Tuesday, January 1, 2019

ڪھاوتون ڇا ٿيون چون- سنڌيڪار- انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ڪھاوتون ڇا ٿيون چون
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
·      اٽي جو ڏيئو، گھر رک ته کائنس ڪوئا، ٻاھر رک ته کائنس ڪانءَ!
·      چڱو ٿيو جو منھنجي مٽڪي ٽٽي، کير وڪڻڻ کان منھنجي جان ڇٽي.
·      راڻيءَ کي ڪير چوندو؛ آڳو ڍڪ.
اھي ڪھاوتون آھن. فارسي ڳالھائڻ جو شونق ھجي ته پوءِ چئون؛ ضرب الامثال آھن. بس ھڪڙو ڪتاب اسان کي ھٿ لڳي ويو. ڪنھن ڀلي مانس اردوءَ جون معروف ڪھاوتون سھيڙيون آھن. ھڪڙو ڪتاب اسان ڏي به ڏياري موڪليائين. سھيڙيندڙ آھي، محمد خان. انھيءَ ڪتاب کي، ٻن حصن ۾ ورھايو اٿائين. ھڪڙي حصي اھو ڪمال ڏيکاريو اٿائين ته اردوءَ جون جيتريون ڪھاوتون ڪٺي ڪيون اٿائين تن جون نعم البدل ڪھاوتون انگريزي زبان مان کنيون اٿائين. نتيجي طور ھر ادرو ڪھاوت جي سامھون ھڪ انگريزي چوڻي لکي ڇڏي اٿائين. ٻئي حصي ۾، جيڪو گھڻو مفصل آھي، صرف اردو ڪھاوتون قلمبند ڪيون اٿائين. ڪتاب جو نالو رکيو اٿائين، جيڪو اڌ اردوءَ ۾ ۽ اڌ انگريزيءَ ۾ آھي؛


Our Everyday Maxims
اور
اردو کہاوتیں.
موصوف جو ڌنڌو وڪالت آھي. ھيءُ ڪم، شوق طور ڪيو اٿائين ۽ ڇپرايو به پاڻ ئي اٿائين.
اسان انھن ڪھاوتن کي دلچسپيءَ سان پڙھندي پڙھندي، ڪيترين جاين تي اٽڪياسين ۽ سوچيوسين ته؛ اھا ڪھاوت ائين آھي؟ ديباچو بعد ۾ پڙھيو. جنھن ۾ لکيل ھيو؛ ”اڪثر اردو محاورن/ اصطلاحن کي، جتي ممڪن ٿي سگھيو، لفظن جو نئون وڳو اوڍايو آھي، جنھن ۾ لفظن کان وڌيڪ مفھوم کي وسعت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، جيڪا اوھان جي ڌيان جي طالبو آھي.“
بس! انھيءَ بيان، اسان کي بي مزي ڪري ڇڏيو ۽ اھو پھاڪو ياد آيو؛ ٻڪري کير ڏئي، پر ڦولھڙين گاڏڙ. چڱو سڦرو ڪم ڪيو ھيائين، ان کي پاڻ ئي خراب ڪري ڇڏيائين. ڪھاوتن جو معاملو به شعر جھڙو ھوندو آھي. اوھان منجھس پنھنجي پارئون مٽ سٽ ڪندئو ته شعر کي بگاڙي ئي ڇڏيندئو. ڪھاوت سان اوھان ساڳيو سلوڪ روا رکندئو ان جو به ساڳيو حشر ٿيندو.
ڪھاوت پنھنجي زبان، پاڻ سان کنيو اچي ٿي. ڪيتريون ڪھاوتون اھڙيون آھن جن جو بنياد ڪنھن پراڻي رواج تي آھي، يا ڪنھن اھڙي شيءِ يا پيشي جو حوالو آھي، جيڪو اڄ متروڪ آھي مگر تنھن ھوندي به اڄ اھو پنھنجو ميٺاڄ رکي ٿو.
ڪھاوت ڇا آھي؟ بس ھيئن سمجھو ته خلقت جو پورو ھڪڙو تجربو ڪنھن ننڍڙي گھڙيل ۽ رڳڙيل فقري يا ٻول ۾ ماپائي ڇڏجي. وري انھن چند لفظن ۾ ايتري جامعيت ھوندي آھي جو منجھن شعر وارو مزو ۽ ڪنھن ڏاھي ۽ سپورنج جي مُک مان نڪتل قول يا ڏاھپ جي جھلڪ ھوندي آھي. ڪھاوت ڪنھن جوڙي؟ ڪنھن خلقت جي تجربي کي لفظن ۾ سميٽيو ۽ اختصار جو جامو اوڍايو؟ تنھن بابت ڪجھ نه ٿو چئي سگھجي. انھيءَ کي لوڪ شاعري چئي سگھجي ٿو. بس ائين کڻي سمجھو ته خلقت جو اجتماعي تخليقي ذھن انساني تجربن سان گڏ اھا راند پيو کيڏي، ۽ انھن جو اجتماعي حافظو کين محفوط پيو ڪري. اڃا اڳتي ته، ڏاھپ ۽ دانائيءَ جا اھي ٻول، ھڪ انساني پيڙھيءَ کان ٻي پيڙھيءَ کي ۽ ٻيءَ کان ٽينءَ کي منتقل ٿيندا آيا آھن. اسان کي انفرادي طور تي کين اڃا وڌيڪ سنوارڻ جي ضرورت پيش نه ٿي اچي. اجتماعي تخليقي ذھن، اسان کي اطلاع ڏني بغير، پاڻ ئي اھو فريضو سرانجام ڏيندو اچي ٿو.
جيڪڏھن انھن جون ھم معنيٰ ڪھاوتون انگريزي زبان ۾ به موجود آھن ته ان جو مطلب ڇا آھي؟ ان جو مطلب اھو آھي ته آدم جو اولاد، ڪيترا جڳ اڳ کان، قومن ۽ قبيلن، برادرين ۽ آڪھين ۾ ورھائجندي پئي اچي. اھي قومون قبيلا ۽ برادريون ۽ آڪھيون ھڪٻئي کان گھڻو گھڻو پري پيا وسن ڪن جو ھڪٻئي جي شڪل شبيھ کان به اڻ واقف آھن. پر آھن ته مڙيئي ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا جو اولاد، تنھن ڪري سندن عمل ۽ ردعمل ھڪجھڙا آھن. فطرت جي ھٿئون يا پنھنجي ڀائر ٻانھن جي ھٿئون جيڪا مٿن وھي واپري ٿي سا به ھڪجھڙي ئي گذري ٿي. سندن وارداتون، سندن تجربا، سندن مشاھدا، سندن ڏک سور ۽ سک سھنج، سندن عمل ۽ ردعمل سمورا ھڪ ئي طرح جا آھن. ھڪ ئي رنگ ۾ انھن جو اظھار ٿئي ٿو. زبانن جي فرق سبب منجھن فرق نظر اچي ٿو. مگر وري اوچتو اھساس ٿئي ٿو ته اتي به ان جو اطھار ساڳئي نموني ٿيو ھيو، جھڙيءَ طرح اسان جي قبيلي، اسان جي سماج ۾ ٿيو ھيو.
انھيءَ قسم جو احساس لوڪ ڪھاڻيون پڙھندي ٿيندو آھي. اسان ڪان ڏور، الله ميان جي پاڇي ھيٺ، ھڪ قوم رھي ٿي.ان جو نسل الڳ، قبيلو عليحده، سماجي حالتون مختلف، مگر اتان آيل ڪھاڻيءَ کي پڙھي ڪيترا ئي دفعا اسان ڇرڪ ٿا ڀريون ته؛ اڙي ھيءَ ڪھاڻي يا ساڻس ملندڙ جلندڙ ڪھاڻي اسان ٻاروتڻ ۾ پنھنجي ناني امان واتان ٻڌي ھئي. مطلب اھو ٿيو ته؛
بنی آدم اعضائے یک ديگر اند
ڪمبخت پاڻ ۾ وڙھندا رھن ٿا، ھڪٻئي جو رت وھائيندا رھن ٿا، جڏھن ته اندرئون ھڪ ئي آھن.
چوڻيون يا پھاڪا، عام طور تي، نثر منجھ پنھنجو جلوو پسائيندا آھن، مگر عجب رنگ سان ٺھندا آھن جو چوڻي بقول غالب ”گنجینہ معانی کا طلسم“ ٿي پوندي آھي. ۽ منجھس شعر وارو ذائقو پيدا ٿي پوندو آھي. بلڪ خود شاعريءَ منجھ به اھڙا گھٽ گھيڙ ايندا آھن جو شعر خود چڱي ڀلي ڪھاوت ٿي پوندو آھي. وٺو، نظير اڪبر آباديءَ جو ھڪڙو مصرعو ياد اچي ويو؛
باپ نے پدڑی نہ ماری بیٹا تیر انداز ہے
پيءُ نه ماري پدي، پٽ تيرباز.
۽ ھا مير جو ھڪ شعر آھي؛
ابتدائے عشق ہے روتا ہے کیا،
آگے آگے دیکھئے ہو تا ہے کیا۔
عشق جي ابتدا آھي، ڏسئون ته اگتي ڇا ٿو ٿئي.
مگر اھو ته ساڳيو مضمون آھي جيڪو حافظ شيرازيءَ جي ھڪڙي مصرعي منجھ پريٽجي پيو آھي؛
عشق آسان نمود اول ولے افتاد مشکلہا
عشق اول آسان ٿيندو آھي، پوءِ اکيون ڪڍندو آھي.
حافظ جا ته ڪيئي شعر ۽ ڪيتريون ئي مصراعون اھڙيون آھن، جيڪي ضرب المثل بڻجي زبانن تي روان ٿي ويون آھن.
ھان! اھا صفت ته سڀ کان وڌيڪ شيخ سعديءَ جي شاعريءَ ۾ آھي. سندس غزلن کان علاوھ پاڻ نظم ۽ نثر ۾ حڪايتون به ته لکيون اٿائين. گلستان ۽ بوستان، ھڪ ۾ حڪايتون منظوم، ٻئي ۾ منثور. مگر نثري حڪايتن ۾ به تانَ وڃي شعر تي ئي ٿي ٽُٽِي ۽ شعر اھڙو جو ”گنجینہ معانی کا طلسم“ يا ڄڻ ڏاھن جو قول. انھن شعرن جي مار، ھڪ دور ۾، ايران کان ھندستان تائين پوندي ھئي. گھٽ ۾ گھٽ، مسلمانن ۾ ان جي اھا حيثيت ھئي جو سندن پنھنجي ڪھڙي به زبان ھئي، پر ھي فارسي مصراعون سندن زبان تي فر فر ھيون. ڪم از ڪم، اردوءَ ۾ سندس ڪيترا ئي شعر ۽ ڪيتريون ئي مصراعون ائين رلي ملي ويا آھن، جو اھي ڄڻ اردو زبان جو حصو ٿي ويا آھن.

No comments:

Post a Comment