Wednesday, August 29, 2018

ٻوليءَ جو ٻنڌيج - الحاج ولي محمد طاهرزادو


ٻوليءَ جو ٻنڌيج
الحاج ولي محمد طاهرزادو
لغت عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي: زبان کان نڪتل اکر ۽ لفظ، جيڪي سمجهيا وڃن ۽ سمجهه ۾ اچن، ڳالهائجن يا ڳالهايا ويا هجن.
سنڌي ڀرپور ٻولي هئي، جا پوءِ گاڏڙ ساڏڙ ٿي وئي. هيٺ ڏيکاريل لفظن مان توهان کي ان جي پوري پڪ پوندي.

حاضر جوابي - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاضر جوابي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

(حاضر جوابي هڪ خدائي ڏات آهي، جيڪا هر ڪنهن کي نه ملندي آهي، حاضر جواب ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ ۾ ڏاهپ جا ڪيترا ئي نڪتا هوندا آهن. حاضر جوابي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾، صبح جي هير جي جهوٽي جيان آهي. چرچي ۽ حاضر جوابيءَ ۾ اڻلکو فرق آهي. حاضر جوابيءَ ۾ ڪنهن جي دل نه رنجائبي آهي. بلڪ سڀني جو روح راضي ڪبو آهي. سنڌ جي ماڻهن ۾ به اها خدائي ڏات موجود آهي. – ادارو)

عورتاڻي سماج جا پهاڪا



پهاڪي جي معنيٰ آهي ڏاهپ جو قول، سياڻپ، دانائي يا ڪنهن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو:
”پهاڪو“ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه چوڻ جو فن آهي، اهي ڪنهن چيا؟ ڪڏهن چيا؟ ان جي ڪا به سُڌ نه آهي. انهن پهاڪن جي ٻوليءَ، ڪردارن، واقعن سان ڪنهن دور جو تعين ممڪن ٿي سگهي ٿو، پر گهڻي ڀاڱي اُهو هڪ ڏکيو مرحلو آهي.

Friday, August 24, 2018

جديد ڊڪشنري - ۲ - هالار اترادي


جديد ڊڪشنري - ۲
هالار اترادي
1.      آبپاشي انجنيئر: ريج جي پاڻيءَ جو واپاري.
2.      اجي جديجا: پيار لاءِ پاڳل
3.      اخبار: ڌاڙيلن جو خبرنامو.
4.      اخبار: هاءِ بلڊ پريشر جو ڪيپسول، جيڪو اکين سان کائڻو پوندو آهي.
5.      اداڪار: بک تي به خوش رهڻ واري سڃي مخلوق
6.      اداڪارائون: سفارش جا بنڊل
7.      اداڪاره: ڪپڙن جي لنڊا بازار.
8.      اسڪول: دولت ڪمائڻ جو نسخو.
9.      اسيمبلي ميمبر: اليڪشن کانپوءِ روپوش.
10.     اسيمبلي هائوس: چونڊيل نمائندن جو آکاڙو.

فيس بوڪ ذريعي ڪٺا ٿيل پھاڪا ۽ چوڻيون - سارنگ انصاري


فيس بوڪ ذريعي ڪٺا ٿيل پھاڪا ۽ چوڻيون
سھيڙ؛ سارنگ انصاري امريڪا (سال ۲۰۱۱ع)
سال ۲۰۱۱ع ۾ سارنگ انصاري صاحب، فيس بوڪ تي سنگت کي دعوت ڏئي، سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين ڪٺي ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ھيو. جن دوستن کيس پھاڪا يا چوڻيون فيس بوڪ ذريعي موڪليا، سي ھن صاھب سندن نالن سان وچور منجھ داخل ڪيا. اھا وچور پي ڊي ايف فارميٽ ۾ فيس بوڪ تي پڻ ونڊيائين. اھا وچور يا نام-مالھا، ڦرندي گھرندي، ھر ھڪ وٽ پھتي. جيڪا مون سان پڻ شيئر ڪئي وئي.
اھا ان وقت ته ڊائون لوڊ ڪري رکي ھئي، انتظار ھيو ته ان سلسلي ۾ اڃا ٻيا پھاڪا يا چوڻيون ڪٺيون ٿين. خبر ناھي اھو سلسلو تنھن سال ئي بند ٿي ويو. ھاڻي فيس بوڪ تي انھن دوستن سان وري مکاميلو نه ٿيو آھي.
بھرحال منجھس مزيد واڌاري جي اميد نه سمجھندي، ايتري تي ئي اڪتفا ڪندي،  ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ سنگت سان شيئر ڪجن ٿا.
اصل مسودي ۾ ھر ھڪ چوڻي يا پھاڪي سان، موڪليندڙ جو نالو لڳل آھي. اھو تڏھن ته، ڪٺي ڪرڻ جي لحاظ کان شامل ڪرڻ، وقت جي تقاضا ھيو. ھاڻي اھي نالا، ساڻ ساڻ ڇپڻ سان ڪو فائدو ناھي، جو ھر ھڪ کي انبن کائڻ سان مطلب آھي، ککڙين ڳڻڻ سان نه. ڪوشش ڪجي ٿي ته اھو پي ڊي ايف وارو مسودو به ساڻ ساڻ ھتي شيئر ڪجي ته جيئن رڪارڊ تي به رھي ۽ اھا نالي نه ڇپجڻ واري حسرت به نه رھي.

Thursday, August 23, 2018

جنهن جي بازي سر، ٽمڪو بھراڻي ان جي ڀر - اسحاق مڱريو


جنهن جي بازي سر، ٽمڪو بھراڻي ان جي ڀر. (پھاڪو)
اسحاق مڱريو
ڪنڌڪوٽ واري پاسي هڪ ماڻهو هو ٽمڪو نالي وارو، ان لاءِ مشهور هوندو هو ته خبر ناهي اهو ڪهڙي ڌر سان گڏ آهي. ٻهراڙين ۾ گهوڙن جي ڊوڙ هجي يا وري ڏاندن جا مقابلا هجن، هوٽلون يا اوطاقون انهن جي تبصرن ۾ گم هونديون هيون. ڪهڙي ڌر ڪيتري مضبوط آهي؟ انهيءَ علائقي ۾ سياسي ماڻهن جي مقابلن تي اهڙا تبصرا پيا ٿيندا آهن.
سو اهڙن تبصرن ڪرڻ وارن ۾ گهڻو تيز هوندو هو ٽمڪو بھراڻي.

سنڌي ۽ غير سنڌي پهاڪا- هڪجهڙائي - گنگا رام سمراٽ


سنڌي ۽ غير سنڌي پهاڪا- هڪجهڙائي

گنگا رام سمراٽ
هر هڪ ديش ۾ جدا جدا پرانتڪ ٻوليون هونديون آهن پر مڙني ۾ مول سمانتا (هڪجهڙائي) ضرور هوندي آهي. ڀارت ۾ به ائين آھي. ٻولي يا ٻولين ۾ پهاڪن جو به مکيه حصو آهي، جنهن جي اڀياس سان ڄاڻ پوي ٿي ته ديش جي ويچار ڌارا ڪيترو سمان آهي. نه ته ائين ڇو ٿئي جو جيڪو پهاڪو سنڌ ۾ سو بينگال ۾، جيڪو سنڌيءَ ۾ سو دڪن ۾ ته گجراتي، راجسٿاني ۽ ڪشميريءَ ۾ ڪيئن؟ ۽ اها ڳالھ سڄي سنسار ۾ سمان آهي. اگر مول ۾ سمانتا ڪانهي ته هيءَ وڻ جي ڦلن ۾ ڇو؟ اڄ جي ڀاشا شاستر جو مول تت آهي ته وڻ انب جو پر ان ۾ ڦل زيتون جو پسون! جا ڳالھ بلڪل غلط آهي. اگر وڻ مول کان انب جو آهي ته ان جو ڦل فقط انب ئي ٿيندو، اهو قدرت جو صاف ۽ شڌ نيم آهي.