Friday, December 4, 2015

چوڻين جو استعمال - مٺل جسڪاڻي


چوڻين جو استعمال...

مٺل جسڪاڻي

چوڻين جو استعمال صحيح ٿيڻ گهرجي، نه ته انهن جي اهميت گهٽجي ۽ نيٺ ته ختم ٿي ويندي. مون کي سائين عبدالله جروار ڪجهه چوڻيون ياد ڏياريون. انهن تي مون طبع آزمائي ڪئي آهي. اوهان ڏسو، پڙهو، پنهنجي راءِ ڏيو، چوڻين جو ڪٿي غلط استعمال ته نه ٿيو آهي؟!

 ***

Wednesday, November 25, 2015

سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق - هدايت پريم

سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق
هدايت پريم

ادب توڻي لوڪ ادب جو ٻوليءَ سان تعلق اهڙو آهي، جهڙو چولي جو دامن سان. سنڌي لوڪ ادب پنهنجي معيار ۽ مقدار ۾ بيمثال آهي. ٻوليءَ جي اڀياس جي تاريخ تمام پراڻي آهي، بلڪ ان جو مثال قبل مسيح ۾ ننڍي کنڊ ۾ ڪيل پاڻنيءَ جي رچنا ”اشٺ اڌيائي“ سنسڪرت گرامر آهي. لوڪ ادب جي سرجڻ جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي، جيتري ٻوليءَ جي تاريخ. پر لوڪ ادب کي سهيڙڻ سموهڻ ۽ قلمبند ڪرڻ ۽ ان جي سائنسي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو چند صديون اڳ ٿيو آهي. ٻوليءَ جي سائنس يعني لسانيات جو واسطو صرف نحو، معنيات، صوتيات سان آهي، پر ان جو واسطو آرڪيالاجي، انٿراپالاجي، فلسفه، نفسيات، ادب ۽ لوڪ ادب سان به آهي.

Tuesday, October 27, 2015

چورن مٿان مور - امداد حسيني

چورن مٿان مور
امداد حسيني/ ڪراچي
۲۳ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع جي ڪاوش ھائيڊ پارڪ ۾ صدام حسين درس جو ھڪ خط؛ ”سنڌي چوڻين جو ٿيندڙ غلط استعمال“ جي عنوان سان ڇپيو آھي، جنھن ۾ ھو ڳالھ ”چوڻيون يا محاورا صدين بعد جُڙندا آھن“ کان شروع ٿو ڪري ۽ ان پيڙھ ٻَڌڻ کان پوءِ اوساري ھيئن ٿو کڻي ته، ”اسان يا ته ڄاڻي واڻي يا ناسمجھيءَ“ ۾ پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ تمدن کان جھڙوڪر ڪٽجندا پيا وڃون. اسان ڪيترن پھاڪن جو غلط استعمال پيا ڪريون. اھڙن محاورن يا پھاڪن مان ھڪ پھاڪو ھِي به آھي ته، ”چونئرن مٿان مورَ“.

Thursday, October 22, 2015

’چورن مٿان مور‘ يا ’چونئرن مٿان مور‘ - صدام حسين درس

’چورن مٿان مور‘ يا ’چونئرن مٿان مور‘
سنڌي چوڻين جو ٿيندڙ غلط استعمال
چوڻيون يا محاورا، صدين بعد جڙندا آھن. سماج جي اوڻاين توڙي مثبت پھلوئن جي جڙڻ دوران، جيڪو عمل فردن يا سماجن پاران ڪيو وڃي ٿو، انھن جي صحيح يا غلط نتيجي ۾ چوڻيون، محاورا ۽ پھاڪا جڙندا آھن. پر اسان وٽ اھو الميو موجود آھي ته اسان يا ته ڄاڻي واڻي يا نا سمجھيءَ ۾ پنھنجي ٻولي، تھذيب ۽ تمدن کان جھڙوڪر ڪٽجندا پيا وڃون.
اسان ڪيترن ئي سنڌي پھاڪن جو غلط استعمال پيا ڪريون. اھڙن پھاڪن يا محاورن مان ھڪ پھاڪو ھي به آھي ته؛ ”چونئرن مٿان مور.“ يعني ٿر ۾ رھڻ جي لاءِ چونئرو ٺاھيو ويندو آھي ۽ ھڪ لحاظ سان چونئرو ٿر جي سڃاڻپ پڻ آھي. چونئرو ٿر ۾ مشھور آھي. گھر، اوطاقون وغيرھ گھڻو ڪري چونئرن جون ٺھيل آھن.

Sunday, October 11, 2015

’لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون‘ ڪتاب تي تبصرو - مٺل جسڪاڻي

لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ڪتاب تي تبصرو
مٺل جسڪاڻي
پهاڪا ۽ چوڻيون، علمي ۽ تاريخي وسعت جي ڪري، ٻوليءَ جي سونهن آهن. پهاڪن توڙي چوڻين جي مدد سان، ڪا به تفصيلي ڳالهه ڪرڻ، ردعمل ۾ ڊيگهه ڪرڻ کانسواءِ به، مقصد ڀري تمام وڏي ڳالهه، ڪري سگهبي آهي.
سنڌ اتر، لاڙ، وچولي، ٿر (ريگستان)، ڪوهستان (جابلو پٽي، ڪاڇي ۽ ڪچي ۾ ورهايل نه هجڻ باوجود ورهايل آهي.) سنڌ جي مجموعي ٻولي هڪ سنڌي ئي آهي، پر سنڌ جي مختلف خطن ۾ ان هڪ سنڌي زبان جا لهجا به مختلف آهن.

Sunday, September 27, 2015

سنڌي لوڪ ساهتيه جو جائزو - مرليڌر جيٽلي

مرليڌر جيٽلي

سنڌي لوڪ ساهتيه جي جدا جدا روين کي زباني روايتن مان سهيڙي قلمبند ڪرڻ ۽ اُنهن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ ڏانهن سنڌي ليکڪن جو ڌيان گهڻي قدر ملڪ جي آزاديءَ بعد ئي ڇڪيو آهي. ان خيال کان سنڌي لوڪ ساهتيه جي کوج ۽ اڀياس ڪرڻ جي پرمپرا ڪا گهڻي آڳاٽي نه آهي. پر انهيءَ مان اهو انومان لڳائڻ بلڪل غلط ثابت ٿيندو ته سنڌي لوڪ ساهتيه به ڪو گهڻو پراچين نه آهي.

Saturday, September 26, 2015

مٽيارين جا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوهاب سھتو

مٽيارين جا پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوهاب سھتو 
ھيءُ مضمون، انھن پھاڪن ۽ چوڻين تي آڌاريل آھي، جيڪي قاضي مقصود صاحب مٽيارين واري، پھاڪن جي ڊائريڪٽريءَ جي نالي سان لکيو ھيو. جيڪو سنڌي ساھت حيدرآباد طرفان نڪرندڙ ڪينجھر رسالي اندر شايع ٿيو ھيو. پڙھندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ مڙني پھاڪن ۽ چوڻين جي وضاحت ۽ تشريح بمع سندن نعم البدل جي ھتي پيش ڪجي ٿي. اميد ته پڙھندڙن لاءِ ھيءَ محنت، خاص طور جيڪي مقابلي جي امتحانن جي تياري ڪن ٿا، گھڻي لاڀائتي ٿيندي.

Friday, September 25, 2015

لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون جو سرسري جائزو - حڪيم يوسف

لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون جو سرسري جائزو
حڪيم يوسف کتري


اعظم ڀٽي هڪ ڏينهن آفيس ۾ مون کي چيو ته؛ سائين هڪ دوست جو ڪتاب آهي، ان تي تبصرو لکڻو آهي. خير! مفت جو ڪتاب ملڻ ڪري، مون ها ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. پر پوءِ سوچيم ته؛ تبصرو اڄڪلهه انهيءَ کي چيو ويندو آهي، جيڪو ڪنهن اخبار يا ادبي رسالي ۾ ٻه ڪاپيون موڪلي تبصري لاءِ گذارش ڪبي آهي. ان جو مصنف کي اهو فائدو ٿيندو آهي ته سندس ڪتاب، ان اخبار يا رسالي جي سرڪيوليشن مطابق متعارف ٿي ويندو آهي ۽ ضرورتمند گھرائي وٺندو آهي. مون به ويهارو کن ڪتاب لکي، انهن جا تبصرا شايع ڪرايا. انهيءَ ۾ گھڻو ڪري، ڪتاب جي سائيز، قيمت، ڇپجڻ جو سال ۽ ايڊريس لکي، منڍ ۾ ساراھ ڪبي آهي ۽ آخر ۾ ٿورو گھڻو پروف جون غلطيون يا قيمت زياده هجڻ جو ذڪر يا ڪجهه سٽن ۾ ٿورين ڪوتاهين جو به ذڪر ڪبو آهي. ايئن آخر ۾ لکبو آھي ته ڪتاب انتهائي بهتر آھي ۽ مصنف ڏاڍي محنت ڪري شايع ڪرايو آهي. انهيءَ ڪري هيءُ ڪتاب، هڪ دفعو ضرور پڙهجي. ايئن مڙيئي ادارا جان ڇڏائيندا آهن. 

Thursday, September 3, 2015

وڙھيا واڍا، اڙيا آھتي - عديل مهر

وڙھيا واڍا، اڙيا آھتي
ھيءَ سياست جي دنيا ۽ دنيا جي سياست!!
عديل مهر
وڏا صاحب وڙهي پيا آهن، مفاهمت جو جهان ڊاهي رهيا آهن! ”لکان دي مَٽ“ هڪڙي ماڻهوءَ جي گرفتاريءَ ياريءَ کي واري ڪري ڇڏيو اٿن. هو، جن جي چهري جي مُسڪراهٽ ڳالهائيندي هئي ۽ هڪٻئي جا ڍَڪ ڍڪيندي هئي، هاڻ انهن جي مُنهن جي ڳاڙهاڻ ٿي ڳالهائي ۽ نِرڙ جا گهنج ٿا ٻولن ۽ الائي ته ڇا ڇا ٿا ٻُڌائن!

Saturday, August 15, 2015

مون سنڌ اُڀرندي ڏٺي -عديل مھر

مون سنڌ اُڀرندي ڏٺي
سنڌ ھال آف ميرٽ: سڄاڻ سنڌي ماڻهن جي ڄاڻ جي انسائيڪلوپيڊيا.
عديل مھر
سنڌي ماڻهن جي روايتي تعارف ۾ اها اڻ وڻندڙ راءِ رکي ۽ لکي ويندي آهي ته ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندا، صلاحيت ڪونهين، افعال نه اٿن، محنت نه پڄندن، ڪم کان ٻرو چڙهندن، کائڻ جا کَرا ڪم جا ڪُرا، لڀي ڪين گهوڙي تي زِين، گهر کان واندا ٽڪاڻي داخل، ويٺا حوال ڪٽيندءِ. گهر خالي، هوٽل ڀريل. اڌ ڪپ چانهه تي، سڄو ڏينهن چٽ! ٽوپي نراڙ تي، سندرو ڊاڙ تي! اوڀاريون لهواريون، پرائي پچار، هِن هُن جي گلا، نه پاڻ ڪجهه ڪندا، نه ٻين کي سهندا. زبان تي ضابطو نه رهندن. هڪ جو ٻيو وهي ويندن. خصيص ڳالهه تي، دشمني پرائي ويهندا. دوستيون گهٽ، دشمنيون وڌيڪ نڀائيندا. پلوَ پراڻا نه ٿيندن. من ۾ مير رکندا ته وجهه ملندي وير وٺندا، چوندا؛ مڙس ته ڦَڏو، نه ته جڏي جو جڏو!!

Saturday, August 8, 2015

مال مڙئي ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن - نصير مرزا

مال مڙئي ڪجهه هيڏانهن هوڏانهن!
اڱارو 28 جولاءِ 2015ع
نصير مرزا
ڇا حرج آهي، جي انگريچي لفظ Slang جي اڄ پاڻ پت وائکي ڪريون، پر سلينگ معنى ڇا!؟ اڙي بابا! ان جي معنى آهي، ڄٽڪي لهجي وارا اڻ وڻندڙ يا غير رسمي گهڙيل لفظ... اصل ۾ هر ٻوليءَ اندر مختلف جاتين وارا پيشيور ماڻهو... کِل ڀوڳ ۾ هڪڙا عجيب عجيب محاوراتي لفظ پاڻ پيا گهڙيندا، جوڙيندا ۽ هڪ ٻئي تي ڦهڪائيندا، هڻندا ۽ پيا کڻندا آهن، جن کي ٻُڌي هڪ پاسي حيرت ته ٻئي پاسي مزو به زبردست پيو ايندو آهي. ٿورا ڏينهن ٿيندا، گوالياري گويو ۽ وات جو ٿورو پلٽن وانگر ڇوٽ.... استاد فتح علي خان منهنجي آفيس ۾ جهوني پراڻي راڳي غفور گل کي جو ويٺل ڏٺو ته کِلي کيڪاريندي چيائينس.... آ... ”کڙپيل“! تنهن تي غفور گل... استاد پاران اهڙي لقب لائڻ تي پيشانيءَ مٿان تتل ٽانڊي جهڙو گهنڊ ٺاهي وراڻيس ٿو... ”گهٽ اوهين به ناهيو.“ هاڻي فتح علي ته کِل ڀوڳ ۾ اهو لفظ چيو، پر ٻن ”کڙپيلن“ ۾ لفظي جنگ ڇڙي پئي. تڏهن مون سوچيو... هي لفظ، کڙپيل ڪا گار ته آهي ڪو نه، جو هي ٻئي معزز هڪ ٻئي کي لفظي کڙهون هڻڻ کان اصل ئي ڪو نه پيا مُڙن، پوءِ مون ان لفظ جو اشتقاق ڪري، ان جي معنى ڳولي هٿ ڪئي. جي ها! کڙ جي ته معنى کڙ ٿي، جيڪا ٺهندي هيئن آهي، جو سرنهن، ڄانڀي يا ڪڪڙن کي گهاڻي واري ڪونڊيءَ ۾ وجهبو آهي، پوءِ اکيون ٻڌل ڏاند پيو ڦرندو آهي ۽ پيو ٻجن کي پيڙيندو آهي، سو ان عمل کي چئبو آهي، ٻج پيڙهڻ (ڀيلڻ) ۽ اجهو هي، ان مان ئي ”کڙ“ تيار. پوءِ مون غفور گل راڳي کي سمجهايو ته، ”بابا پنهنجي لاءِ لفظ کڙپيل تي ناراض نه ٿي، جو ان جي معنى ٿي ته تون هالو چالو نه، پر هڪڙو ڇنڊيل ڇڙيل ۽ زبردست ۽ رياضت جي وڏن ڪن ڪشٽن مان پار پيل بهترين ڳائڻو آهين.“

Monday, July 20, 2015

ڳالھ مڙئي ڳُڙ - مٺل جسڪاڻي

ڳالھ مڙئي ڳُڙ
مٺل جسڪاڻي
”ڳالھ مڙئي ڳُڙ“ اصل حقيقت موجب ڇا آهي؟ اها مون کان وڌيڪ سائين حيات علي شاھ بخاري کي خبر هوندي. ممڪن آهي ته جيتري خبر سائين حيات علي شاھ بخاري کي هجي، اوتري يا ان کان ڪجھ سرس معلومات سائين عبدالله جروار ۽ شايد اڃا به ڪجھ ڳچ خبر وري سائين عبدالوهاب سهتو صاحب کي هوندي.

Saturday, July 11, 2015

لاجواب تمثيل - منظور ڪوھيار

لاجواب تمثيل
منظور ڪوھيار
منهجو دوست عيد محمد الحديدي ۽ مان موڪل واري ڏينهن تي ملير (ڪراچي) جي پهاڙين تي چڪر چاڙي ڏيندي، ڪنهن نه ڪنهن تمثيل يا چوڻيءَکي بنياد بڻائي پيا احوال ڪٽيندا آهيون. هو تمثيل جي حوالي سان مولانا روم جي گس تي هلندڙ ۽ مان گوتم ٻڌ جي واٽ تي. پوءِ ڪڏهن هو حاجي ته مان قاضي، ڪڏهن مان حاجي ته هو قاضي.

Friday, July 10, 2015

ٿر ۽ مينهن بابت لوڪ ڏاهپ - نور احمد جنجهي

ٿر ۽ مينهن بابت لوڪ ڏاهپ!
نور احمد جنجهي
مينهن جي رحمت هن ڪائنات لاءِ سدائين اهميت واري رهي آهي. انسان مينهن وسڻ لاءِ سدائين آسائتو رهيو آهي، ڪڏهن انهي رحمت جي تکي رهڙ اچي ٿي وڃي ته پوءِ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سموري جيوت متاثر ٿي پوي ٿي جنهن جي واهر ۾ ڪيئي ادارا ۽ ادارڙيون ماڪڙ وانگر نڪري ٿيون پون، متاثرن جي نالي ۾ پنهنجا پيٽ يا پاڪيٽ ڀري، مچي متاريون ٿي پون ٿيون. سنڌ ۾ گذريل ڏهاڪي دواران جيڪي ٻوڏون ٿيون تن ۾ اهو ڌنڌو دل کولي ڪيو ويو تان جو انهي ڪم ڪندڙ سنڌي سماجي ڪارڪن کي هرڪو ڌن داتا چور ۽ ٺڳ سمجهي پاسو ڪرڻ لڳو نتيجي ۾ سموري ايندڙ فنڊنگ مدي پئجي ويئي، جنهنجو نقصان سڄيءَ سنڌ ڀوڳيو. اهو موضوع وري ڪنهن ٻئي ڀيري، اڄ اچو ته ڏسون ٿر ۾ مينهن بابت ڪو مذڪو ڇيڙيون، جنهن ۾ ماضي به ياد ڪريون ته مستقبل جي اوک ڊوک لاءِ اک ڊوڙايون.

Wednesday, June 10, 2015

انبن جون سِڪون، انبڙيون ناهن لاهينديون - مٺل جسڪاڻي

انبن جون سِڪون، انبڙيون ناهن لاهينديون

مٺل جسڪاڻي



هر چوڻي جي پٺيان ڪا نه ڪا تاريخ هوندي آهي، پر ان تاريخ ۽ جاگرافي جي خبر انهن کي، جن جي آس پاس چوڻي جو بنياد پيو هوندو آهي.

”انبن جون سِڪون انبڙيون ناهن لاهينديون“ پڻ تمام گهڻي پراڻي چوڻي آهي. ان جو بنياد ڪيئن پيو؟ تنهن جي، پاڻ ماڻهن کي، جيڪي واندا نه هوندي به واندا لڳندا آهن، انهن کي خبر نه آهي ۽ ڀلي ته موجوده سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ لغتون ۽ ٻي معلومات انٽرنيٽ تي دستياب هجي، پر ٻين چوڻين وانگر هن چوڻي جي به تاڃي پيٽي تي پهچي سگهجي، سو نه ضروري ۽ نه ئي غير ضروري آهي، نه ممڪن ۽ نه ئي ناممڪن آهي.

نمي کمي نهار تون - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

نمي کمي نهار تون
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
”صبر جن جو سير تير نه گسي تن جو“ جي قديم چوڻيءَ موجب اها حقيقت آهي ته صبر واقعي هڪ لازوال انساني قوت آهي، جنهن ۾ خدا پاڪ خود انهيءَ صابرين جو ساٿي آهي. رب پاڪ فرمائي ٿو:
ترجمو: اي ايمان وارو مدد وٺو الله جي صبر ۽ نماز سان بيشڪ خدا پاڪ صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.

Saturday, May 30, 2015

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
چڱا ڪَن چڱايون، مَٺايون مَٺنِ،
جو وڙُ جُڙي جن سين، سو وَڙُ سي ئي ڪن.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (رحه) جو مٿيون بيت انساني ڪردارنگاريءَ کي ٻن سٽن ۾ تمام اونهائيءَ سان بيان ڪري ٿو. شاهه سائينءَ جو سڄو ڪلام انساني زندگيءَ جو مڪمل اڀياس آهي، سندن مطابق چڱا لڇڻ يا سٺا اخلاق هڪ وڻندڙ عمل ۽ اهڙو واپار آهي، جيڪو نه پئي پراڻو ٿئي ۽ نه ئي کپائڻ سان کُٽي ٿو. چڱايون خاص ڪنهن جي ميراث نه آهن، پر چڱاين کي جيڪو پنهنجو ڪندو سو پنهنجي حيثيت، وت ۽ ماحول آهر نه صرف پاڻ مستفيض ٿيندو، پر ٻيا به پيا هن سُرهاڻ سان واسبا.

ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿيئي - حسين بخش ٿيٻو

ڀڳي سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿيئي
حسين بخش ٿيٻو
هر شام شمعدانن ۾ تيل وجهي بتيون ٻاريون وينديون هيون ته انهن جي جهرمر ۽ دريا طرف کان لڳندڙ ٿڌڙي هير اصل من مست ڪري ڇڏينديون ھيون. ٻڍاپور ريلوي اسٽيشن ويجهو منهنجو ننڍپڻ جو ڳوٺ ٿيٻا، هي مغل سامراجين سان چوٽون کائيندڙ منهنجي وڏڙن جو ڳوٺ آهي جنهن جو ذڪر مغل دور جي تاريخ نويس يوسف ميرڪ جي ڪتاب تاريخ مظهر شاھ جهاني ۾ ملي ٿو. ٿوري فاصلي تي دادو مين روڊ تي خاصائي شورن جو اسٽاپ آهي. هي خاصائي شورا، مغلن سان چوٽون کائيندڙ ۽ بهادرن دائود شورو ۽ جهونجهار شورو جو ڳوٺ آهي. ٻڍاپور يا ٻڌپور جو ذڪر اسان کي علي ڪوفي جي چچ نامي ۾ وڏي قلعي جي صورت ۾ ملي ٿو. هاڻي ننڍڙو ڳوٺ ۽ ريلوي اسٽيشن مانجهند ۽ پيٽاڙي جي وچ ۾ آهي، صبح جو سويرو ڪتاب ۽ سليٽ، ٿيلهي ۾ وجهي هڪ ميل تي هندن طرفان خوبصورت جوڙايل وسندي “ڀيان” جي اسڪول وڃبو هو. پاڪستان کان پهرين هڪ ميل تائين سڌي مکيه بازار جنهن ۾ دوڪان دنيا جهان جي مال سان ڏٽيل هوندا هُئا. آمهون سامهون سڌيون گهٽيون ۽ ويڪرا چؤڪ، شام جو پخالي مکي پڪين سرن سان جڙيل بازار ۾ ڇڻڪار ڪندا هُئا. بازار جي ٻنهي پاسن کان ٿوري ٿوري پنڌ تي روشني لاءِ لڳل شمعدان جنهن ۾ هر شام جو تيل وجهي بتيون ٻاريون وينديون هيون ته انهن جي جهرمر ۽ دريا طرف کان لڳندڙ ٿڌڙي هير اصل من مست ڪري ڇڏينديون هيون.

Friday, May 29, 2015

زبان چم جي، وڏي ڪم جي - مٺل جسڪاڻي

زبان چم جي، وڏي ڪم جي

مٺل جسڪاڻي



اوهان چوڻي ٻُڌي هوندي؛ ”زبان چم جي، ڪنهن نه ڪم جي“، ۽ اوهان ان کي ”مُنڊيءَ تي ٽڪ“، يعني بلڪل درست به سمجهندا هوندا، پر منهنجو ذاتي تجربو ڪجهه ان ريت آهي ته؛ ”زبان چم جي، وڏي ڪم جي“...

ٿيو هيئن ته وڏي آواز سان ڳالهائي، ڪم وٺي ويندڙن کي ڏسي، مون کي به اٽڪل سُجهي آئي! سو دير نه ڪيم. جڏهن به، جنهن ۾ به، جيڪو به، ڪم ڦاسي، وٺي گوڙ ڪريان، هُل مچايان، ته اڳئين کي آئون وڻان نه وڻان، منهنجي ڳالهه سمجهي نه سمجهي، ڪم جائز ناجائز هجڻ جو فيصلو ڪري نه ڪري، پر منهنجي شور شرابي مان بيزار ٿي، منهنجو ڪم ڪري، مون کي روانو ڪريو ڇڏي.

Monday, May 25, 2015

دٻليءَ ۾ درياهه - نصير مرزا

دٻليءَ ۾ درياهه!
سومر 25 مئي 2015ع
نصير مرزا

”آئي امان ڪاڏي!؟...“ ”آئي امان وڃان ٿي لياريءَ مان مائي ڦاپو مڪرانڻ کان ”ٺُونگو هڻائڻ.“ اڙي هان... هي لفظ ٺونگو ڇا!؟ ۽ علي احمد بروهي صاحب واتان تقرير ۾ اهو لفظ ٻُڌي، کانئس ان جي معنى وڃي مون پُڇي. چيائين، ”ٺونگو هڻائڻ“ معنى مٿي مان ”جوئون ڪڍرائڻ.“ اصل ۾ اهو علامتي ۽ اُهڃاڻي گفتگوءَ جو هڪڙو ڏانءُ ۽ هڪڙو سليقو آهي، جنهن کي پاڻ ته سنڌيءَ ۾ سڏيون... محاورا... پهاڪا... چوڻيون... هنديءَ وارا سڏين ڪهاوتون... ڪهه مڪرنيون ۽ پاڻ وارا عرب سڳورا... ۽ ڪُجا ڪُجا چوڻ وارا فارسي دان واري انهيءَ هئر کي آکين... ”ضرب المثل!“ ۽ بابا... انهن چوڻين کي مختلف ٻولين وارا، نالا کڻي پوءِ ڪهڙا به ڏين، باقي دنيا جي سڀني ٻولين ۾، اهي چوڻيون ايتريون ۽ ايتريون ته لاتعداد آهن، جو پني تي لکي کوهن ۾ اُڇليندا وڃو، کوهه ڀرجي ويندا، اهي مُيون نڀاڳيون، چوڪ چنڊيون چوڻيون ڪو نه کُٽنديون. اصل ۾ لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ ادب تي ته...هر ڳالهه تي ڀاري ڀرڪم، آواز ۾...بَلي بلي... چوندڙ ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاندار ۽ زبردست ڪم ڪيو آهي. باقي سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود اپرمپار چوڻين ۽ پهاڪن کي سهيڙڻ وارو ڪم اول اول يا ته مرزا نادر بيگ ڪيو يا گڏوگڏ ڪاڪي ڀيرومل، ڊاڪٽر سنديلي صاحب، ڊاڪٽر جيٽلي يا ويجهي ماضيءَ ۾ وري بمبئي يونيورسٽي واري هڪڙي سانوري بانوري نوجوان... ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي ڪيو آهي. هن جوان ته، ان موضوع تي، اڪو ئي ڊاڪٽريٽ واري ٿيسز به تيار ڪري ورتي آهي ۽ اهڙي؟ جو هٽ پري ڪو! اڙي بابا... هن سانورڙي جوان 2006ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ رٿيل انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾، پنهنجي ان ڪتاب جو هڪ باب ڇا پڙهڻ شروع ڪيو، خلق کي... اصل ڏندين اڱريون اچي ويون. ڪي ڪي چوڻيون ته، ايڏيون دلبهار رس دار ۽ پُر بهار جو ٻُڌيو، ماڻهو کِليو کِليو کيرا پئي ٿيا. ان وقت منهنجي ڀرسان ته ڪو بنهه ٿلهو متارو جارج پنجم جهڙو ٺوڙهو پوليس آفيسر ويٺو هو، جيڪو کِلڻ وقت ايڏو ته هيٺ مٿي ۽ آسيرو پاسيرو پئي ٿيو، جو ان کي ڏسي، منهنجي حالت وري اهڙي جو کِلي کِلي مرڳو بيهوش ٿئي ٿيس. چيائين پئي...”واڻيو پئسي جو پُٽ“، ”واڻيو وياج ۾، سڳي ڌيءَ مان به نه ٽري“... ”ڪنڀار... ڪنڀارڻ سان نه پُڄي ته مروڙي گڏهه جا ڪَن“ ”ڪُنڀر جي گهر...ڀڳل دلو...“ ڌوٻيءَ جو ڪتو؟... نه گهر جو، نه گهاٽ جو.“ ”موچيءَ جا گهڙيا موچيءَ جي مُنهن ۾“... ”يار به چاڪي، سينڌ به اڻڀي“، ”سونارو ماءُ جي نٿ مان به نه مُڙي...“، ”سون کي ڪهڙي ڪس.“ انڌن وڃي ملتان لڌو“، ”انڌي هنگي ٻه سيڙائي...“، ”ايمڻا...؟ سو تيل ٿي پيو“، ”انڌي جهڙي ساهري تهڙي پيڪي“، ”ٻٽيهه منڊ، منڊن ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو“، ”گنجي جي مٿي ۾، نه ليک، نه جُون“، ”گنجو ساماڻو ته سڀني کڻي ماٺ ڪئي“، ”عامل نه دوست ڦڦڙ نه گوشت“، ”سيد ۽ سپاهي، تن کان امان ۾ رکج يا الاهي!“ اڙي بابا... ڪي ڪي چوڻيون ته هم قافيه به ٿين. ڀانئيان ٿو اهي پڪ سان ڪي شاعراڻو مزاج رکندڙ ئي جوڙيون هونديون... مثال طور؛ ”جهڙو مُنهن، تهڙو موچوڙو“، ”جيڪو چُلهه تي، سو دل تي...“، ”جهڙو راجا، تهڙي پَرجا...“، ”جيڪي ويا جاوا، سي ٿيا ساوا...“، ”ڌڻي مٺا وس ڪجانءِ، ماسيءَ منجهان سسُ ڪجان...“، ”لکي لکانو، پڙهي الانو...“، ”ڌوٻي ڌوئي، ڌڻي روئي“، ”حجام ۽ پاڪي، چڳ نه رهندي باقي“، ”ڪوري؛ آپت ٿوري!“، ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي...“، ”قاضي ڄاڻي يا قاضيءَ جي قيام ڄاڻي...“، ”هيتري تر جيڏي، ميرن جا ٿي پٽڪا لاهي“، ”مالڪ يار... ته ٻيڙا پار“، ”گهر ويٺي گهران، اڱڻ آئي نه سهان“، ”پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي“، ”ڏيرياڻيون، توڙ جون ويرياڻيون“، ”ڪٽنب ننڍو، سک وڏو“، ”ٻه به ويون ته ڇهه به ويون.
۽ يارو هيڏانهن منهنجو هي جيڪو خوش سڀاءُ ۽ بي حد هجائتو يار آهي... انعام شيخ! ان ٻه هزار چوڏهن ۾ تاج جويي ۽ پندرهن ۾ منهنجي ريٽائرمينٽ بابت هي ڇا ته زبردست تاريخي محاورو ٺاهي ورتو آهي: ”چوڏهن چَٽ ۽ پندرهن پَٽ.“ ۽ اڙي بابا! هي جيڪو آئون خلق کي بظاهر مٺو ۽ ماٺيڻو لڳندو آهيان... سو طبعيتن محاورا ٺاهڻ تي ته منهنجي به هر وقت زبان روان دوان نظر ايندي آهي. مثال طور... ٽنڊو ڄام... اسرار شام، ڄاڃي ٻرڙو... ڪوثر ٻرڙو، علي قاضي...ولي قاضي، ادل سومرو... بار هوٿرو، اياز گل...کڻ غزل، ناز سهتو... پهتو پهتو، تاج جويو... هٽو بچو، انعام شيخ... يا شيخ..! ناشاد... هردم شاد، تاج بلوچ... لٺ بلوچ، محمود مغل... هل پيو هل. خير دوستو محاورن... پهاڪن ۽ پنهنجن ديسي چوڻين ڏانهن آئون هڪ ڀيرو وري به موٽندس، پر وچ ۾ هي ڪجهه پرڏيهي چوڻيون به پڙهو. جيئن مثال طور يوگو سلواڪيه، وارا چوندا آهن... ”انڌن کي ڪهڙو فڪر ته ميڻ بتين جو اگهه وڌي ويو آهي.“ ”نانوائي... زال مڙس پاڻ ۾ وڙهيا ته ويڙهه ۾ ٻلي کڻي تنُور ۾ اُڇلي ڇڏيائون.“ اسپينش ٻوليءَ جي هڪ چوڻي آهي... ”گڏهه مالڪ کان ڪُٽبو به جام آهي، پر پوءِ به ٽوٽي مالڪ جي سيرانديءَ کان بيهي صبح سان ڍينچون ڍينچون ڪري کيس جاڳائيندو به پاڻ ئي آهي.“ فرانسيسي ٻوليءَ جي چوڻي آهي ته، ”شينهن جي پُڇ ٿيڻ کان بهتر آهي ته ڪُتي جو وات وڃي ٿجي.“ ائين انگريز بادشاهن جون چوڻيون به واهه وا... ”احمق دعوتون جهليندا آهن ۽ عقلمند مزا وٺي وٺي کائيندا آهن...“، ”جنهن به کوهه ۾ ڏول لهندو رهندو، اهو خشڪ ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺندو.“ هوڏانهن جُبن وارا هي، جيڪي هڻ لٺ عرب سڳورا آهن، انهن جون به چوڻيون بلي بلي... ۽ ڪمال ڪمال. سندن چوڻ آهي ته...”چوڻيون، ڪهاوتون اهڙيون، يتيم ڇوڪريون آهن، جن جي حُسن جمال سان هي جهان هر وقت پيو جرڪي...“ سندن چوڻ آهي ته، ”تلوار ئي بهادر جي معشوقه هوندي آهي...“، ”موت جو انتظار صرف جنگ جي ميدان ۾ ئي ڪرڻ گهرجي.“ هوڏانهن هو جيڪي پين پان پان پون پون وارا چيني محاورا آهن، اهي به سائين: ڪيا هي بات! چوندا آهن، ”ڊگها مينار... پنهنجي پاڇولي سان ئي ماپيا ويندا آهن...“ ڪنهن به ملڪ جا بادشاهه، ڪنهن محل وانگر ٿيندا آهن. ان جا وزير وزراءَ ڏاڪن وانگر ۽ رعايا زمين وانگر هوندي آهي، جنهن تي اهي بادشاهه، ڇيڳ پيا چرندا آهن.“ هاڻي هي پاڻ واري ماءُ ٻولي قومي ٻولي سنڌيءَ جا ڪي ٻيا قول ۽ ٻول ڏسو، جيڪي پنهنجي اڻت ۾ خالص واڻڪا محاورا ٿا محسوس ٿين. ”ٻه ڀائر ٽيون ليکو...“، ”نُنهن هر ڪو ٻئي جي ساراهي ۽ ڌيءُ پنهنجي...“، ”آئي ٽانڊي لاءِ ٿي ويٺي بورچياڻي...“
۽ اڙي بابا... هي ته ديڳ منجهان مون محض مزي مزي جهڙا ڪي داڻا ڪڻا چونڊي هنن پنن تي وکيريا آهن، ۽ جي انهن جي چوس تي ڪو پاٺڪ اهڙا ٻول... محاورا... ۽ پهاڪا وڌيڪ پڙهڻ چاهي ته ڊاڪٽر مُرلي ڌر جيٽلي صاحب جو مرتب ڪيل اهڙو پستڪ شوق سان وڃي پڙهي ۽ گدگد ٿئي، جنهن ۾ محض ڪي سئو ٻه نه!! پورا ٻارهن هزار، سنڌي محاورا ۽ پهاڪا هن هڪ هنڌ کڻي هڪيا ڪري، اسان کي ڏنا آهن. ۽ اڙي بابا! هي جو مون مٿي به ڪٿي لکيو ته پاڻ واري جوان محقق روي پرڪاش ٽيڪچنداڻيءَ ته ان موضوع تي مرڳو ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺي ڏيکاري اٿوَ. اڇا! پهاڪن جي ڏس ۾ بس باقي ٿوري ننڍڙي هيءَ به ڳالهه ته هي ٻول، ائين هوندا آهن، جيئن دٻليءَ ۾ درياهه، ڪوزي ۾ سمونڊ يا جهڙا مُنڊيءَ ۾ ٽڪ يا جهڙا ٻج ۾ پورا پورا وڻ... ۽ ڪو سڄاڻ خطيب ۽ ماهر مقرر پنهنجي خطاب دوران... انهن چوڻين کي جي درست هنڌ تي فٽ ڪندو ويندو ته انشاءَ الله... داد... تعريف ۾... تاڙين جا ڦهڪا به خوب خوب ماڻيندو... يعني مطلب ته... (۽ اهو منهنجي دوست خدا بخش ابڙي جو تڪيه ڪلام آهي) يعني ڳالهه ڪرڻ جو... مطلب هي ته جيڪو جيڪو به قلمڪار يا مقرر... پنهنجي لکت يا گفتار ۾ جيڪڏهن چوڻين کي درست چُست انداز ۾ واپرائڻ تي قادر!؟ ته پوءِ اهڙي ليکڪ يا خطيب کي سڏيو ۽ سمجهيو ئي ويندو اٿوَ، راڄ جو راڻو ۽ اسلوب ان جو پڙهڻ ۾ ائين پيو معلوم ٿيندو آهي، جهڙو ريشمي ڪو ئي: ”هنڌ وهاڻو.“