُ ڏنو آهي.

پڪا رَڇ ڪنڀار جا، پَڪي نھائين،

مون کي تھائين، ڀيلو ڀاڱي آئيو.

ڪِي جو ڪنڀارن، مٽيءَ پائي مَنَيو،

تنھن مان تِرَ جيتري، جي پئي خبر کَرن،

ھي تان ھوندَ مَرَن، ھنَ اڱڻ اوراتو ٿئي.

ڪَونري لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي استعارا ڪم ڪونه ٿا اچن، جيڪي لوٽي لاءِ! سياسي حوالي سان ذاتي مفادن هيٺ ماڻهو پارٽيون مٽائيندا آهن، اهڙن ماڻهن کي سياسي لغت موجب ’لوٽو‘ چيو ويندو آهي. باقي جيڪي ماڻهو وڏيرڪين يا وڏن ماڻهن جي چاپلوسي ڪندا آهن تن لاءِ ’ڪونرا بردار‘ (ڪونرا سنڀاليندڙ) جو استعارو ڪم ايندو آهي. باقي ويچاري ’بَدني‘ سان اهڙي کڻاند ڪونه ٿي ڪئي وڃي.

بھرحال، مٽيءَ ۾ برڪت آهي، ان جا رَڇ (ٿانوَ) ماڻهوءَ کي تندرست رکن ٿا. ڪنڀرن جي ڪمسپرسي ڏسي اهو ئي اندازو ٿئي ٿو ته اهي پنھنجي روزگار لاءِ ڪو ٻيو رستو ڪڍندا، پر اسان کي ڪنڀر جھڙا هٿ وري ٻيھر نه ملندا. ان لاءِ هن ڪم جو قدر ڪرڻ گهرجي. مٽيءَ جي رَڇَن جي ڀلي گهرج نه هجي، ليڪن ٺڪر جي ٿانوَن جي خريداري ڪري، هٿو هٿ ڪري، ڪنڀر جي هٿن کي سَگهارو ڪرڻ گهرجي.

ڪَونري، لوٽي، لوٽِيءَ بابت چند ٻوليءَ جا اصطلاح، جيڪي اسان جي زندگيءَ ۾ عام ڪم آندا ويندا آهن.

ٻاراڻا ٻول:

• لوٽي ۾ لَسي، گار وئي گَسي.

(گار نه لڳندي آ ۽ نه چنبڙي پوندي آھي. ان ڪري دل ۾ نه ڪجي، نه موٽائي ڏجي.)

اصطلاح ۽ محاورا:

• ڪونرا برداري ڪرڻ (چاپلوسي ڪرڻ)

• لوٽو لَٺ تي، ٽپڙ ٽيشڻ تي. (افعال پورا سارا هجڻ)

• اونڌي لوٽِي هجڻ (سوچ سمجهه نه هجڻ)

• ڪوزي ۾ درياه سمائڻ (وڏو خيال ٻن لفظن ۾ بيان ڪرڻ)

• لوٽي ۾ لوڻ وانگر ڳري وڃڻ (ڪئي ڪمائي چٽ ٿيڻ)

• لوٽِي لوڻ ٿيڻ (زندگيءَ ۾ ڏکيائيون اچڻ- مزو ڇڏائجي وڃڻ)

• ڳچيءَ ڀڳل ڪونرو (بي افعالو ماڻهو)

• لوٽي کان اُٻنگ ڳورو ٿيڻ.

(اُٻنگ، اهڙي رسي جيڪا کڻڻ لاءِ لوٽي جي ڪنڌ ۾ ٻڌجي- نفعي کان وڌيڪ نقصان ٿيڻ)

 

پھاڪا ۽ چوڻيون:

• ڪونري مان اهو ئي چِڪندو جو ڪونري ۾ هوندو.

(جيڪو اندر ۾ هوندو سو ئي اظھار ٿيندو)

• ڪُوزا ٺاهيندڙ، ڀڳل پيالي ۾ پاڻي پيئندو آهي.

(ڪنڀر جي گهر ٻُٽو دِلو- ڊکڻ گهر ڏوئي نه!)

• عورت ته چوٽو، نه ته مٿو ڄڻ لوٽو.

(عورت جي سونھن، وارن ۾ چوٽي ٻڌڻ آهي.)

 

(هن مضمون ۾ اصطلاح ۽ پھاڪا وغيره شامل ڪرڻ ۾ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي همراهي رهي، مان سندس ٿورائتو)

No comments:

Post a Comment