Showing posts with label انبن جون سِڪون، انبڙيون ناهن لاهينديون، مٺل جسڪاڻي، پھاڪو، چوڻي، ورجيس، اصطلاح،. Show all posts
Showing posts with label انبن جون سِڪون، انبڙيون ناهن لاهينديون، مٺل جسڪاڻي، پھاڪو، چوڻي، ورجيس، اصطلاح،. Show all posts

Wednesday, June 10, 2015

انبن جون سِڪون، انبڙيون ناهن لاهينديون - مٺل جسڪاڻي

انبن جون سِڪون، انبڙيون ناهن لاهينديون

مٺل جسڪاڻي



هر چوڻي جي پٺيان ڪا نه ڪا تاريخ هوندي آهي، پر ان تاريخ ۽ جاگرافي جي خبر انهن کي، جن جي آس پاس چوڻي جو بنياد پيو هوندو آهي.

”انبن جون سِڪون انبڙيون ناهن لاهينديون“ پڻ تمام گهڻي پراڻي چوڻي آهي. ان جو بنياد ڪيئن پيو؟ تنهن جي، پاڻ ماڻهن کي، جيڪي واندا نه هوندي به واندا لڳندا آهن، انهن کي خبر نه آهي ۽ ڀلي ته موجوده سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ لغتون ۽ ٻي معلومات انٽرنيٽ تي دستياب هجي، پر ٻين چوڻين وانگر هن چوڻي جي به تاڃي پيٽي تي پهچي سگهجي، سو نه ضروري ۽ نه ئي غير ضروري آهي، نه ممڪن ۽ نه ئي ناممڪن آهي.