Saturday, May 30, 2015

ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿيئي - حسين بخش ٿيٻو

ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿيئي
حسين بخش ٿيٻو
هر شام شمعدانن ۾ تيل وجهي بتيون ٻاريون وينديون هيون ته انهن جي جهرمر ۽ دريا طرف کان لڳندڙ ٿڌڙي هير اصل من مست ڪري ڇڏينديون ھيون. ٻڍاپور ريلوي اسٽيشن ويجهو منهنجو ننڍپڻ جو ڳوٺ ٿيٻا، هي مغل سامراجين سان چوٽون کائيندڙ منهنجي وڏڙن جو ڳوٺ آهي جنهن جو ذڪر مغل دور جي تاريخ نويس يوسف ميرڪ جي ڪتاب تاريخ مظهر شاھ جهاني ۾ ملي ٿو. ٿوري فاصلي تي دادو مين روڊ تي خاصائي شورن جو اسٽاپ آهي. هي خاصائي شورا، مغلن سان چوٽون کائيندڙ ۽ بهادرن دائود شورو ۽ جهونجهار شورو جو ڳوٺ آهي. ٻڍاپور يا ٻڌپور جو ذڪر اسان کي علي ڪوفي جي چچ نامي ۾ وڏي قلعي جي صورت ۾ ملي ٿو. هاڻي ننڍڙو ڳوٺ ۽ ريلوي اسٽيشن مانجهند ۽ پيٽاڙي جي وچ ۾ آهي، صبح جو سويرو ڪتاب ۽ سليٽ، ٿيلهي ۾ وجهي هڪ ميل تي هندن طرفان خوبصورت جوڙايل وسندي “ڀيان” جي اسڪول وڃبو هو. پاڪستان کان پهرين هڪ ميل تائين سڌي مکيه بازار جنهن ۾ دوڪان دنيا جهان جي مال سان ڏٽيل هوندا هُئا. آمهون سامهون سڌيون گهٽيون ۽ ويڪرا چؤڪ، شام جو پخالي مکي پڪين سرن سان جڙيل بازار ۾ ڇڻڪار ڪندا هُئا. بازار جي ٻنهي پاسن کان ٿوري ٿوري پنڌ تي روشني لاءِ لڳل شمعدان جنهن ۾ هر شام جو تيل وجهي بتيون ٻاريون وينديون هيون ته انهن جي جهرمر ۽ دريا طرف کان لڳندڙ ٿڌڙي هير اصل من مست ڪري ڇڏينديون هيون.


انگريزي ۽ سنڌي اسڪولن جون گڏوگڏ عاليشان عمارتون ٽائون ڪاميٽي جي آفيس رولو مال لاءِ ڍَڪَ، هر محلي ۾ کوٽيل کوھ جتي سرندي وارن کي پخالي پاڻي پهچائيندا هُئا. عام ماڻهو ۽ مايون پاڻ پاڻي ڀرينديون هيون. آسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو خريداري ڪري لڙيءَ شام سامان جي بجڪن سان واپس پنهنجي ڪکين ٿيندا هُئا. پاڪستان ٺهڻ جي پنجن ستن سالن کان پوءِ مون جڏهين ڏٺو ته ڀيان جو سمورو جوڀن لٽجي ويو هو. مسلمان هر قابلِ ذڪر عمارت جون سرون دريون در گارڊر ٽيئر پٽيون ڪڍي ويا هُئا، ان جي باوجود ڀيان جي هر عمارت هڪ عليحده ڪهاڻي پئي ٻڌائيندي هُئي ته ڪيئن ڪنهن هلاڪو جي تاتاري فوج هٿان نه پر هي خوبصورت شهر پنهنجن جي ئي هٿان لٽجي ويو هو. شايد ان انڌير تي احتجاج ڪندي پيڙهين کان ساڳي جاءِ تي وهندڙ دريا شاھ اهڙو ته ڦيرو ڏنو جو ٿوري عرصي ۾ سڄي جو سڄو شهر پنهنجي پيٽ ۾ غرق ڪري ڇڏيائين. مسلمانن مٿي تي ٽپڙ کڻي ٻار ٻچا وٺي سر بچائڻ لاءِ اچي مٿي جبل جي ٽڪرين تي پناھ ورتي، جتي هاڻي منظورآباد جي وسندي آهي. ڪجھ ماڻهو هالا پراڻا، هالا نوان، مٽياري لڏي ويا. ڪن ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد وسايو.  ڪڏهين ڪڏهين فطرت جو پلاند به خوفناڪ ٿيندو آهي. اسان جي اڄ جي سنڌ جو هر شعبو انڌي گهوڙي جيان تاريخ جي ڪل ۾ ڦاسي پيو آهي.
اسڪول مان واپسيءَ تي رستي جي ڀرسان سال جا ڏھ يارنهن مهينا وهندڙ موسمي سدا بهار واھ تي چاچي صادق جي نار تي وڃبو هو، جتي ڳاڌيءَ تي ويهي لڪڻ سان ڍڳن کي هلائيندو هُئس. چاچو زمين ۾ کُتل اڏيءَ تي پاسي ۾ رکيل ڪانن مان مٺ ڀري گوڏي هيٺان ڏيئي ننڍي ڳن سان وڏي ڦر واري ڪتر جي ڪهاڙيءَ سان ڍڳن لاءِ ڪتر ڪندو هو. چڪر تي وڏي مالها هوندي هُئي، جيڪا هيٺ ڪسيءَ تائين هوندي هُئي، جنهن کي ڪانهن مان ڪُٽي ٿلهو رسي سان ٺاهبو هو، جنهن کي گڙند چئبو هو. ان ۾ ٿوري ٿوري وٿي تي ٺڪر جا لوٽا ٻڌبا هُئا، جيڪي هيٺان ڪسيءَ مان پاڻي کڻي اچي واري واري سان چڪر جي وچ تي پيل نيسر ۾ پلٽبا هُئا. جتان پاڻي اڳيان اڏ ۾ ڪرندو هو. اتان پاسي ۾ بيٺل ٻاجهر يا جوئر جي فصل کي پاڻي ملندو هو. گرمي ڇوھ ڇنڊيندي هُئي ته چاچو اڪثر گجرن جي واڙي پوکيندو هو. جتان گجر ڪڍي، گهر ويندي مهل، منهنجي جهوليءَ ۾ وجهندو هو. دريا پنهنجي ڀر وارين ٻنين ۾ هر سال اڪثر هيٺال تي ڍنڍن ڍورن کي اٿل ڪري ڀريندو هو. پاڻي سڪي وڃڻ کان پوءِ، ڪجھ ٽڪرا، صاف ڪري انهن کي هر ڏيئي، بوسي ڪڻڪ، مٽر، چڻا، مسور پوکبا هُئا. باقي ڪمزور هاري يا مالڪ، ٻنيءَ ۾ پيل لٽ سبب، پيدا ٿيندڙ ڦوٽن ۾ بنا هر ڪاهڻ جي مٽر، چڻا، مسور، ڇٽي ڇڏيندا هُئا. اتي به واھ جا فصل ٿيندا هُئا. ڍنڍن جي چوڌاري وري ٽڪنڊائون پنج ڇھ فوٽ ڪل جو ڊگهو گهاٽو گاھ ٿيندو هو. ان جون تکيون ڪنڊون، هلڻ ۾ پيون منهن هٿ رهڙينديون هيون. ان تي سنڌي لوڪ ڏاهپ صدين جي تجربي مان هيءِ چوڻي جوڙي ته “انڌي گهوڙي ڪل ۾” هڪڙي ڪل ڊگهي ۽ گهاٽي، جيڪا هونئين هلڻ ۾ ڏکي، ٻيو ان ۾ جي انڌي گهوڙي ڦاسي پوي ته ان جو وڏو امڪان رهندو ته هڪڙي پاسي هلندي ڍنڍ جي ڌٻڻ ۾ گپجي ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃي يا وري ٻي پاسي نارن لاءِ کوٽيل ڪنهن ڪسيءَ ۾ ڪري مڻڪو ڀڃائي ويهي. اسان جي اڄ جي سنڌي سماج جو هر شعبو انڌي گهوڙي جيان تاريخ جي ڪل ۾ ڦاسي پيو آهي. کين خبر ئي نٿي پوي ته ڪٿان ۽ ڪيئن نجات جو رستو جڙندو. اڳيان رڳو تباهي جو رستو آهي، جنهن تان انڌي گهوڙي وانگر سڌ ٻڌ کان سواءِ، نعري بازي ڪندا هلندا پيا وڃون. انهيءَ دل نپوڙيندڙ حالتن جي باوجود آئون اميد پرست آهيان ته هي سڀ سهڻا سيبتا ماڻهو اٿي ڪا واٽ جوڙي، اسان پارن کي گس لائي، منزل ماڳ تي پهچائيندا.
روز پنهنجن پراون جا مهڻا، الزام هڻي من ئي موڳو ڪري ڇڏيندا آهن.
چاچي جي نار تي وڃڻ منهنجي روزاني جي وندر وروند هوندي هُئي. واھ مان کوٽيل ڪسيءَ مان، ڪڏهين ڪڏهين پاڻي سان گڏ ڪو ڪاٺ جو ٽڪرو به لڙهي ايندو هو، جنهن جي ڪري ٺڪر جي لوٽن ۾ ٽڙڪاٽ پئجي ويندا هُئا. چاچو يڪدم نار بيهاري، هيٺ ڪسيءِ ۾ لهي، ڪاٺ جي ٽڪري کي اڇلائي، ڪسيءَ جي منهن تي لڙهي ايندڙ ڪاٺ جي ٽڪرن کي روڪڻ لاءِ، ڍنگر رکي ڇڏيندو هو. نار هلڻ سان، ڀڳل لوٽا پاڻي ئي ڪو نه آڻيندا هُئا. چاچو نار هلائيندي چوندو هو ته ابا ڪنڀار آوي لاهين ته اتان پڪا لوٽا وٺي ڀڳل لوٽن جي جاءِ تي ٻڌبا. تيسين تائين فصل کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڀڳن سان ئي ڀيربو. گهڻو پوءِ مون کي لطيف سرڪار جي هيءَ سٽ سمجھه ۾ آئي “ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿيئي”.
اسين زرعي سماج جي اثرن جا ماريل ماڻهو هرو ڀرو پنهنجي ڳالھه تي ڳت ڏيئي بيهندا آهيون ته سياست جو سمورو ڪم، مشيني انداز سان هر پاسي کان مڪمل هجي ۽ اسان جي مرضيءَ سان  ٿيندو هجي نه ته سڀ غلط آهي، نه ته اسين وڃون ٿا. اهڙي ماحول ۾ ان بيت، هميشه قومي تحريڪ ۾ اميد پرستي سيکاري اٿم. برابر قومي تحريڪ ۾ ڪي لوٽا صفا ڀڳل، ڪم جا ئي ڪونهن. ڪن ۾ ٺينڊا ٿيل آهن، جيڪي هيٺيان پاڻي ڀري مٿي پهچندي پهچندي خالي ٿيو وڃن. نيسر ۾ ڪي ڦڙا پاڻيءَ جا مس رسن ٿا، روز پنهنجن پراين جا مهڻا الزام هڻي، من ئي موڳو ڪري ڇڏيندا آهن.
پر وري لطيف جي مٿين سٽ واٽ پئي ڏيکاريندي آهي ته عيبن ثوابن هوندي، اسان کي اميد آهي ته ڏاهپ دانائيءَ جا قابل ڪنڀار، نئين نوجوان نسل جي اهڙي پڪل آوي لاهيندا، جيڪا جهر جهنگ، واهڻ، وستي وستي وڃي پيرن اگهاڙن سنڌي ماڻهن کي وڏيرن/ ڀوتارن جي جبر پيرن ملن جي ترڪتالي ڦندن مان آزاد ڪري، پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀري، انهن کي قومي تحريڪ ۾ شامل ڪندا ڇاڪاڻ ته ڪو به قومي يا سماجي انقلاب، عوام جي ڀرپور شرڪت کان سواءِ، اڄ ڏينهن تائين ڪامياب نه ٿيو، نه ٿيندو. تيستائين ڀڳي سان ئي ڀير جاسين رتو راس ٿيئي.




No comments:

Post a Comment