پِنڊِي/ دَٻڪِي
سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
پِنڊِي/
دَٻڪِي هڪ اهڙِي گول ۽ تراکڙي وَٿُ آهي، جيڪا سنڌ جي رنگين سماج جي سڃاڻپ سڏجي ٿي.
کجيءَ جي ڪچن ڦرهن مان ٺھندي ته به پئي چمڪندي، ڪڻڪ جي تِيلين مان جڙندي، ته به
پئي ٻھڪندي، پيش مان تيار ٿيندي، ته به سھڻي ڏِکَ پئي ڏيندي. وري جو پاسن جي وَٽ
سان پٽَ، ريشم يا ڪشميري جا ٽَونر لڳندا ته ويٺو ڏس!
سنڌي
سڀيتا ۾ ڪيئي رنگين وٿُون آهن، جيڪي قوم جي سڃاڻپ آهن، جھڙوڪ: اجرڪ، رلهي، وڃڻو،
پنڊيون، ڪاشيءَ جون اُڪريَل سِرُون ۽ ٻيون وَٿُون، جنڊيءَ جا رنگ يا کائڻ جي شين
جا رنگ وغيره. مطلب ته رنگ به سڀيتا ۾ رنگ ڀريندا آهن. وري جي رنگ، بدلجي رڱ ٿي وڃي
ته اهڙا پڪا پختا رهندا، جو ڪو ميٽي ئي نه سگهي. ڪافي ڏهاڙن ۾ رنگن ۽ روشنين جو ڏيک،
سڀيتا جو ڀاڱو سمجهيو ويو آهي. انهن رنگن مان سنڌي سڀيتا جي تونگري پسي سگهجي ٿي.
پِنڊِي به جڏهن پوري ٺھي ويندي آهي، ته جيستائين ان ۾ رنگ برنگي ٽَونر نه وڌا
ويندا، تيستائين ٻُسي به لڳندي ۽ ٻاهر به نه ڪڍبو. ڪي سگهڙ زائفون نيون پنڊيون، لڪائي
رکنديون آهن، پوءِ جڏهن مھمان مڙهو ايندو ته اهي نڪرنديون ۽ مانيءَ جي سونھن بڻبيون.
ڪي پري جون مايون آيون ته سوکڙي ڪري گهٽ ۾ گهٽ ٻه پنڊيون اوَس ڪڍي ڏبيون. اهو سوکڙي
ڪري، ڏيڻ وٺڻ هڪ سماجي رواج رهيو آهي.
سنڌ
۾ طبعي خطن آهر، پنڊيءَ جا الڳ الڳ نالا آهن، جيئن: دَٻَڪِي، ڇَٻِي، ڇاٻَ وغيره.
ايئن ئي هٿ هٿ جو فرق ٿئي ٿو. پنڊو/ ڇٻو، پنڊيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مانيون رکڻ لاءِ ڏونگهو ۽ مٿي وڌيل وَٿُ ٿئي ٿي،
جنھن ۾ ويھه کان ٽيھه مانيون رکي، ڍَڪُ ڏيئي ڇڏبو آهي؛ پنڊيءَ جو ڍَڪُ به ساڳئي ڦرهي
مان ٺھندو آهي. عام طور جوڳي فقير به اهڙي پنڊي ۾ نانگ ۽ بلا رکي، مرليون وڄائي،
گذر سفر ڪندا آهن. ان قسم جون وٿُون پوري دنيا ۾ ٺھن ٿيون، ليڪن خطي خطي جي هٿَ جو
فرق ۽ وڻن ٻوٽن جي ڦرهن جا فرق رهن ٿا. اهڙيون وَٿُون ڏسي، اندازو ڪري وٺبو آهي ته
هيءَ وٿَ ڪھڙي خطي سان لاڳاپيل آهي.
ٻوليءَ
جي عينڪ سان ڏسجي ته پنڊو/ ڇَٻو، هڪ وڏي ۽ اڀي، کجيءَ جي ڦرهن يا تيليُن مان ٺھيل ٿانوَ
کي ٿو چئجي. پنڊي/ ڇَٻِي ان جو اسم تصغير آهي. ايئن ئي ’دٻَڪي‘ پنڊِيءَ کي ٿو
چئجي، جڏهن ته ان جو اسم تصغير ’دَٻَڪُ‘ ٿئي ٿو، يعني ننڍي دَٻڪي يا پنڊي.
ٻيڙين
جا ٻاڌا، جنھن ڇٻيءَ ۾ تماڪ ۽ پاسي ۾ ڪُٽيل ۽ ڪَٽيل پَن رکي، ٻِيڙيُون ٻَڌن، ان کي
’ڇٻو‘ يا ’ڇاٻَ‘ چوندا آهن، ان جي بيھڪ تري کان ڪَنن تائين گولائيءَ سان هوندي
آهي. مانيءَ جا ٿھا جنھن ۾ رکجن، تنھن کي به ’مانيءَ جو پنڊو‘ چئجي ٿو. باقي جنھن
۾ جوڳي فقير، نانگ وجهي گهمائيندا آهن، تنھن کي ’ٽٻڻو‘ چئبو آهي. ڇاٻَ، ڇولن وارو
به ڪم آڻيندو آهي، جنھن ۾ اوٻاريل ڇولا، مٿان بصرن ۽ چماٽَن جي ڪَچُوبَر، ليمي جا
اڌڙ ۽ شيشِيءَ ۾ لوڻ مرچ، مٿان ٻُجيءَ ۾ ٽي چار ٽنگڙا، ۽ پاسي ۾ پَنن جا ٽڪرا، جڏهن پني تي ڇولا وجهي، ٿوري ڪچوبر رکي،
مٿان لوڻ مرچ جي ڇنڊَ ڏيئي، ليمي جي مھٽي سان ڦڙا ڇڻڪاري، ڇنڊڪو ڏيئي، ڏيندو ته دل چوندي ته وري وري
کائجن. محرابپور ۾ پريي خاصخيليءَ جا ڇولا مشھور هوندا هئا. ڪچڙي سانجهيءَ، هوڪا ڏيندو
ايندو هئو، هٿ ۽ ڪلهي تي گڏيل رکيل ’ڇَٻو‘، ان جو گهٽيءَ ۾ اچڻ ۽ هوڪا ڏيڻ اڄ به
گونجندا آهن.
اتر
جي ڪن علائقن ۾ پنڊِي يا دٻڪيءَ کي ’ڇَٻِي‘ به چوندا آهن، پر ساهتي پرڳڻي يا آسپاس
جي علائقي ۾’ڇٻِي‘، کَجيءَ جي ڦرهن مان ٺھيل اهڙي وَٿ کي چئبو آهي، جيڪا ڳوٿريءَ
نما، مستطيل ٽوڪري ٺھيل هجي ۽ ان جي مٿين ڪَنن جي ٻنهي ويڪرن پاسن کان کجيءَ جي ڦرهن
جا ئي، هٿ وجهڻ لاءِ ٻه ڪڙا هجن. اڳي ماڻهو جڏهن شھر ۾ خريداريءَ لاءِ ويندا هئا،
خاص طور ڀاڄي ڀُتي وٺڻ لاءِ ته اها سکڻي ’ڇٻِي‘ ساڻ هوندي هئي، ان ۾ ڀاڄي ڀتي يا ڪو
سامان سَڙو وٺي اچبو هئو. هاڻي ته پلاسٽڪ شاپرن سھولت ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ اهڙين ڇٻيُن
جي گهرج ئي نه رهي. ان پلاسٽڪ شاپرن ڪھڙا هاڃا ڪيا آهن، يا اها ردي ٿيل شاپر کي
گهرن گهٽين مان ڪيئن ناس ڪجي، اهو ئي اسان جي مٿي وڏو مامرو ٿي ويو آهي.
مون
کي ياد آهي ته بابا سائينءَ جي نوڪري سدائين ٻاهر، پوءِ جڏهن ڳوٺ ايندو هو، ته آچر
جي ڏهاڙي، چڱي چوکي ڀاڄي وٺڻ لاءِ، اها ’ڇَٻِي‘ کڻبي هئي، مان سندس پويان گسڪ گسڪ ڪري
هلندو هيس. اها سکڻي ڇٻي مون کي هٿ ۾ هوندي هئي، پوءِ گوشت، مڇي يا سائي ڀاڄي وٺي
موٽبو هئو. گهڻي بار سبب، پيو هٿُ مٽائيندو هيم، بابا اڳيان، مان پويان! پاڙي ۾
گهر سامهون هڪ هندستاني پوڙهي مائي هوندي هئي، جيڪا اڪثر ڪري حال پڇندي هئي ته ’ڪالا،
تڪڙا سي؟‘ (ڪارا، طبيعت ڪيئن اٿئي؟). ڳالهه ڪريان ته گهر ۾ مون کي ڪارو سڏيندا هئا
۽ اخلاق کي ڀُورُو. مون کي ’ڪارو‘ لفظ تي الائي ڇو، چِڙَ ايندي هئي. بابا سائين ان
ڳالهه تي مسڪرائيندو هئو، ۽ ان پوڙهيءَ کي ڀوڳن ۾ واراڻيندو هئو، ’ڪالا، هونئن ته
تڪڙا سي، پر هلڻ ۾ ڍرا سي!‘ هاهاها. ظاهر آهي، منھنجي ڄمار ڇھن کان ست ورهيه ۽ ڇٻيءَ
جو وزن پنجن کان ڇهه سيرَ، هلڻ ۾ ته ڍرائي ٿيندي.
ٿيلها
يا بيگون ساڻ کڻڻ جو رواج پوءِ پيو، نه ته ماڻهو سفر تي نڪرندو هئو، ته ڇَٻيون ساڻ
کڻندو هئو. ڪپڙو لٽو ٿيو، انگوڇو پوتڙو ٿيو، تيل تماڪ ٿيو، ڦڻي ميٽُ ٿيو، مطلب ته
سفر جو سمر ساڻ کڻي سگهبو هئو. اهي ڇَٻيُون اهڙيون ته هونديون هئيون جو ان جي مٿان
ساڳئي نموني جو مستطيل ڍَڪ به وجهبو هئو. هاڻي ته ٿيلهن ۽ بيگن جو رواج نڪري پيو،
ته وقت سان اسان پنھنجا منھن ۽ مزاج به مٽي
ڇڏيا. وري اهڙو وقت به ايندو ته اسان اهڙن
هٿن لاءِ سڪنداسين، جن سان اهڙيون وَٿُون جوڙي سگهجن.
کجيءَ
جي ڦرهن مان ٺھيل ’ڇَلِي‘ يا ’ڇَلَ‘ وري گهڻي ويڪري ۽ هيٺان کان وٺي مٿي تائين
گولائيءَ واري جهولَ ٿيندي اٿس، ان کي مٿان ڪڙا هوندا آهن. گهڻي ڀاڱي ديڳين پچائڻ
لاءِ، چانور پسائي، بعد ۾ ڇَلِيءَ ۾ وجهي، ان جو پاڻي ڪڍبو ۽ مٿان ٻيو پاڻي هاري،
چانور ڌوئبو هئو؛ هاڻي اهو ڪم اَنگوڇي کان ورتو وڃي ٿو. ڇَلَ/ ڇَلِي، اهڙي وَٿُ ٿئي
ٿي، جنھن ۾ چانور وغيره ڌوئجي ۽ پاڻي ڇاڻجي، پوءِ ٿيندو ايئن آهي ته ان مان پاڻي
پيو ڳڙندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ’پگهر ۾ ڇَل ٿيڻ‘ به ان سان ڀيٽ ڏني
ويندي آهي.
ٻاليشاهي
به گهڻي ڀاڱي گند يا ڪرفٽي کڻڻ لاءِ اها ’ڇَلِي‘ ڪم آڻيندا هئا. مون پنھنجي سانڀر
۾ محرابپور جا ٻاليشاهي، سکرام ۽ مِٺو شڪاري يا سندس گهر ڀاتي گهر جو گند ڪچرو يا
پُئيءَ جي چُلهن ۾ پيل ڪرفٽي کڻندا هئا ۽ وڃي کڏن جي وٽِن سان اڇلائيند هئا. پوءِ
زندگيءَ جا رواج مٽجي ويا ۽ سڀڪو ماڻهو جديد ٿيڻ لڳو. ايئن ئي انهن شِڪارين/ ڀَنگين
جي گهرج به نه رهي.
دور
پيا مٽجن پر ڪنھن وَٿُ جي گهرج ته ساڳي رهندي. هيءَ گول ماني رکي کائڻ واري وَٿُ
آهي. جيتري مانيءَ جي ماپ هوندي آهي، ان کان پنڊِيءَ جي ماپ سوائي رکي ويندي آهي
ته جيئن ماني، پنڊيءَ جي اندر رهي، ۽ جيڪڏهن ان کي ٻي پنڊيءَ سان ڍڪجي ته ماني
اندر ڍڪجي وڃي.
ماني
جڏهن ڪوسي ڪوسي هوندي آهي، ته ان مان ٻاڦ به نڪرندي آهي. ڪي ساڃھوند چوندا آهن ته
مانيءَ مان اها ٻاڦ نڪري وڃي ۽ ماني پنھنجي ماٺار ۾ اچي ته پوءِ کائجي. ان سان ماڻهوءَ
جي معدي جا مسئلا نه ٿيندا. هيءَ هڪڙي هيرَ ٿي ٿي وڃي، جو ڪوسي ڪوسي مانيءَ کان
سواءِ ماڻهوءَ کان ٺريل ماني ڳسجندي ئي ڪونه!اها سچ ته تندرستيءَ لاءِ ڀلي ڳالهه
ناهي.
اڳيان
ماڻهو، مانيءَ کي پنڊيءَ/ دٻڪيءَ ۾ ڪپڙي کان سواءِ رکندا هئا، ته جيئن مانيءَ جي ٻاڦ
نڪري وڃي، ان لاءِ پنڊيءَ يا دٻڪيءَ ۾ مانيءَ کي رکي ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ مِٺي ماني ڪري
(بُک لڳي ته پوءِ) کائيندا هئا. هاڻي ان مانيءَ کي ڪپڙي ۾ ويڙهي، اهڙي ٿانوَ (هاٽ
پاٽ) ۾ دَٻُ ڪري رکندا جو نه ته ڪا هوا اندر وڃي، نه وري ان جي ٻاڦ ٻاهر وڃي. ان
سان ماني پگهرجي وڃي ٿي، جيڪا صحت لاءِ ڀلي ناهي. اڳيان ماڻهو ته ان مانيءَ جي ٻاڦ
ڪڍڻ لاءِ، مانيءَ کي ٽانڊن تي سيڪيندا هئا، جيڪا کائڻ ۾ ٿوري ڪڙڪ ٿي پوندي آهي ۽
ماني به پگهريل نه رهندي. اهو ڍنگ صحت لاءِ ڏاڍو ڀلو آهي. ماڻهو به هَڙسجو رهندو ۽
بيمارين بڙين کان به بچيو رهندو.
پراڻي
وقت ۾ جڏهن ٺڪر جا ٿانوَ گهڻا ڪم آڻبا هئا، ته هر گهر ۾ پاٽِ هوندي هئي، زائفون
ماني پچائي، پنڊي ۾ وجهنديون هئيون، جي پنڊو نه هوندو ته پنڊين ۾ رکي، پاٽ هيٺان ڏيئي
ڇڏينديون هئيون. ان سان ماني هڪ ته پگهربي ڪونه هئي، ٻيو ته کائڻ جوڳي، تازي تواني
رهندي هئي. وس ڪجي ته ماني پگهرجي نه، ان سان مانيءَ جو سواد ئي نڪري ٿو وڃي. ان
صورت ۾ پنڊِي يا دٻڪي اهڙي وَٿُ آهي جو مانيءَ کي تازي رکندي ۽ اها ويلي ٽرڻ کان
پوءِ به کائڻ جوڳي رهندي.
ڳوٺن
۾ ته کجيءَ يا تيلين جون پنڊيون/ دٻڪيون ڪم اچن ٿيون، پر شھرن ۾ به ڪم آڻجن ٿيون.
ايترو ضرور آهي ته شھري ماڻهو بس مڙيئي وقت کي ڌڪو ٿو ڏيئي. هن لاءِ جھڙي به هجي، ڪم
هلي ويندو، کجي جي ڦرهن جي هجي، پِيش جي هجي، ڪڻڪ جي تيلين جي هُجي، پلاسٽڪ جي
هجي، اسٽيل جي پليٽ هجي، پلاسٽڪ جي پليٽ هجي، پلاسٽڪ جي مٿان ڪپڙو، ٽِشُو يا اخبار
هجي، جيڪا آئي، منھن نه گهنجائيندو. شھري ماڻهو ته ماني به اڇي رنگ واري اسپيشل اٽي
جيءَ کي پسند ڪندو. سچ ته هن کي مانيءَ جي کائڻ واري چَس جو پتو ئي ناهي، بس ڀاڄين
۾ مسالا هجن، چماٽا پيل هجن، ڏهي پيل هجي، ڀرسان ڪيچ-اپ رکيو هجي ۽ اهڙو ٻيو ڪجهه،
ماني وڏي ذوق سان کائي اٿندو. ڀاڄي مانيءَ ۾ جيڪڏهن ماني ديسي اٽي جي ناهي ته سندس
جسماني ضرورت به پوري نه ٿيندي. تڏهن ته عام چيو ويندو آهي ته ’اَنَ جھڙو ڪو ٻيو
ميوو آهي ئي ڪونه!‘ يعني ديسي اٽي ۾ اهي سڀ جسماني قوتون موجود آهن، جيڪي جسم کي
گهربل آهن.
وري
جي اها ديسي اٽي واري ماني هجي، ۽ پنڊيُن ۾ رکيل هجي، ته ڏسندي ئي دل کي بھاري ٿي
وڃي ٿي. شھرن جون مانيون به کاڌيون آهن، پر جڏهن ڳوٺاڻن جي ديسي ۽ سادي سودي ماني
کائبي آهي، سچ ته ان جو سواد لفظن ۾ بيان ئي نه ٿو ڪري سگهجي. سو سچ ته اهو آهي،
ان ديسي مانيءَ کي وڌيڪ تازي رکڻ لاءِ ۽ کائڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ ديسي پنڊيءَ جي گهرج
آهي. سلجهيل شھري يا ڪوڏيا ماڻهو، هاڻي به ديسي پنڊين/ دٻڪيُن کي گهَر جِي سونھن بڻائيندا
آهن. باقي جن ماڻهن هوٽلن جي ماني کائي ڏٺي آهي، تن کي شايد هن جي گُڻن جو پتو نه
هجي.
سڀ
کان پھرين زائفون، ڪڻڪ جي لاباري وقت، تيلين جي ڌُوڻَ (چونڊ) ڪنديون. جيڪي تيليون ڀليون
لڳندن، سي وينديون ميڙينديون. جن تيلَن مان تيليون نه نڪري سگهنديون، يا ننڍيون نڪرنديون،
انهن کي هٿ ئي نه لائينديون. اهڙن تيلن کي کڻنديون، جنھن مان گهٽ ۾ گهٽ فوٽ سوا، ڀلي
تيلي نڪري سگهي. سنگ جي تِيلي مان هڪ ئي ڪم جي تِيلي نڪري سگهندي آهي. جڏهن گهر
اچي انهن جِي سوءَ ڪنديون ته ڪي تِيليون سنهيون نڪرنديون ته ڪي ٿلهيون، ڪي وري وچٿريون
نڪرنديون. يعني انهن تيلَن مان ٽن جنسن جون تِيليون نڪرينديون. سنهين ۽ ٿلهين
تيليُن مان ته پنڊيون/ دٻڪيون ٺھنديون، باقي وچٿريون وري تيلين جي مُوڙي کي يا ٽَونرن
جي ٻَڌ ۾ ڪم اينديون. اهي هونديون ته ڏاڍيون آهن، پر انهن مان پنڊي نه ٺھندي. پنڊي
رڳو سنھين ۽ ٿلهين تيلين مان ٺھندي.
تيلين
جي ڌُوڻَ الڳ الڳ ڪڻڪن جي قسمن مان ٿي
سگهندي آھي، پوءِ انهن جي تيليُن جي سڃاڻپ به الڳ رهي ٿي. سنڌي ڪڻڪ جيڪا ڊگهي قد
واري ٿئي ٿي، ان جي تيلي به ڊگهي ۽ چمڪدار ٿيندي آهي. ان مان ٺھيل پنڊي سگهاري ۽ ٺاهوڪي
ٿئي ٿي.
سنهي
تيليءَ جي دٻڪيءَ ۾ ڀِيچ گهڻي ايندي آهي، ۽ گهاٽي يا سگهي به رهندي، ان لاءِ اها
سونھن سوڀيا توڻي پختگيءَ ۾ ڀلي ليکي ويندي آهي. ان ۾ وقت جو سِيڙاءُ به گهڻو ٿئي ٿو،
ان لاءِ اگهه به ڪَرڙو هوندس. ظاهر آهي ته جھڙي وٿُ تھڙي مٺائي. سنهي تِيليءَ جي
پنڊِي/ دٻڪي ڪوڏيا ماڻهو ئي ڳنھندا آهن، باقي عام ماڻهوءَ لاءِ سڀ پنڊيون/ دٻڪيون
برابر آهن. ٿلهي تيليءَ جي پنڊِي، سھڻي ۽ چمڪيلي به ٿيندي، پر گهٽ سگهي هجڻ سبب،
ايتري ساڳائي نه سگهندي، سگهو ئي چُڙي ويندي آهي. ان لاءِ ان جو اگهه به پورو سارو
هوندو آهي.
پنڊِيءَ/
دٻڪيءَ لاء پھريان تِيليُن کي ڀڄائڻو پوندو آھي. اَٺ- ڏهه منٽ پاڻيءَ ۾ پسائي، ان
جي رنگت به ڏسبي رهبي، ته متان گهڻي وقت سبب، ڪاراٽجي وڃن! ان کان پوءِ پسايَل
تِيليُن کي ڪنھن ڪپڙي ۾ ويڙهي رکبو ته جيئن ان ۾ هلڪي آلاڻ رهي ۽ اڀوڳيُون نه ٿين.
پنڊِي/
دٻڪِي ٺاھڻ لاء پھرين، سنھي ٽِڪَ ٻڌبي آهي. ان لاءِ ايئن ڪبو جو هڪ تيلي کڻبي،
جنھن کي اڌ کان موڙي، هڪٻئي ۾ نوڙيءَ جيان وٽُ ڏيئي، ٽِڪَ ٻڌڻ لاءِ ڏيڍ انچ کن وٽيل
تيلي بيھاربي، باقي تيليءَ جا پُڇَڙَ ڇڏي ڏبا. وٽيل تيليءَ کي ٽِڪَ ٻڌڻ لاءِ موڙي
گول ڪبو، ۽ ان جي مڙيل ڇيڙي جي مُنھن مان تيليءَ جو هڪ پڇڙ ٽپائي، ٻي تيليءَ کي وٽُ
ڏبو ته گولڙي ٺھي بيھندي. ان گولڙيءَ جي وچ مان ٻي تيلي ٽپائي، هڪ ڇيڙو ٻين ٻن
تيلين سان ملائبو ۽ ان جي ٻئي ڀاڱي کي ٽِڪَ جي اندران ڦيرا ڏيئي، وري اچي ٽڪ کان ٻاهر
ڇڏيل تِيلين کي ڦيرو ڏبو، ايئن تيليون کڻبيون وڃبيون ۽ تيليءَ جي وچ واري ٽِڪ مان
گذاري، وري پڇڙ نڪتل تيلين کي ڦيرو ڏبو وڃبو. ائين ڪرڻ سان هڪ نموني جي نوڙي ٺھندي
ويندي، جيڪا ان ٽڪَ جي چوڌاري، هڪ هڪ تيلي ڪري وڃبي ڦيربي. يعني تيليءَ جي نوڙي به
ٺھندي ويندي ۽ اها ٽڪَ واري پاسي سان ڳنڍبي به ايندي. اهڙا پنج ڇھه ڦيرا ڦرندا
پوءِ جيڪا ٽِڪَ بيھندي ان کي ڪچي ٽِڪَ چئبو. اتي جيڪڏهن گل/ ٽَونر وجهڻا هوندا ته
اهي به لڳائبا وڃبا. ٽَونر لڳائڻ جو طريقو اهو ئي هوندو آهي ته ڏهاڪو کن سڳن کي گَڏي
ڪَٽي، ان جي وچ کي تِيليءَ سان ڳنڍبو ته اهو ٻَڌَ تي ٽڙي پوندو. ڪچي ٽِڪَ کان پوءِ
مٿئين نموني وڃبا ويڙها ڦيرائبا، ايئن پنڊيءَ جو ڇَٽرو ٻڌجي ويندو. ڇٽرو ايترو
بيھاربو جو ان جي گول جو قَطُرُ اٺن کان نوَ انچ بيھي. سنهي تيليءَ جو بند سنهي
تيليءَ سان ئي ڏبو آهي، باقي ٿلهين تيلين واري پنڊي/ دٻڪيءَ ۾ پڇاڙڪو ڦيرو ’وچٿري
تِيلِي‘ سان ڏيندا آهن. هتي جنھن کي وچٿري تِيلي چئجي ٿو، سا ڪافي سگهي ٿيندي آهي،
۽ پنڊيءَ ۾ ڳنڍ ٽوپ جو ڪم به ڪندي آهي. پنڊيءَ جي آخري ڦيري کي ’بندُ‘ چئبو آهي،
جنھن ۾ وچٿري تيليءَ سان گل/ ٽَونر وغيره هنيا ويندا آهن. گهرج آهر سُئي سڳو به ڪم
آڻي سگهبو. تيار ٿيڻ کان پوءِ سُئي سڳي سان ستارا، پشم جا ٽَونر يا شيشا به هنيا
ويندا آهن.
پنڊِي/
دٻڪيءَ ۾ ’چَو دٻڪ‘ پنڊي سھڻي ٿي بيھندي آهي، جنھن جي وچ ۾ گلڪاري وغيره ان لاءِ
نه ڪئي ويندي آهي ته اها پنڊي ڏسڻ ۾ ئي ايڏي ته ٺاهوڪي هوندي آهي، جو ان ۾ گل/ ٽَونر
وجهڻ سان رهندو ان جي سونھن ڍڪجي ويندي. اها گهڻي قدر سنهي تيليءَ مان ٺاهي ويندي
آهي.
ايئن
ئي پِيش يا کجيءَ جي ڦرهن مان ٺاهي ويندي آهي. بس انهن ڦرهن جي ڌُوڻ جو خيال رکيو
ويندو آهي. کجي يا پِيش مان به اهي ڦرها ڪڍبا آهن، جن جون ڪانگِڙيُون يا پَن پَتا ڪچڙا
هجن. اهي ڪچڙيون ڪانگِڙيُون کجي يا پِيشَ جي مٿان وچ ۾ گونچن جيان نڪرنديون آهن،
انهن مان اهي پنڊيون يا پنڊا ٺھندا آهن. ساڳين مان وڃڻا به تيار ٿيندا آهن.
اهي
پنڊيون، پنڊا، ٽٻڻا وغيره، نَر کجين وارين چوٽين جي ’ڪوئِر/ ٻَچ‘ مان ٺھندا آهن.
گهڻي ڀاڱي، خيرپور ۽ سکر ضلعي پاسي کجي جام ٿئي. کجين جي پوکيل باغن کان سواءِ،
جهر جهنگ ۾ پاڻمرادو به نَر کجين جا جُوها (جهڳٽا) پيدا ٿيندا آهن. انهن کجين جي
چوٽين ۾ نوان پن پتا يا ڪانگِڙيون اسرنديون آهن، تن کي ’ڪوئِرُ‘ يا ’ٻَچُ‘ چئبو
آهي. اهي ڪچڙا ڪوئِرَ يا ٻَچَ ڪٽي، انهن ساون ڪچڙن ٻَچَن جي ڦرهن مان پنڊيون يا وڃڻا
ٺھندا آهن. پنڊيءَ جي بناوت ۾ سَرن کي ڪم آندو ويندو آهي.
کجيءَ
جي ڪانگڙيُن ۽ ڪڻڪ جي تِيليُن جي چمڪ دمڪ ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. ڪڻڪ جي تيلين واري بوسڪي
رنگ تي پنڊي/ دٻڪي، سچ ته اکين کي آنند ڪرائي ڇڏيندي آهي. امڙ کي ڏاڍيون پنڊيون
ملنديون هئيون، ڪجهه ڏيڻ وٺڻ لاءِ وڏي پيٽِيءَ ۾ سنڀالي رکندي هئي، ڪجهه وري گهر ۾
ڪم آڻيندي هئي. جڏهن گهر ۾ پنڊي هلي هلي سڻڀي يا ميري ٿيندي هئي ته امڙ انهن کي ڌوئي
اُس تي پاسيري رکي ڇڏيندي هئي. ڌوئڻ سان ٺيڪ ته ٿي ويندي هئي، پر انهن جا ٽَونر ڌنڌلا
ٿي ويندا هئا. بابا سائين، ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳ ۾ چوندو هيس ته پنڊين کي ڌوئي ڌوئي، انهن
جو نُور ئي ڪڍي ڇڏيو اٿئي. امان وراڻيندي هيس ته ’تو وري ڪڏهن ورتيون آهن، جو
دانھن ٿو ڪرين‘. اهڙا ڀوڳ به ابي امان جا ٻڌڻ ۾ ايندا هيا. امڙ، ٿانوَ ٿڦن، ٺڪر جي
ٿانوَن ۽ پنڊين وغيره جو ڏاڍو ڌيان رکندي هئي. ان جي وِيئي کان پوءِ اهي ٿانوَ ٿڦا
ئي ورهائجي ويا.
هيءَ
اهڙي وَٿَ آهي، جيڪا مھمانن ۽ پرين پيارن کي سوکڙي ڪري به ڏني ويندي آهي. تازو ئي ڪاشف
لانگاهه، مون کي ٻه پنڊيون/ دٻڪيون ڏنيون هيون، جنھن جي وچ ۾ ڄاري بيھاريل آهي، ڏاڍيون
سھڻيون ۽ شاندار، سنهين تيليُن جي ٺھيل آهن. هن ٻڌايو ته اهي منھنجي ماءُ ٺاهيون
آهن، مان به کڻي اکين تي رکيون. جن پنڊين/ دٻڪين کي امڙيُن جا هٿ لڳل هجن، ته اهي ڇونه
ساهه سيباڻيون لڳنديون. سلام انهن هٿن کي جن جي پيار ڀريي پورهيي سان اهڙيون
شانائتيون پنڊيون ٺھن ٿيون.
سنڌي
اصطلاحي ٻوليءَ ۾ اهڙن وٿن تي اصطلاح ۽ پھاڪا وغيره به جام ملن ٿا، جن مان پتو پوي
ٿو ته اسان جي سماجي ٻولي به انهن وٿُن مان وڌيڪ شاهوڪار ٿي آهي.
•
اصطلاح:
• پنڊيءَ تي نالو هجڻ (سڃاڻپ هجڻ- گهر ۾ مانُ هجڻ)
• ڪچي پِنڊي هئڻ (ڊڄڻو هئڻ- محتاط هجڻ)
• پنڊيءَ تي ماني رکي کائڻ
(ٺري ويھڻ- سُڪون سان زندگي گذارڻ)
•
پھاڪا ۽ چوڻيون:
• گهر ۾ پنڊيءَ تي نالو نه، ٻاهر چئي: ’آئون گهر ڌڻي‘.
• گُگر گُگر، پنڊا اڙيا. (هڪ ڪم ڪندي، ٻيءَ مصيبت ۾ ڦاسي وڃڻ.)
وضاحت:
ٿر ۾ ٿيندڙ گگراڻ وڻ مان جيڪا کَونر وانگر رَسُ نڪري، اها نڪرندي ئِي، اهڙي ته
لوهه ٿي ويندي آهي، جو پنڊي يا ٿانوَ وغيره مان ڇڏائڻ ڏکي ٿي ويندي آهي.
• ڪامورو آهي، ڪچي پنڊي. (آفيسر ماڻهو، نه گرمي سھي نه سردي. هر هنڌ
پيو احتياط ڪندو)
• جھڙي پنڊي، تھڙي ٿالهي. (بس مڙيئي ڪم ٽپائڻو هوندو آهي- جھڙي ڌوڙ
تھڙي ڇائي)
• مڙس مري ويا، دَٻڪيُون ڇڏي ويا. (مُئي جو مالُ مئي سان. ماڻهو مَري ويو ته ڀاڳ به ساڻ کڻي
ويو)
• مڙس ماڻهو ھليا ويا، پوئتي مانين کائڻ جا چھٻر ڇڏي ويا. (چھٻر =
مانين جو پِنڊو/ کارو. ماڻهو مري ٿو وڃي ته ڀاڳ به کڻي ٿو وڃي)
(هن مضمون ۾ پنڊيءَ جي جڙاوت تي ڪاشف لانگاهه جي همراهي رهي، جڏهن ته اصطلاحي ٻوليءَ ۾ انجنيئر عبدالوهاب جو سٺو ساٿ رهيو، مان سندن ٿورائتو)
مھرباني سائين
ReplyDelete