ٽِڦِڻِي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ماني
۽ ٽِڪي اٿلائڻ لاءِ ڪم ايندڙ ’ٽِڦِڻي‘ سنڌ ۾ ڪافي نالن سان سڃاتي ويندي آهي، جيئن:
’ٽه- ڦَڻي‘، ’وارِڻِي‘، ’وَرڻِي‘، ’وراڻِي‘، ’ورائِڻِي‘، ’ڇيتِ‘، ’ڇيتِي‘، ’اُٿلاڻو‘،
’کُرپِي‘، ’ڪُرفِي‘، ’کرپيو‘، ’انبِي‘، ’پَلٽو‘، ’ٺپڻِي‘، ’ٽِپِڻِي‘, 'چَپَرَ'.
هيءَ لوهر جي ٺھيل اهڙي وٿُ آهي، جيڪا هر گهَر جِي سونھن ۽ گهرج رهي آهي. گهر جي
رنڌڻي ۾ جيڪڏهن ٽِڦِڻِي نه هوندي، ته گهر ڌَياڻيءَ کي چين نه هوندو. جيستائين لوهر
جي هَٽَ تان گهرائي رکبي نه، تيستائين رڌپچاءُ وارو ڪم ئي اڌورو هوندو. هاڻي کڻي
مشينن ذريعي اسٽيل يا ڪاٺ جون وَٿُون اچي ويون آهن، پوءِ به سنڌي گهرن ۾ ٽِڦڻي اوس
هوندي.
