Showing posts with label ڏِيئو، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون، سنڌي، سڀيتا، اهڃاڻ، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts
Showing posts with label ڏِيئو، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون، سنڌي، سڀيتا، اهڃاڻ، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts

Saturday, September 16, 2023

ڏِيئو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڏِيئو

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



ڏِيئو، ديِپُ، ديپَڪُ (اسم تصغير)، ڏياٽُ، ڏياٽِي (اسم تصغير) وغيره نالن سان سھائو ڪندڙ وٿُون سنڌي سڀيتا جي اهڃاڻن ۾ شامل آهن. ڏِيئو ٻارڻ مان مراد ٻين لاءِ سھائو ڪرڻ- ڪو ڪارنامو سر انجام ڏيڻ- شعوري روشني ڦھلائڻ وغيره. ڏِيئي مان ڏِيئو ٻارڻ روشنيءَ جي سلسلي کي وڌائڻ وغيره. اهڙا کوڙ اصطلاح، محاورا، پھاڪا، چوڻيون ملنديون، جيڪي سماجي زندگيءَ مان اسريون آهن. اهڙا ئي سڀيتائن جا اهڃاڻ هوندا آهن، جن سان ٻولي وڌي ويجهي ٿي. سماجي علمن جھڙا مضمون به اهڙن وٿُن جا محتاج هوندا آهن. ان لاءِ اهڙن وٿُن کي ياد ڪجي، جيڪي اسان جي ٻوليءَ ۾ ته ڪم اچن ٿيون، ليڪن انهن جو سماجي ڪارج گهٽبو ٿو وڃي. شايد اهڙو به وقت اچي جو اسان جو نئون نسل پڇي ته اهو ’ڏِيئو‘ وري ڪھڙي بلا آهي! اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڏِيئو قلمبند آهي، جيئن شاهه لطيف، سر راڻي جي داستان ۾ چيو: