نمي کمي نهار تون
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
”صبر
جن جو سير تير نه گسي تن جو“ جي قديم چوڻيءَ موجب اها حقيقت آهي ته صبر واقعي هڪ لازوال
انساني قوت آهي، جنهن ۾ خدا پاڪ خود انهيءَ صابرين جو ساٿي آهي. رب پاڪ فرمائي ٿو:
ترجمو: اي ايمان وارو مدد وٺو الله
جي صبر ۽ نماز سان بيشڪ خدا پاڪ صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.
صبر هڪ اهڙو اخلاقي گُڻ آهي، جنهن
انسان انهيءَ کي پنهنجو ڪيو، تنهن جي يقين جي قوت ۾ وڏي پختگي اچي وڃي ٿي. صابرين شخص
سانده سهپ سان لالچ، خود غرضي، ڪاوڙ ۽ ڪوڙ کي شڪست ڏئي ٿو. ”صبر جو ڦل مٺو“ ۽ اجورو
اعليٰ آهي، جيڪو ماڻهو ڏکن، سکن ۽ لاهن چاڙهن کي برداشت سان منهن ڏئي، هڪ خدا ۾ اميد
رکندو، اهو سچو، نيڪ ۽ شڪرگذار هوندو آهي. صبر جيئڻ جي حوصلي پيدا ڪرڻ سان گڏ مشڪل
مان اڪاري پار ڪرائي، ڪردار کي مضبوط بڻائي ٿو. صبر جي وصف کي رب پاڪ واکاڻيندي، سچن
۽ يقين جي قوت رکندڙن لاءِ فرمايو آهي:
ترجمو: انهن لاءِ نه خوف آهي نه
ئي هو ڏک ڏسندا.
زندگيءَ ۾ ڏک سک ۽ لاها چاڙها ايندا
رهندا آهن، انهن تي مايوس ٿيڻ يا برداشت مان نڪري وڃڻ ڪفر آهي. بي صبري ۽ بي شڪري صبر
جو ضد آهي، جنهن سان پاڻ تڪليفون وڌنديون آهن. جهڪڻ ۽ برداشت ڪرڻ وڏيون بلند خوبيون
آهن. شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:
نَمِي، کَمِي نِهارِ تُون، ڏَمَرُ وڏو ڏُک،
منجهان صبر سِکُ، جي سَنواريا سَمجهين.
صابرين دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان
نوازجڻ کان علاوه ٻين کي نفعو ڏيندڙ، اخلاق سان دنيا کٽندڙ، الله جا دوست ۽ جنتي هوندا
آهن. صبر نه ضايع ٿيندڙ گڻ ۽ اوليائن جو ورثو آهي. حضرت ايوب عه جو صبر ۽ شڪر دنيا
۾ اڄ ڏينهن تائين مثال آهي. ڏٺو وڃي ته ماءُ به اولاد جي پرورش ۾ صبر ۽ برداشت سان
اوجاڳا ڪڍي تڪليف ٿي ڏسي اهڙيءَ ريت عبادتون ۽ رياضتون به صبر سان لاڳاپيل آهن. دنيا
جا وڏا انسان محنت، برداشت ۽ صبر جي ڪري ئي ڪامياب ٿيا آهن. سٺا سرجن، ڊاڪٽر، انجنيئر،
سائنسدان، استاد ۽ هنرمند ڪڏهن به بيزار نٿا ٿين. مثالي شاگرد به علم حاصل ڪرڻ لاءِ
سهپ جي قوت کي پنهنجو ڪندو، تڏهن ئي منزل ماڻيندو. هڪ دفعي يا ٻن دفعن جي ناڪامي ڪا
ناڪامي نه آهي، پر مسلسل محنت ۽ مستقل مزاجي ئي ڪاميابي آهي، جنهن جو صبر وڏي ۾ وڏو
هٿيار آهي.
نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻهر ٻاڦ نه نڪري.
صبر وارن کي هڪ ربَّ پاڪ جي ذات
۾ يقين هوندو آهي. هو بزدل نه ٿا هجن، پر مصلحتاً برداشت ڪندا آهن ته جيئن جهيڙو ٽري
وڃي ۽ اها عفو ۽ درگذر کين دوستن ۽ دشمنن ۾ ممتاز ڪندي آهي.
سندس دوست وڌيڪ ۽ دشمن گهٽجي وڃن
ٿا. صابرين شخص الله تعاليٰ جو پسنديده ترين بندو آهي ۽ هن پنهنجي ٻانهي کي عشق جي
انتها ۾ پڻ صبر جي تلقين ڪئي آهي. الاهي عشق ۾ ڦٽيل دليون محبوب لاءِ لڇن ۽ ڦٿڪن ٿيون
ته به رب پاڪ کي پنهنجي پر ۾ صبر جي ذائقي جي هدايت ٿو ڪري.
شاهه سائين سوره ”والعصر“ جو ذڪر
هن طرح بيان فرمائي ٿو:
پَرَ ۾ پُڇيائون، عِشق جي اسبابَ کي،
دارُون هن درد جو، ڏاڍو ڏسيائُون،
آخر ”وَالعَصرِ“ جو، آهم اُتاهون،
تِهان پوءِ آئون، سِڪان ٿي سلام کي.
مٿي بيان ڪيل سورة البقره جي آيت
موجب ”بيشڪ خدا پاڪ صابرين سان گڏ آهي“ جڏهن ربَّ پاڪ گڏ آهي، تڏهن انهن کي نڪو لهر
نه ڪو لوڏو. هو حامي و ناصر سندن پاڻيهي مدد ڪندو ۽ هن پيغمبري وصف سبب کين اعليٰ درجو
عطا ڪندو. ”ڌڻيءَ وٽ دير آهي پر انڌير ڪونهي“ هو عالم الغيب پنهنجي بندن کي ساهه جي
رڳن کان به ويجهو آهي. ڪنهن به تڪليف ۾ اسان کي گهرجي ته صبر، سهپ ۽ صلوات سان رب کان
مدد گهرون، سياڻن صحيح چيو آهي ته ”صبر جو ڦل مٺو آهي“ ۽ اهو اوس ملندو. صبر ماٺ، عبادت
۽ ادب سان گڏ ڪاملن جو ڪلام آهي. حقيقت ۾ جيڪي ماٺ جي وسيلي ڳالهائين، انهن جي مانائتي
مقام کي سمجهڻ جي ساڃهه هجڻ کپي.
سوڍا! صَبُر تنهنجو، مَرَڪُ لڄاين،
چپ سين جي چَوَنِ، ادبُ ڪَجي اُن جو. (شاهه)
No comments:
Post a Comment