ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿيئي
حسين بخش ٿيٻو
هر شام شمعدانن ۾ تيل وجهي بتيون
ٻاريون وينديون هيون ته انهن جي جهرمر ۽ دريا طرف کان لڳندڙ ٿڌڙي هير اصل من مست ڪري
ڇڏينديون ھيون. ٻڍاپور ريلوي اسٽيشن ويجهو منهنجو ننڍپڻ جو ڳوٺ ٿيٻا، هي مغل سامراجين
سان چوٽون کائيندڙ منهنجي وڏڙن جو ڳوٺ آهي جنهن جو ذڪر مغل دور جي تاريخ نويس يوسف
ميرڪ جي ڪتاب تاريخ مظهر شاھ جهاني ۾ ملي ٿو. ٿوري فاصلي تي دادو مين روڊ تي خاصائي
شورن جو اسٽاپ آهي. هي خاصائي شورا، مغلن سان چوٽون کائيندڙ ۽ بهادرن دائود شورو ۽
جهونجهار شورو جو ڳوٺ آهي. ٻڍاپور يا ٻڌپور جو ذڪر اسان کي علي ڪوفي جي چچ نامي ۾ وڏي
قلعي جي صورت ۾ ملي ٿو. هاڻي ننڍڙو ڳوٺ ۽ ريلوي اسٽيشن مانجهند ۽ پيٽاڙي جي وچ ۾ آهي،
صبح جو سويرو ڪتاب ۽ سليٽ، ٿيلهي ۾ وجهي هڪ ميل تي هندن طرفان خوبصورت جوڙايل وسندي
“ڀيان” جي اسڪول وڃبو هو. پاڪستان کان پهرين هڪ ميل تائين سڌي مکيه بازار جنهن ۾ دوڪان
دنيا جهان جي مال سان ڏٽيل هوندا هُئا. آمهون سامهون سڌيون گهٽيون ۽ ويڪرا چؤڪ، شام
جو پخالي مکي پڪين سرن سان جڙيل بازار ۾ ڇڻڪار ڪندا هُئا. بازار جي ٻنهي پاسن کان ٿوري
ٿوري پنڌ تي روشني لاءِ لڳل شمعدان جنهن ۾ هر شام جو تيل وجهي بتيون ٻاريون وينديون
هيون ته انهن جي جهرمر ۽ دريا طرف کان لڳندڙ ٿڌڙي هير اصل من مست ڪري ڇڏينديون هيون.