Friday, May 29, 2015

زبان چم جي، وڏي ڪم جي - مٺل جسڪاڻي

زبان چم جي، وڏي ڪم جي

مٺل جسڪاڻي



اوهان چوڻي ٻُڌي هوندي؛ ”زبان چم جي، ڪنهن نه ڪم جي“، ۽ اوهان ان کي ”مُنڊيءَ تي ٽڪ“، يعني بلڪل درست به سمجهندا هوندا، پر منهنجو ذاتي تجربو ڪجهه ان ريت آهي ته؛ ”زبان چم جي، وڏي ڪم جي“...

ٿيو هيئن ته وڏي آواز سان ڳالهائي، ڪم وٺي ويندڙن کي ڏسي، مون کي به اٽڪل سُجهي آئي! سو دير نه ڪيم. جڏهن به، جنهن ۾ به، جيڪو به، ڪم ڦاسي، وٺي گوڙ ڪريان، هُل مچايان، ته اڳئين کي آئون وڻان نه وڻان، منهنجي ڳالهه سمجهي نه سمجهي، ڪم جائز ناجائز هجڻ جو فيصلو ڪري نه ڪري، پر منهنجي شور شرابي مان بيزار ٿي، منهنجو ڪم ڪري، مون کي روانو ڪريو ڇڏي.


هڪ دفعو ئي نه، گهڻا دفعا آزمايم. سو آزمائي کي وري آزمائڻ وارو قول يا چوڻي به غلط يا درست جي چڪر ۾ پوڻ بدران، ”زبان چم جي، وڏي ڪم جي“ تي عمل پيرا ٿي، ٺينگ ٽپا ڏيندو، پنهنجو هر اُلو سڌو ڪندو رهيس.

شال نه مون کي ڪو دوست سُجهي. شال نه ڪو مون کي دعوت ڏئي. شال نه نشو پتو کُٽي. ابا، اچي هريس. وٺي جو شور ڪريان، ته مون کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڏوڪڙ به ڏين، منهنجي چئي ۾ رهڻ واري ڪم لاءِ ماڻهو به ملي، هلڻ ڦرڻ، گهمڻ، جتي جتي به وڃڻ جي ضرورت پوي، ٻي ڪا گاڏي نه هجي، ته ايمبولينس منهنجي بلي.

زبان چم جي، هر ڪم جي“، مون پنهنجو هلڻ ڦيرائي ڇڏيو. مائٽ ڀلي رومال به نه وٺي ڏين، آئون هر هفتي ٻئي هفتي، نئون وڳو وٺيو، پنهنجي مرضيءَ واري سلائي ڪرايو، ٻانهون پکيڙي، ٽنگون ٽيڙي، وڻي ته ٽاٽارا ڪريان، وڻي ته ٺينگ ٽپا ڏيان...

هري جو پيس، ويران وير وڌ ٿيندو ويس... انڌ جو گهڙو تيز رفتاريءَ سان روان دوان، مٽن مائٽن تي به ساڳيو نسخو استعمال ڪري، ابي توڙي امڙ کي، ڀاءُ توڙي ڀيڻ کي، هيسائي اهڙو هٿيڪو ڪيم، مجال آهي ڪنهن جي، جيڪو منهنجي مرضيءَ خلاف ڪُڇي! نصيحتون سڀ سدائين ستائينديون هيم. هاڻ آئون زبان جو کٽيو کائي، سڀ ڪسرون ڪڍڻ ۾ ماهر ٿي پيس. اڪيلائيءَ جو احساس ٿيو، ته پنهنجو هڪ ٽولو ٺاهيم ۽ ٻه ته ٻارنهن به ٿي پياسين...

ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ڪهڙي ڪمي رهندي...

اوچتو هوا جو رخ بدليو، ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، آزمايل نسخي تي عمل ڪيم. ڪو آسرو نه سُجهيو، ته اتي ماٺ ڪري، آئون پاڻ ٽري آيس. پوءِ پنهنجي ٽولي وارن کي، مون اڪيلي ۽ اسان جي گڏيل ڪاميابين جا مثال ڳڻائي، کين سِراڻ ڪري روانو ڪيو...

هوا جو رُخ ڪو گهڻو خراب هو. جهيڙو ٿي پيو. تون تون، ڇا ڇا ٿي. معاملو ڪجهه وڌي ويو، وچ وارن وچ ۾ پئي، همراهن جي جان ڇڏائي. پر اها به ڪا جان ڇُٽي چئبي؟!

اسان سڀ دوست گڏجي، پريس ڪلب پهچي، زبردست قسم جي نعريبازي ڪئي. هڪ مٿي ڦريو نمائندو اچي ڪنڌ ۾ لڳو، چوي ٿورا ڇو آهيو؟

جواب ڏنوسين عارب ملاح اڪيلو، منو ڀيل اڪيلو مظاهرو ڪري سگهي ٿو، اسان چنگچي جيترا ڇو نه ٿا ڪري سگهون. اچي گوڙ ڪيوسين، شور ڪيوسين، صحافي اهڙو بتال ٿيو، جنهن جي مخالفت ۾ مظاهرو ڪيوسين، ان جو موقف وٺڻ بنا، اسان جي تصوير سان، اسان جي خبر هڪ صحافي ورتي، پر هلي گهڻين اخبارن ۾... خبر پئي ته اخبارن ۾ به ونگاري ڪم ٿيندا آهن. جيئن گهڻن ماسترن واري اسڪول کي هڪ ماستر سنڀاليندو آهي، تيئن گهڻن صحافين واري پريس ڪلب کي به هڪ صحافي هلائيندو آهي!...

ماڻهو ڏوڪڙن سان به اشتهار اهو ٿا ڇپرائي سگهن، جيڪو اخبار ڇاپڻ قبولي، مون کٽيو کاڌو ”زبان چم جي، وڏي ڪم جي“ واري نئين، يا وري شايد سڌاري سڌي ڪيل چوڻيءَ جو، ان ڪري دير نه ڪيم. لکيم آڙيڪاپ قسم جو ڪالم.

ڪالم اخبار تائين پهتو. ٻه ٽي ڏينهن انتظار ڪيم. نه هليو. مزو نه آيو. پوءِ درست ڪيل چوڻي ياد اچي وئي. لکڻي ڇاپڻ جو اختيار رکڻ واري وڏي صحافيءَ کي اچي ڦوڪون ٻڌايم. آئون اهڙو تهڙو، مون کي فلاڻي اخبار وارا منٿ پيا ڪن، هُو ته تمام گهڻو ستائين پيا، هوڏانهن هُو ته روز مون وٽ هلي ايندا آهن، پر مون اوهان جي ذات جي ڪري، اوهان جي اخبار کي ترجيح ڏني آهي...

اوهان مڃو يا نه مڃو، اعتبار ڪريو يا نه ڪريو، ”زبان چم جي، وڏي ڪم جي“، ان ڪري ئي هي ڪالم ڇپيو آهي. اوهان پڙهيو آهي ۽ واه واه ڪرڻ بنا اوهان رهي نه سگهندا، سا مون کي پڪ آهي، ڇو ته منهنجو آزمايل نسخو، مون کي ٻيهر آزمائڻ جي ضرورت نه آهي. اوهان ضرور آزمايو، بلڪ مڙسي ڪريو، ”زبان چم جي، وڏي ڪم جي“ جو کٽيو کائو... پر هڪ ڳالهه ياد رکجو، اوچتو جي هوا جو رخ بدليو، ته پوءِ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. مون کي جيڪڏهن ڪجهه به ٿيو، ته هن تحرير جو ردعمل هوندو. منهنجي اھا حالت ڏسي، ان کان پوءِ ئي، اوهان لکڻ جي ڪوشش ڪجو..

No comments:

Post a Comment