Saturday, September 16, 2023

ٽِڦِڻِي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ٽِڦِڻِي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ماني ۽ ٽِڪي اٿلائڻ لاءِ ڪم ايندڙ ’ٽِڦِڻي‘ سنڌ ۾ ڪافي نالن سان سڃاتي ويندي آهي، جيئن: ’ٽه- ڦَڻي‘، ’وارِڻِي‘، ’وَرڻِي‘، ’وراڻِي‘، ’ورائِڻِي‘، ’ڇيتِ‘، ’ڇيتِي‘، ’اُٿلاڻو‘، ’کُرپِي‘، ’ڪُرفِي‘، ’کرپيو‘، ’انبِي‘، ’پَلٽو‘، ’ٺپڻِي‘، ’ٽِپِڻِي‘, 'چَپَرَ'. هيءَ لوهر جي ٺھيل اهڙي وٿُ آهي، جيڪا هر گهَر جِي سونھن ۽ گهرج رهي آهي. گهر جي رنڌڻي ۾ جيڪڏهن ٽِڦِڻِي نه هوندي، ته گهر ڌَياڻيءَ کي چين نه هوندو. جيستائين لوهر جي هَٽَ تان گهرائي رکبي نه، تيستائين رڌپچاءُ وارو ڪم ئي اڌورو هوندو. هاڻي کڻي مشينن ذريعي اسٽيل يا ڪاٺ جون وَٿُون اچي ويون آهن، پوءِ به سنڌي گهرن ۾ ٽِڦڻي اوس هوندي.



ساهتي پرڳِڻي ۾ ٽِڦِڻِيءَ جو اچار، زيرُن/ ڇوٽي سُر (short vowel)  ۽ ي معروف/ ڊگهي سُر (long vowel) سان ٿو اچي، ليڪن لاڙ جي پاسي ان کي ’ٽِڦَڻِي‘ (ڦ تي زبر) سان ٿو اچارجي. هن لفظ کي ٽه- ڦَڻي به ڪوٺيندا آهن، جنھن جي مراد ’ٽن ڦَڻين واري‘! ڦَڻي، ڦھليل مُنھن کي ٿو  چئجي، ٻي مراد ’منھن‘ به اٿس. يعني ٽن مُنھن واري‘، جنھنڪري ’ٽه- ڦَڻي‘ ڪوٺجي ٿي. اهو ته ٿيو لفظ جو چيرُ ڦاڙُ، پر جڏهن ٻٽو لفظ گڏجي ويندو آهي ته اعرابن جي مَٽَ ٿيندي آهي، ان لاءِ ’ٽِڦِڻِي‘ جمع ’ٽِڦِڻيُون‘ ڪم اچي ٿو.

ٽِڦڻي، سنڌ جو پراڻو گهرو هٿڻُ آهي، جيڪو ’مھين جي دڙي‘ مان به مليو آهي. يعني اڄ جيڪا ٽڦڻي ڪم آڻجي ٿي، اها اسان جي پراڻي سڀيتا جو هڪ ڳانڍاپو آهي. هيءَ وٿُ اهڙي ته گهر گهر عام آهي جو هن تي ٻاراڻيون پروليون به ٺھيل آهن، جيئن: ’گهر گهر ۾ بُولِي مائِي‘، ڀڃڻي: ’ٽِڦڻي‘. مزي جي ڳالهه ته لوهر جڏهن ٽڦڻي ٺاهي، تيار ڪندو آهي ته پڇاڙيءَ ۾ ٽڦڻيءَ جي لوهي ڳنيءَ جي ڇيڙي کي وڪڙ ڏيئي، ڪڙو ٺاهي، ان ۾ گول ڇَلو وجهندو آهي. اهو ان لاءِ ته ڪم ڪار ڪري، ڌوئِي اگهِي، ڪنھن ڪوڪي يا ڪِليءَ ۾ ٽنگي ڇڏجي. ٽڦڻيءَ جي ڇيڙي ۾ ٺاهيل ڪڙي ۾ جيڪو ڇلو پئي ٿو، سگهڙ ان کي زائفان واري ’بولي‘  سان ڀيٽي، اڌارو ڪم آندو آهي.

ٽڦڻيءَ جي جڙاوت ايئن ٿيندي آهي ته هڪ نرم لوهه جي ٽڪڙي کي سَٽي ڪُٽي، هڪ پاسي ان جو ڌارَ وارو منھُن ٺھندو، جنھن کي ٻه ڪنڊون ٿين ٿيون، ان جي پاسن کان گولائي شباڻڪي ڪھاڙيءَ وانگر بيھاربي آهي. ٽڦڻيءَ جي ڌارَ واري مُنھن جِي ماپ وڌ ۾ وڌ چار انچ رکي ويندي آهي. ان جي ٽين ڪنڊ، ٽڦڻيءَ جي لوهي ڳنيءَ سان مليل رکبي. جتي ٽين ڪنڊ گم ٿيندي، اتي پاسي کان ٻه ننڍڙا اڌ گول بيھاربا آهن، جنھن کي ٽِڦِڻيءَ جي ’ڦَڻِ‘ ٿو چئجي. ان ڦَڻِ جي هر هڪ پاسي جي ماپ اڌ انچ کن رکي ويندي آهي. ڳنيءَ جي هڪ پاسي ٽڦڻيءَ جي ڌارَ جو مُنھن ٿيندو، ته ڳنيءَ جي ڇيڙي کي ٿورو موڙ ڏيئي، وچُ ڪري، ڇلو وجهبو. ان کان مٿان، ٽن انچن جي ماپ رکي، لوهه کي ڌڪ هڻي چپترو ڪبو، ته جيئن ان هنڌ ’هٿيو‘ ڏسڻ ۾ اچي. هٿيي لاءِ الڳ سان ڪابه ڪاٺي نه لڳندي. ٽڦڻيءَ جي ڪل ماپ ٿلهي ليکي فوٽ کان ڏيڍ فوٽ بيھاريندا آهن، پر گهڻي ڀاڱي تيرهن انچ رکي ويندي آهي. ان کان وڏي ٽڦڻي مزو به به نه ڪندي ۽ فوٽ کان ننڍي به بي سُري لڳندي. باقي مختلف ڪمن ڪارڻ ان کان وڏيون ٽڦڻيون به ٺھنديون آهن، جيڪي ريڙهين وارا وڏن توَن تي ڪم آڻيندا آهن.

بيھڪ ۾ اڳيان ٻه ڪنڊون، ڪنڊن جي پاسن کان ٿوري گولائي، يعني ٽڦڻيءَ جي ڌارَ جون ڪُنڊون ٿورو ٽڙيل هونديون. ٽين ڪنڊ وڃي لوهي ڳَنيءَ ۾ گم ٿي ويندي. جتي ٽين ڪنڊ گم ٿيندي، اتي پاسن کان سونھن خاطر ننڍڙا پلوَ ٿا رکجن، ڄڻ سندس ڪَنَ هجن!  ٽڦڻيءَ جي ڌار به اهڙي رکي ويندي آهي، جو کرپيءَ وانگر جتي هڻجي ته کرچي وٺي. ان لاءِ تئي جي ڪاراڻ کي به ٽڦڻيءَ سان رهڙي صاف ڪري وٺبي آهي.  ڳنيءَ پاسي بُولِي پاتل هوندس. جنھن کي ڪٿي به ٽنگي سگهجي. تڏهن ته ان تي اهڙي پرولي بيھاري اٿن.

ان ڳالهه جو گهڻو خيال رکيو ويندو آهي ته ٽڦڻي ڪم آڻڻ مھل ايتري گرم نه ٿئي جو هٿَ کي گرم لڳي. ان لاءِ گهرو ٽڦڻي وڌ ۾ وڌ ڏيڍ فوٽ رکي ويندي آهي. هونئن به ٽڦڻيءَ کان  گهڻو لاڳيتو ڪم نه وٺبو آهي، نه ته اهڙي گرم ٿي ويندي، جو هٿَ لائڻ ئي نه ڏيندي. سدائين سَرهي ۽ ٻھڪندي پئي، ان لاءِ ته هن جو لاڳاپو ئي سڻڀ سان آهي. جيڪڏهن ٻه ٽي ڏينھن ويھي ويئي، ته مُنھن جو رنگ ئي مَٽجي ويندس ۽ ڪَٽُجي ويندي. ان لاءِ سگهڙ زائفون، هر ڏهاڙي پيون ڏسندس ته متان ناسي نه ٿئي. جيتري ڪاراڻ رهندس، اوتري پئي ٻرندي.

ٽڦڻيءَ جو ڪم بس ايترو هوندو آهي ته تَئي يا دانگيءَ تان ماني ورائڻي آهي، ته ماني ورائي، وري پاسي رکي ڇڏبي. اها ورائڻ واري ڪِرتِ ڪارڻ ان کي وراڻي به چئجي ٿو. يعني ٽڦڻيءَ جو گهڻو ڪم ورائڻ وارو آهي. ماني ٽِڪي ٺھي ته ٽڦڻيءَ کان ڪم وٺبو. يعني ديڳڙي يا هنڊيءَ سان ان جو لاڳاپو ئي ڪونهي، گهڻو تڻو تئي سان!

اڳي جيئن ڪنھن سڄڻ کي صلاح ڪبي هئي ته چئبو هئو ته ’ماني ٽِڪي کائي وڃو‘، اها ماني ٽِڪِي ٺھندي ئي تَئي ۽ دانگيءَ تي! ماني ته کڻي دانگيءَ تي ٺھي، باقي ’ٽِڪِي‘ ته دانگيءَ تي ڪونه ٺھندي. ٽڪِي، ٺھندي آهي، دال جي بيسَڻ مان، جنھن کي پڪوڙو به چئجي. ايئن سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن تَئيءَ ۾ تيل يا گيھه گرم ڪري، بيسڻ جو مسالو وجهبو وڃبو، ته تَري جيڪي نڪرندا ان کي پڪوڙو چئبو، پر جيڪڏهن ساڳيو مسالو، تَئي تي ٿورو گيھه يا تيل هاري، ننڍڙا پيڙا وڃبا وجهبا، ۽ ٿورو ناسي ٿيڻ تي ٽڦڻيءَ سان اٿلائي، مٿان ٽڦڻيءَ جي چَٻَ ڏبي، ته ويھي ٽڪِي ٿي ويندا. ان کي اٿلائي پٿلائي جڏهن ڪڙڪ ڪري وٺبو، ته اها ٽِڪِي سڏبي. اڳي وارا مالوند ماڻهو/ هاري ناري گهڻي ڀاڱي پنھنجي اُپايل شين تي ڀاڙيندا هئا، ان ڪارڻ ٻيو ڪجهه نه هوندو ته بيسڻ، اٽو، گيھه/ تيل ۽ لوڻ مرچ ته هوندو! کير، ڏڌ يا مکڻ جي ويل نه هوندي ته اهي شيون ته هونديون. پوءِ مھمان کي ٽِڪيءَ سان ماني کارائي وٺبي. اهڙن کاڌن تيار ڪرڻ ۾ ٽڦڻي ئي هوندي آهي، جيڪا مھل ڪندي.

ٽِڦِڻِي اهڙو هٿڻ آهي، جنھن جو لاڳاپو تَئي يا فرائي- پان سان آهي. فرائي پان ته ٿورو ڏونگهو ٿئي ٿو ان ڪارڻ ان ۾ گيھه يا تيل جو زيان گهڻو ٿو ٿئي، ليڪن تَئي تي، ٿورو گيھه جو مَکُ ڏيئي، ڪابه شيءِ تَري وٺو. واڱڻ ٿيو، ٻٽالُو ٿيا، ڀينڊيون ٿيون، مڇي ٿي، جنھن شيءِ لاءِ دل ڪري، تَري وٺو، پر ٿورڙي گيھه يا تيل ۾! ان کي اٿلائڻ پٿلائڻ يا تيار ڪري لاهڻ، ٽڦڻيءَ جو ڪم آهي. ٽڦڻي انهن شين کي تَري کان ئي پٽي، اٿلائي وٺندي. تئي تي ڪنھن به شيءِ کي ڄمڻ يا چنبڙڻ ته ڏيندي ئي ڪونه! اتي چمچي يا ڇُريءَ جي جاءِ ئي ڪونهي.

امڙ، ڪڻڪ جي اٽي مان ٻن نمون جا ، مِٺا ۽ کارا ’چِلا‘ ٺاهيندي هئي، ته ان جي اٿلائڻ پٿلائڻ ۾ ٽڦڻيءَ جو ڪم گهڻو هيو. اهي چِلا پوءِ مون پاڻ به ٺاهيا، جيڪي گهڻ ڀاڱي ڪاڙهي جي ڏينھن ۾! ڏينھن وڏو ٿئي، پَڪي منجهند کان پوءِ، دل چوي ته ڪجهه کائجي، پوءِ امڙ وانگر ئي ٺاهڻ جي ڪندو هيم. کنڊُ، پاڻيءَ ۾ ملائي، ان کان پوءِ وڃبو، ٿورو ٿورو ڪڻڪ جو اٽو ملائبو، لوڻ به سھائيندڙ وجهبو ۽ هٿن سان گهمائبو. پوءِ تئي تي گيھه جو مَکُ ڏيئي، اهو پٽڙو مادو، وَٽي وغيره مان اوتي، آڱر جو اوگهُه ڏيئي، پوءِ تَئي تي اوتيل مادي کي وڃبو، چيچن سان ٽيڙبو، تان جو گولائي بيھي ويندس، ۽ چلي ۾ هنڌان هنڌان ننڍڙا ٽُنگڙا نڪري بيھندا. ان وچ ۾ چِلي جي ڪَنَن کان ٿورو ٿورو گيھه جي ڳاڙَ اوتبي وڃبي، ته جيئن تئي تي چُنبَڙَ نه ڪري. جڏهن مٿان ٿورو ڪچُ نه رهندو، ته پوءِ ٽڦڻِيءَ سان اٿلائي کڻي ٻيو پاسو ڏبو. ايئن وڃبس اٿلائبو، ته جيئن سڙي به نه، ۽ پچي پورو ناسي ٿي وڃي. ان پچيل چِلي ۾ هيٺيون ۽ مٿيون پاسو به نيارو ٿي بيھندو آهي. پنڊي يا پليٽ تي رکڻ لاءِ اهو به ڌيان ڏبو آهي ته رکڻ مھل ابتو ته نه رکجي ويو! چِلي جي ابتي پاسي، اهڙا ته گولَن مٿي گولَ ڏسڻ ۾ ايندا، ڄڻ ته پلڪار سان ڪي چِٽَ ڪڍيا ويا هجن. باقي مٿيون پاسو ته ڊِٻَڙ ڊِٻَڙ ڏسڻ ۾ ايندو.

اهو ته ٿيو، مِٺو چِلو، وري ايئن ئي کارو ٺھندو. ان ۾ سڌو پاڻيءَ ۾ اَٽو وجهي، لوڻ سان چَھرو ڪري، ريٻِڙو ٺاهي، ساڳئي نموني ٽڦڻيءَ جي مدد سان ٺھندو، ۽ لاهڻ مھل مٿان مِٺائي/ مُستي ٻرڪبس. ان چِلي جو وري پنھنجو سواد آهي. منھنجي گهَر ۾، ٻار ريچَڪ تي چڙهندا ته مون سان فرمائش ڪندا آهن ته ’ابا، اهو ڳُڙَ واري مِٺائيءَ وارو چِلو ٺاهي ڏي، پوءِ ماڻهننِ جو به اهڙو پُورُ ڏسي، ٺاهي ڏيندو آهياننِ. بس پوءِ مان پچائڻ وارو، ٻار کائڻ وارا، کٿو نه پڄان!

گهر ۾ جوئر جي مانيءَ جو مان ڪوڏيو، امڙ جو هٿُ ته سبحان الله، پر وري به گهر واريءَ کي منٿ ڪندو آهيان ته جوئر جي ماني پچائي ڏي، پوءِ ويچاري پچائي ته ڏيندي، پر ان جي بيھڪ ۾ اهو رَسُ چَس نه هوندس. پوءِ ڏيندي به، ۽ مٿان اهو به هر هر پئي چوندي ته بس هاڻي جھڙي تھڙي کاءُ! مان چوندو آهيانس ته اها ته تنھنجي مھرباني جو پچائي ٿي ڏئين، مانيءَ کي ته سواد ۾ ڏسبو، شڪل صورت ته نه ڏسبي، پر پوءِ به ويچاري اندر اندر ۾ پئي ڦِڪِي ٿيندي. سو گهر ۾ ٽڦڻي به هوندي آهي، ته ماني ڦھلائڻ لاءِ لوٽِي/ وٽي به آهي؛ مٿان کليل منھن ٿيندو اٿس، جنھن ۾ ٿورو پاڻي به رکبو آهي، جيڪو جوئر جي مانيءَ تي گهمائڻ لاءِ ڇنڊو به هڻبو وڃبو آهي. هاڻي ته جوئر جي پوکي ئي گهٽجي ويئي، تڏهن ته ٽڦڻي تان به بار گهٽجي ويو.

جوئر يا ٻاجهريءَ جي ماني ڦھلائڻ لاءِ گهڻي ڀاڱي ٽِڦڻيءَ کان ڪم نه وٺبو آهي. اهو ڪم چِلَن ڀيري هٿ جي چيچن سان ڪبو ۽ جوئر ٻاجهريءَ جي مانيءَ ڀيري لوٽي/ وٽيءَ سان ڪبو. اهو ڍنگ سڀن وٽ عام آهي. ڪڻڪ جي مانيءَ ۾ ڳَڀُ ٿئي ٿو، جنھنڪري ان جو ڪَنو پڪڙي به اٿلائي سگهجي ٿو، پر جوئر يا ٻاجهريءَ جي مانيءَ ۾ ’ڳَڀُ‘ ته ٿئي ڪونه، ان لاءِ ٽڦڻي زنده باد!

ٽڦڻي آهي ته ننڍڙي وٿُ، پر جڏهن تئي تي ڦھلايل وڏي مانيءَ کي اٿلائبو آهي، خاص طور جوئر، ٻاجهري يا چانورن جي ماني، ته ان ويلي ٽڦڻي ڄڻ ته پوري ٿالهيءَ وانگر ڦھلجي ويندي آهي ۽ مانيءَ کي سَولائيءَ سان اٿلائي وٺندي آهي. ٿانوَ به اڌارا ڏبا آهن، ديڳڙيءَ واري ڏوئي يا چمچو به وقتي ڏيئي ڇڏبو آهي، ليڪن ٽِڦِڻي اڌاري ڏيڻ ۾ زائفون لھرائينديون آهن، ته متان وقت سان نه ملي ۽ ڏکيائي ٿئي. اهو ان لاءِ ته لاچار ڏوئي يا چمچي جو کان سواءِ ٽڦڻيءَ کان ڪم ڪڍي وڃبو، پر ٽڦڻيءَ جو ڪم ڏوئي يا چمچو نه ڪري سگهندو.

ٽِڦڻي هوندي ته سراسر لوهه جي، پر ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته هلڪي باهه تي ڪا شيءِ پئي تربي ۽ ٽڦڻي تَرَ وارين شين جي ڳاٽي تي پئي هوندي، هر هر لاهي، پاسي تي به نه رکبي، ان صورت ۾ ’نَنھن سوسِڙِي‘ به ٿي ويندي آهي، پر هٿ ڪونه ساڙيندي.

گهر جي رڌڻي ۾ جتي ٻيا هٿَڻ پيا هوندا اتي، ٽڦڻي لازمي هوندي آهي، پر شھرن ۾ ان جي جاءِ تي هاڻي اسٽيل جي وارڻي ڪم اچي ٿي، يا وري چپٽو به ڪم آڻيندا آهن، جنھن سان سڻڀي ماني به سَولائيءَ سان اٿلجي ٿي وڃي. ان لاءِ شھري زندگيءَ ۾ هن جو ڪارج گهٽجي ويو آهي. حالانڪ هيءَ نجي لوهه جي وَٿُ سان ٺھيل ڀاڄيون يا تريل شيون صحت لاءِ به ڀليون آهن، ان سان ڄڻڪ ماڻهوءَ جي جسم ۾ لوهه جي کوٽ پوري ٿيڻ جو امڪان آهي. شھري ماڻهو ويچارا اٽو به اسپيشل کائين، ڦوڳ جو ڦوڳ، نه سگهه نه سواد! اهي ويچارا جوئر ۽ ٻاجهريءَ جي مانيءَ جي سواد ۽ گُڻ مان ڇا ڄاڻن، انلاءِ ٽڦڻيءَ کي سڃاڻن ئي نه!

گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٽڦڻيءَ کان اهي ڪم به ورتا ويندا آهن، جيڪي هن جا هجن ئي نه! مثال طور فرش تي ڪو رنگ ڄمي ويو، کڻ ٽڦڻي؛ ڀت کي ٿورو کرچڻو آهي، وِجهُه ٽڦڻيءَ ۾ هٿُ؛ ڪنھن در يا دريءَ جو ڇوڏو لسو ڪرڻو آهي، گهُماءِ ٽڦڻي؛ شيشي يا ڪنھن لوهي چادر تي رٻڙ جا نشان ٿي ويا آهن، ڦيرِ ٽڦڻي؛ ڪنھن ميز يا صندليءَ تي گَرُ چڙهي ويئي آهي، کُرچُ ٽڦڻيءَ سان؛  مطلب تي ڪوبه کرچڻ وارو ڪم هجي، ٽڦڻي ويچاري هَڪِي تَڪِي هوندي. ان باوجود جيڪڏهن سنڌي گهرن ۾ ٽڦڻي نه هجي، ته اها ڀُل آهي.

انهن هٿن کي جس هجي، جن جي پورهيي سان، عام گهرن لاءِ اهڙي اَمُلهه وَٿُ جڙي راس ٿئي ٿي. ڌڻي نه ڪري جو اهڙي وَٿُ جو وڪرو بند ٿي وڃي ته اسان لوهر جي مھارت وارا هٿَ ڪٿان ڳولهينداسين. اسان کي کپي ته اهڙين شين کي ڳنھي، پنھنجن گهرن ۾ به رکون ۽ مٽن مائٽن يا سنگت ساٿ کي سوکڙي ڪري پيش ڪريون ته هوند ان ڪم جي پٺڀرائي ٿي پوندي.

ٽڦڻي، سنڌي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ سٺي جڳھه والاري ٿي، ان لاءِ ان تي، ڀوڳ چرچا، ٻاراڻيون پروليون، اصطلاح ۽ پھاڪا وغيره جام ملندا، جنھن مان پتو پوي ٿو ته اها ننڍن توڻي وڏن وٽ سٺي ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي.

• پروليون:

• چَٽي سڻڀيون شيون، پر سدائين ڏُٻري. (ڀڃڻي: ٽِڦِڻِي)

گهر گهر۾ بُولِي مائِي. (ڀڇڻي: ٽِڦِڻي)

• ڀوڳ چرچو:

• ٽڦڻيءَ مُنھون = اهڙو ماڻهو، جنھن جي کاڏي سنهي، ۽ لوڻا ويڪرا هجن، ان کي ڀوڳ ۾ چئجي)

• اصطلاح ۽ پھاڪا:

• ٽِڪڻ تي ٽڦڻي رکڻ (ڪاوڙ جو اظھار ڪرڻ- باهه ٿي وڃڻ)

• لوهر جي گهر ۾ ٽِڦڻي ناهي. (ٻين ڪاڻ ڪم ڪرڻ عيوض، پنھنجو خيال نه رکي سگهڻ)

• گهر ۾ ٽڦڻي ڪونه، ڀري ڳالهه ڪھاڙيءَ جي ڪبي. (گهر جا حال پورا سارا، ٻاهر لئي ڏيکاربي)

1 comment: