جديد ڊڪشنري
هالار اترادي
۱: وڪيل: حرام حلال جي ڪاتي.
۲: صوبيدار: مرڻو به کائي،
پرڻو به کائي.
۳: ملان: آڻ پرائي، ته ڏسئون
کائي.
۴: حاجي: انٽرنيشنل واپاري.
۵: واپاري: يا! ملاوٽ تيرا آسرا.
۶: انگريزي اسڪول: ٽيوشن سينٽر.
۷: ٻهراڙيءَ جو پرائمري ماستر: وڏيري جو منشي.
۸: انگريزي ماستر: ڪاپي ۽ ٽيوشن جو چيمپيئن.
۹: ڪاليج: کڙتالي سياست گهر.
۱۰: ليڪچرار: جيڪو پهرين تاريخ تي ڊيوٽي تي اچي.