Saturday, September 16, 2023

ڏاٽو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڏاٽو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



’ڏاٽو‘، ’ڏانٽو‘، ’ڏانٽرو‘، ’ڏاٽُ‘، ’ڏاترو‘، ڏاٽرِي جي نالن سان پوکي راهيءَ جو هڪ هٿڻ، جيڪو گاهه لڻڻ، ڊڀُ يا سَر ڪٽڻ، لابارو ڪرڻ، ڪانا ڪٽڻ يا ٽاري وغيره ڪٽڻ لاءِ ڪم آڻي سگهبو آهي. پوک کان سواءِ هن هٿڻ کان ٻيا ڪم به ورتا ويندا آهن، جيئن: رسي ڪٽڻ، نارنگي ڪٽڻ، انب ڪٽڻ، گدرو ڪٽڻ، مطلب ته ڪاتي ڇُريءَ جو اوسيئڙو نه ڪبو، ڏاٽي مان ئي ڪم ڪڍي وٺبو. گهرن ۾ ته هڪ سنهڙي صندليءَ تي لڳل ڏاٽو پڻ آهي، جيڪو ڀاڄي ڀُتِي وغيره ڪٽڻ ۾ ڪم ايندو آهي. هن سَمي مشيني دور آهي، ليڪن پوءِ به ڏاٽا ٺھن ٿا، ٺپجن ٿا، ڏَندائجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي، ته ننڍڙن ڪمن لاءِ ڪي مشينون ڪم نه آڻبيون آهن، ان لاءِ تڪڙ ۾ ڏاٽي کان ڪم ورتو ويندو آهي. يعني هر دور ۾ هيءَ وَٿُ نيبھه رهڻي آهي.



جڏهن زرعي ڦيرو نه آيو هو، ته ڳوٺن جي هر گهر ۾ ڏاٽو هوندو هئو. هاڻي به گهڻن ئي ڳوٺن ۾ گاهه پٺي لاءِ ڏاٽو اَوَس ملندو. ڳوٺن ۾ ونگار جو سلسلو اڃا هلي پيو، ان لاءِ جيترن ماڻهن جي گهرج هوندي، اوترا ڏاٽا کپن. فصلن جي لاباري ۾ جڏهن مٽ مائٽ، سنگت ساٿ، پڪا پوڙها، ٻار ٽاٻر گڏجي ڪم کي وٺندا آهن ته سمجهو ته جريبن جا جريب ويا. اهو سڄو ڪمال ڏاٽي جو هوندو آهي. مشينن جا سُک ته آهن، پر اهو به وڏن ماڻهن لاءِ، باقي هاري ناري يا ڪڙمي ڪارائي لاءِ ته ان جي تيل ڀرڻ جا ڏوڪڙ به مشڪل سان هوندا آهن. اوڌر کڻي ڪم ڪرائين ته پوءِ باقي بچندن ڇا! ان لاءِ ڏاٽو هڪ اهڙو لڄپال هٿَڻُ آهي، جيڪو ماڻهن کي ڪم ڪرڻ تي به تيار ڪندو ته اڪلاءَ لاءِ به اڪسائيندو. ڏاٽي سان ڪم ڪندي، ڪم جي اُڪلاءَ لاءِ ماڻهو هوڏون ڪندا آهن ۽ هڪٻئي سان بازيون لڳائيندا آهن. پوءِ ان اُڪساءَ تي ماڻهو مشين جيان پيو ڪم ڪندو. ڳوٺن ۾ اڃا اهڙي هائِي ڪانه پئي آهي، جو هڪٻئي جي واهرَ لاءِ گڏ نه ٿين! ان لاءِ ڏاٽو، ماڻهن کي ڳنڍيون ۽ کين سڪ محبت جي سڳي ۾ سنڀاليون پيو اچي؛ ان لاءِ ’ڏاٽي واري دوستي‘ جو اصطلاح به ڪم آندو ويندو آهي.

ڏاٽي جا جيڪڏهن ڀاڱا ڏسجن ته لوهر ۽ ڊکڻ جو گڏيل ڪم ڏسڻ ۾ ايندو. هڪ ڀاڱو لوهر ڏاٽي جو ڦَرُ ٺاهيندو ۽ ٺَپي منجهس، ڪَنَئه (ڪٽارِي) سان ڏندا ڪڍندو، ٻيو ڀاڱو ڊکڻ ڪاٺ جو مُٺيو ٺاهيندو، ٻنهي کي جو لوهي پَٽيءَ ۽ ڪِليُن سان ملاءِ ته ڏاٽو تيار! لوهر، ڏاٽي جو ڦَرُ منو فوٽ کن بيھاريندو آهي ۽ ان جي اڌ گولائي چنڊ جي پھرئين هفتي جھڙي! البت جتان مُٺيو پوندس، تنھن جو ڇيڙو سڌو، واڌارو ۽ پلوَ بيھاريندو، ڇاڪاڻ ته ان جو انچ ڏيڍ وارو واڌارو پاسو مُٺيي ۾ لڳندو. جڏهن مٺيي سان ملائيندو، ته ان جا پلوَ مٺيي جي ڇيڙي کان ورائيندو ۽ ٻئي پاسي لوهي پٽي هوندي، لوهي پٽيءَ ۽ ڦرَ جي واڌاري پاسي جي وچ ۾ٻه ڪِليُون هڻي، سوگهو ڪندو. هاڻي ڏاٽو مڪمل تيار ٿي ويو. اڳي مٺيي ۾ لوهي پنج ڪنڊي پٽرَ جي جڳھه تي ’پنج پيسي‘ يا ’ڏهه پسي‘ هڻي، ان ۾ ڪِليُون هڻي ڇڏيندا هئا. يعني پنج پيسي يا ڏهه پيسي وائسر جو ڪم ڪندي هئي.

اهو ته ٿيو ڏاٽي جو هڪ نمونو، جنھن ۾ ڦرَ جو مٺيي وارو پاسو وڌائي، وڃي مُٺيي ۾ هڻندو. ٻيو نمونو وري ايئن ڪندا آهن جو ڦَرَ وارو مٺيي جو پاسو ونگُ ڪري، ٿورو ٻاهر ڪڍي، پوءِ ڪاٺ واري مٺئي ۾ هڻندا. ايئن ڦَر ٿورو ٻاهر نڪتل لڳندو. اهي ٻه نمونا عام ٿي ٿا وڃن. باقي ته جيترا علائقا اوترا ڏاٽي جا ڀيرَ.

ڊکڻ جي مُٺين جو انداز به ساڳيو نه هوندو آهي، ڪي مٺيا سڌا هڻندا آهن، صرف ان ڳالهه جو خيال رکندا آهن ته ڏاٽي جي هٿ وارو ڇيڙو ٿورو ويڪرو هجي. ڪن ڊکڻن جي گهڙت وري هٿ جي مُٺئي جي ڇيڙي ۾ اڳيان هٿ جي رنڊڪ لاءِ ڳن ۾ روڪَ رکندا آهن، جنھن کي ’مُڇَ‘ چئجي ٿو. سنڌي مُٺئي ۾ اهڙيون ٻه مُڇُون رکندا آهن، هڪ ڇيڙي کان، جنھن جو مُنھُن مٿي هوندو، ٻيءَ کي ورائي کڻي، هيٺ منھن ڏيندا آهن. انهيءَ ڇيڙي واري روڪَ، واري مُٺئي جا به ٻه نمونا ٿين ٿا، هڪ ته وچان سڌو هوندو ۽ ٻيو وري وچ ۾ ڪُٻُ نڪتل هوندو اٿس، ان ڀيرَ جي ڳَن کي ’ونگي وارو ڳنُ‘ چئبو آهي. مطلب ته ڳن جا نمونا مختلف علائقن آهر مَٽَ هوندا آهن. سنڌ ۾ ڳنَ جا به ٽي ڀير ڪم اچن ٿا.

جيڪڏهن ڏاٽن جي ورڇ ڪجي ته ان جا چار ڀير سامهون اچن ٿا: هڪ: سنڌي ڏاٽو، جنھن جو ڦَرُ، چنڊ جي پھرئين هفتي جي بيھڪ جھڙو ۽ مٺئي وٽان سڌو ڪرڻ لاءِ وٽُ ڏنل هوندو اٿس؛ ۽ مُٺيو سڌو ۽ ڇيڙي وٽان وڪڙ ڏنل هوندس، لاڙ ڏانھن به ايئن ٺاهيو ويندو آهي. ٻيو: ايئن هوندو ته ڦَرُ چنڊ جي پھريُن راتين جھڙو، ۽ ڳن وارو ڇيڙو گولائي ماري سڌو ڪيل هوندو جيڪو ڳنَ ۾ پوندو؛ جڏهن ته مُٺيي کي هٿ واري پاسي روڪ هوندي، جڏهن ته ڳن جي وچ تي گولائيءَ مائل ونگُ هوندو، جنھنڪري کيس ’ونگي وارو ڏاٽو‘ چئبو. ٽيو: ڦَر تي ساڳئي نموني گولائي ماري سڌو ڪيل هوندو، پر ڳن جي وچ ۾ ڪُٻُ نڪتل هوندس، ۽ ڇيڙي وٽان اڳيان پڻ روڪَ هوندي اٿس، جنھنڪري ’ڪٻو ڏاٽو‘ به چئبو آهي. هيءُ ڏاٽو گهڻي ڀاڱي وچولي ۽ اتر سنڌ جي آسپاس ٺھندو آهي. چوٿو: اترادي/ پنجابڪو ڏاٽو، جنھن جو ڦَرُ به چنڊ جي پھرئين هفتي جي بيھڪ جھڙو ۽ مُٺيو، گول جنڊيءَ تي لٿل سڌو. هيءُ ڏاٽو، گهڻو ڪري سَکر کان مٿي، پنجاب تائين ڪم اچي ٿو. پنجو: ڇِلَ وارو ڏاٽو، جنھن جو مُٺيو سڌو هوندو آهي، ليڪن ان ۾ ڏاٽي جھڙا ڏندا نه هوندا آهن، ليڪن ٺپيل ۽ پاڻي آيل هوندو اٿس، ان کي ’ڇيلِي ڏاٽو‘ چيو ٿو وڃي. بنا ڏندن وارو ڇيلِي ڏاٽو، گهرن ۾ ننڍڙي صندليءَ تي لڳل، ڀاڄي وغيره ڇِلِڻ ۽ ڪٽِڻ ۾ به ڪم ايندو آهي؛ پر گهڻي ڀاڱي سنڌي ماڻهو گهرن ۾ گهٽ ڪم آڻيندا آهن. مٿيان چارئي نمونا ته فصل جي لاباري يا گاهه ڪرڻ ۾ ڪم ايندا آهن، ليڪن ’ڇيلِي ڏاٽو‘ ڪمند جي ڇِلَ ۾ ڪم آندو ويندو آهي. سڌي مُٺئي وارو ڳن، جنھن جي ڇيڙي ۾ ٻه مُڇُون هجن، سو پوري سنڌ ۾ وڌيڪ ٺاهيو ويندو آهي.

ڏاٽي ۾ لوهر جو ڪم ڪافي ڪٺن ۽ گِھِلَ وارو آهي. لوهه جي ٽڪڙي کي، کوريءَ ۾ وجهي، پھريائين ته ڌنوَڻ جي لڪڙي کي هيٺ مٿي لوڏي، ڦوڪا ڏياريندو، جڏهن ٽانڊن جي تَوَ تي، لوهه ڳاڙهو باهه ٿي ويندو ته اَنبوريءَ سان پڪڙي، کڻي سانداڻ تي رکندس. انبورِيءَ سان اهڙي ته پڪڙ ۾ رکندس، جو مجال آهي جو هٿوڙي جي ڌڪ سان هيڏانھن هوڏانھن چُري. نه رڳو هٿوڙي سان پاڻ ڌڪ هڻندس، بلڪ وڏاڻِي به مٿان وڏاڻُ جهليون بيٺو هوندو. هڪ ڌڪُ لوهر جو ته هڪ ڌُڪ وڏاڻِيءَ جو. ان وچ ۾ لوهر، انبوريءَ جي لوڏي واريون ميڇُون به اهڙيون ڏيندو جو وڏاڻِي به لوهر جي ميڇ پٽاندر ٻِٽُ پيو ايندو ۽ ڌڪُ ڌڪُ سنڀالي هڻندو. ايئن نه ٿيندو ته بي سُرو ڌَڪُ لڳي ۽ سڄو ڪم ئي ڌوڙ! ايئن پيو کوريءَ جي وچ ۾ ڏيندس ۽ سنداڻ تي پيو ڪٽيندس، جيستائين وڃي ڏاٽي جو ڦَرُ ٺھي. ڦَرُ ٺاهڻ کان پوءِ ڳن واري پاسي کان ٿورو موڙ به ڏيندس ۽ ڌڪ هڻي چپترو به ڪندس ته جيئن ان جا وڌيل پاسا، مُٺئي تي ورائي سگهجن. تيار ٿيڻ بعد ان کي پاڻيءَ جي چَٽَ ڏيندو، جنھن سان ڌارَ ڏاڍي ۽ ڪڙڪ ٿي پوندي، مُڏي نه ٿيندي.  ڦَرُ کي مٺيي سان ملائڻ لاءِ، ان ۾ ٻه ٽنگ ڪڍيا ويندا آهن، جنھن ۾ هٿراديون نرم لوهه جون ڪِليُون وجهي، ڌڪ هڻي سوگهو ڪيو ويندو آهي. مُٺيي جي هڪ پاسي ڦَر لڳندو، ته ٻئي پاسي لوهي پٽي پنج ڪنڊي ڪٽي، اڳواٽ هنئي ويندي آهي، ته جيئن ڪاٺ واري پاسي لڳل ڪليون ٿِڙن نه! ان کان پوءِ رواتِ يا سِراڻ تي لائي، انبوريءَ سان رکبس ڪِلي يا ٽيانگهي تي، ته جيئن ڏندا ڪڍجن. ڏندا جنھن ڪَٽاريءَ سان ڪڍندا آهن، تنھن کي ’ڪَنَئه‘ ٿو چئجي. ڪَنَئه سان ڏاٽي جي مٺئي واري پاسي کان لاڳيتو ويندو ڏندا ڪڍندو، وري ابتو ڪري چھنب واري پاسي کان وري ٻيھر ابتا ڏندا ڪڍندو ايندو، ايئن ڏندن لاءِ اوٽ موٽ ايندو. ايئن ڪرڻ سان ڏاٽي جا ڏندا اڳتي پوئتي ٿي بيھندا. اهو ان لاءِ ته جڏهن ڏاٽو وهائجي، ته هر رهڙ سان گاهه يا فصل سَولائيءَ سان لُڻي سگهجي. هاڻي ته ڪَنَئه جي جڳھه تي مشينريءَ ۾ اهڙي ته چڪري نڪري پئي آهي، جو ڏاٽي جي هڪ پاسي گهماءِ ته هڪ پاسي ڏندا نڪري ٿا اچن، ايئن وري ٻئي پاسي گهماءِ ته ٻئي پاسي ڏندا نڪري اچن. ايئن اوٽ موٽ وارن ڏندن سان ڏاٽو تيار!

ڏاٽي جي پوري بيھڪ کان پوءِ، جو زمين تي رکبس ته ان جو ڦر هيٺ سمهيل بيھندو، جڏهن ته مُٺيو پنھنجو ڪَر کڻي بيھندو، جتان کڻي هٿ وجهجيس. يعني بيھڪ ۾ ڦَر سمهيل هوندو ۽ ڦر ڊُونڊو ٿي بيھندو

ڪي ته اهڙا هنرمند لوهر به هوندا آهن، جيڪي ڏاٽي جي بيھڪ اهڙي ته گهڙيندا آهن، جو چاقوءَ وانگر، ڦَر کي کڻي ويڙهي اندر ڪري وٺجي ۽ ڪم وقت سَٽَ ڏيئي ڦَر کي ٻاهر ڪڍي وٺجي. ان ۾ اهو بچاءُ رکيو ويندو آهي ته گهر ۾ ڪو ٻار ٻچو ان سان ڪا کيچل ڪري، پاڻ کي يا ٻئي کي ڪو جسماني وَڍُ نه ڏيئي وجهي! ان جي بيھڪ ايئن ڪندا آهن ته ڏاٽي جي ڦر جي اندرئين پاسي کي پلوَن بجاءِ سڌي پٽي بيھاريندا آهن ۽ ان ۾ ٻه ٽنگ ڪڍي، هڪ ٽنگ کي اندرئين پاسي چير ڏيئي، کولي رکندا آهن، ته جيئن سَٽَ سان ڪِليءَ مان نڪري اچي. ان جي مُٺيي ۾ پھرين پنج ڪنڊو پٽرُ هڻي، ٻئي پاسي ڦَر رکي، ڦر جي مٿان ٽيڪ لاءِ ٻي زبري پٽي ڏيئي ۽ ڪِليُن سان بند ڪيو ويندو آهي. ڦر جو هڪڙو ٽُنگ اندران کليل هوندو آهي، جو ڦر کي اندر ڦيرائبو ته اهو وَرُ کائي ايندو. اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي، ته ان سان ٻار ٻچي جو بچاءُ ٿئي ٿو. گهڻو ڪري هاري ناري، ڏاٽي جي نوڪ کي ڀت جي ڪنھن پاسي هڻي رکندا آهن ته جيئن ڏاٽو سنڀاليل هجي، پر ٻارُ ته ٻارُ آهي، کيچل کان ڪٿي مڙندو، ان لاءِ هنرمندن مٿئين نموني جو به ويڙهجندڙ ڏاٽو بيھاريو آهي.

مشيني دور هوندي به ٻني ٻاري ۾ ٿوري گهڻي ڪم ڪار لاءِ پيو ڪم ايندو آهي. هاري ناري ته ڪم آڻي ئي آڻي، پر باغائي به باغ ۾ گُڏَ ۽ ڇانگَ ويري ڏاٽو ساڻ ضرور رکندو. ڪنھن ٻوٽي جي ٽاري هروڀرو ڏسڻ ۾ پئي اچي، ڪنھن گل واري ٻوٽي جون ڏانڊيون اجايون پيو لڳن ته ڏاٽي سان ڇانگ ڪري وٺندو. ڇٻر وڌي ويئي آهي، جتي مشين نه ٿي گهمي سگهي، ته ڇٻر جون وٽيون پاسا ڏاٽي سان ئي وٺبيون آهن. ڪا ڇٻَر ايتري وڌي ويئي آهي، جتي مشين آسانيءَ سان نه ٿي هلي سگهي، ته پھرين ڇٻر کي ڏاٽو ڏيکاري، ان کان پوءِ مشين گهمائي ويندي. مطلب ته ڏاٽي جو ڪم آهي ئي آهي.

ڏاٽي وهائڻ ۾ به هٿَ هٿَ جو الڳ ڀيرُ ٿئي ٿو. ساڄڙيل، جيڪو ڏاٽو وهائيندو، ته ڏاٽي جي ڦَرُ جي ڌارَ، کاٻي پاسي هوندي ۽ ان جي مُٺِ جي لُڻَ، ساڄي کان کاٻي پاسي رهندي، جڏهن ته کاٻڙيلَ جي هٿ ۾ ڏاٽي جي ڦَر جو منھُن ساڄي پاسي هوندو ۽ سندس مُٺ جي لُڻ، کاٻي کان ساڄي ڦرندي. اهي ماڻهوءَ جي سڀاويڪ لڻائيءَ جا ڍنگ آهن ۽ ايئن پورهيت جا هٿ چيو ڪندا آهن.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿري لوڪ گيت ’همرچو‘ (همراهه اچو) به لاباري وقت يا ٻني ٻاري جي پوکيءَ ۾، مٽن مائٽن، سنگت ساٿ کي همراهيءَ لاءِ سڏُ آهي ته پنھنجا ڏاٽا يا ٻيا هَٿَڻ کڻي اچي، لاباري يا پوکيءَ ۾ همٿ ڪرايو. هيءُ لوڪ گيت، لاباري جي ونگار سان وڌيڪ سلهاڙيل آهي ۽ ان ويل گهڻو ڳاتو ويندو آهي.

ڏاٽو پورهيت لڏي، يعني هاري ناريءَ جو دل گهريو هٿَڻ آهي. اهو ايترو ته ڪم وارو ۽ هاڪارو آهي، جو شاعر به ان جي پچار کان سواءِ پنھنجي شاعري اڌوري سمجهندو آهي. ڏاٽو ڪنھن به قوم جي خوشحاليءَ جو ڪارڻ سڏيو ويو آهي. ان ڏِس ۾ شيخ اياز چيو آهي:

سڄو ڏيھه ڏاٽا ڪري جي اُڀا،

لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.

سنڌي اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ڏاٽي جو استعمال گهڻو ملي ٿو، جيئن:

• ٻاراڻيون سادي ۽ ڌَمڪي پروليون:

• گهر گهر ۾ ڪُٻو چورُ. (ڀڃڻي: ڏاٽو)

• اڌ ڪاٺ جو اڌ لوهه جو، جيڪو نه ڀڃي پُٽُ ڳوههَ جو. (ڀڃڻي: ڏاٽو)

• سگهڙن جا ٻول:

• ڪوڏر بنا کاٽي کڻي، بنا ڏاٽي هڻي لاڻي، سٿ ويٺي سمهي رهي، نيچو وهي اونچو تري، اڻ ڏٺي ڏي اوڳاهي، اهي پنج ئي گهوچائِي. (ڪوڏر بنا کاٽي کڻڻ، ڏاٽي بنا لابارو ڪرڻ، سنگت ويٺي سمهي پوڻ، ننڍي پاڻيءَ ۾ اوڀارو ترڻ، اڻ ڏٺِي شاهدي ڏيڻ، پنج ئي بيوقوفيءَ جا ڪم آهن)

• اصطلاح:

• ڏاٽو وِجهڻ (محبتن ۾ قط وجهڻ- سخت ڳالهائڻ- پاڙون پٽڻ)

• ڏاٽو ڦيرڻ (ڪم اڪلائڻ)

• ورجيس/ محاورو

ڏاٽي جو طوھريَل (اڻ سڌريل- بي افعالو- ناسمجهه)

• پھاڪا ۽ چوڻيون:

• ڄاٽا، ابتا ڏاٽا (نياڻَن جي کوهه پٽ ڏکي آهي)

• ڄاٽا، ابتا ڏاٽا، هتي کائي اُڦراٽا، هُتي وڃي ڦاٽا. (پرائو مال کائڻ سولو، پر هضم ڪرڻ ڏکيو)

• لائي لائي، ڏاٽِي وڃائِي. (هروقت شيءِ جي اُگهَه به ان جي چمڪ وڃائي ڇڏيندي)

• ڏُکِيءَ ڏاٽو هٿ ۾، مٿس ڀاڻَ ڀَرِي. (هڪ اڳيئي ڪمزور، وري زندگيءَ جا ڏک به گهڻا)

• فصل رنگ مَٽي ته ڏاٽو وجهوس، سنگت رنگ مَٽي ته هٿ ڪڍوس. (وقت سان دنيا جي رخن کي سمجهڻ گهرجي)

• ڏاٽي وَرُ هڪڙو، ڄاٽي وَرَ ويھَه، شل نه ڄمي ڌيءَ، جو ڏجي پرائي پٽ کي. (ڄاٽي/ نياڻي کي نياڻِي ڏيئي، خيال ڪجي ٿو، پر جڏهن اهي پنھنجي ننگ جو خيال نه ٿا ڪن، ته ڏک ٿئي ٿو.)

• ڏانٽي وڪئي، ڏاڊ نه لھندي. (ڏاڊ = بک. وڪڻڻ سان هَڙَ هلي ويندي آهي، پر محنت وارو سدائين خوشحال رهندو آهي)

1 comment: