Showing posts with label کانڀاڻي، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون، سنڌي، سڀيتا، اهڃاڻ، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts
Showing posts with label کانڀاڻي، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون، سنڌي، سڀيتا، اهڃاڻ، ڊاڪٽر الطاف جوکيو،. Show all posts

Saturday, September 16, 2023

کانڀاڻي - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

کانڀاڻي

سنڌي سڀيتا جو اهڃاڻ

ڊاڪٽر الطاف جوکيو



اَنَ جي ڪَڻَن جي پوک مان جهارِ هڪلڻ لاءِ جيڪو سِڻِي، سُٽ يا اڳڙين واري نوڙيءَ مان ٺھيل هٿَڻُ ٿئي، ان کي ’کانڀاڻي‘ چئجي ٿو. سنڌ جي طبعي ڀاڱن وانگر جهارِ هَڪلڻ لاءِ مختلف وَٿُون آهن، جن جا نالا به الڳ الڳ آهن، جيئن: ’کانڀاڻي‘، ’گوڦَڻَ‘،’کِٽَ‘،’گهُٻَڻِ‘، ’ٽاٽَ/ تراٽَ‘، ’ٽَنگڙُ/ ٽَنگڙو‘، ’نوڙُ‘ وغيره. ان کان سواءِ جهارِ تَڙڻ جا ٻيا ڍنگ به ٿين ٿا، جيئن: گُليلِي، اوڙو/ مُوئِرو (ڪانوَ تڙو)، ڪاري ڪُني، ڪَليءَ ڪڙ ڪڙ، ڍولڪي، دَٻي وڄت وغيره.