عزيز جو
ڪتاب ”سنڌي اِصطلاح“
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي (جنم: 19 ڊسمبر 1897- ديھانت: 19 آگسٽ 1971) پنھنجي تخلص ”عزيز“ سان سنڌي ساهت جڳت ۾
وڌيڪ مشھور هئو. مان کيس سندس ادبي لکڻين ذريعي ته پنھنجي اسڪولي جيوَنَ کان وٺي
سُڃاڻندو هوس، پر ساڻس پھرين مُلاقات تڏهن ٿي، جڏهن هُو ”صُراحي“ ڪتاب تي ساهتيه
اَڪادميءَ جو عطا ڪيل انعام وٺڻ لاءِ دهليءَ آيو هئو. هرومل سدا رنگاڻيءَ جي گهر
سندس ديدار ٿيو هئو. چٽيءَ طرح ياد اٿم ته کيس هڪدم سڃاڻي نه سگهيو هوس. تصويرُن ۾
ڏٺل ”عزيز“ ۽ روبرو نظر ايندڙ ”عزيز“ ۾ چڱو فرق هئو. وار سفيد، ڳٽن ۾ ڪي قدر
گُهنج، پيشانيءَ تي لنبي عمر مان حاصل ڪيل اَنُڀؤُ جون ريکائون. اِن هوندي به سندس
شخصيت رعب ۽ حشمت واري هئي. فُل سوٽ ۽ نيڪ-ٽاءِ پاتل قد-آور ۽ بَرجستو مُڙس هو. ڳالهين ڪندي چپن تي هلڪي مُرڪَ. گفتگوءَ ۾ فهميدو چرچو، گهٻو. سندس رنگين مزاج، هر
ڪنهن کي مُتاثر ڪندڙ هئو. اوڀاريون لھوريون ڳالهيون ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جو ذڪر
نڪتو. شڪايت واري نوع ۾ چيائين ته؛ اڄ ڪلهه جي سنڌي اديبن کي پنھنجيءَ مادري زبان
جو به پورو عِلمُ ڪونهي. سندن لکڻين ۾ ٻوليءَ ۽ مُحاورن جون بيشمار غلطيون آهن.
نوجوان سنڌي شاعرن کي ته بحر-وزن، قافيي-رديف جي به پوري ڄاڻ نه آهي.






